Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




فلپين 2:29 - Sindhi Bible

29 تنهنڪري خداوند ۾ گهڻي خوشيءَ سان هن جو استقبال ڪجو؛ ۽ اهڙن کي عزت ڏيندا رهجو:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

29 سو پرڀو يسوع ۾ وڏي خوشيءَ سان سندس آڌرڀاءُ ڪجو ۽ هن جهڙن شخصن کي مان ڏيندا رهجو،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

29 سو خداوند عيسيٰ ۾ وڏي خوشيءَ سان سندس آڌرڀاءُ ڪجو ۽ هن جهڙن شخصن کي عزت ڏيندا رهجو،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

29 سو خداوند جا ھئڻ ڪري کيس ڀاءُ سمجھي وڏي خوشيءَ سان سندس آڌرڀاءُ ڪجو ۽ اھڙن شخصن کي عزت ڏيندا رھجو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




فلپين 2:29
21 Iomraidhean Croise  

انهيءَ جا قدم جبل تي ڪهڙا نہ مبارڪ آهن، جيڪو خوشخبري ٿو آڻي، ۽ جيڪو سلامتيءَ جي پڌرائي ٿو ڪري؛ جيڪو ڀلائيءَ جي خوشخبري ۽ نجات جي پڌرائي ٿو ڪري؛ جيڪو صيون کي چوي ٿو تہ تنهنجو خدا بادشاهي ٿو ڪري.


۽ جيڪي بہ ماڻهو اوهان کي قبول نہ ڪن، تہ اُنهي شهر کان ٻاهر نڪري پنهنجي پيرن جي مٽي ڇنڊي ڇڏجو، تہ مٿن شاهدي ٿئي.


آئون اوهان کي سچ سچ ٿو چوان تہ جنهن کي آئون موڪليان ٿو، تنهن کي جيڪو قبول ٿو ڪري، سو مون کي ٿو قبول ڪري، ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري، سو اُنهي کي قبول ٿو ڪري جنهن مون کي موڪليو آهي.


۽ روزبروز هڪ دل ٿي هيڪل ۾ گڏ ٿيندا هئا، ۽ پنهنجن گهرن ۾ ماني ڀڃي خوشيءَ ۽ دل جي صفائيءَ سان کائيندا هئا،


اُنهن بہ اسان کي گهڻو مانُ ڏنو؛ ۽ جڏهن روانا ٿي ٿياسين، تڏهن جيڪي گهُربو هيوسين، سو جهاز تي آڻي رکيائون.


سو انهي شهر ۾ ڏاڍي خوشي ٿي ويئي.


۽ جيسين هو موڪليا نہ وڃن، تيسين ڪيئن منادي ڪندا؟ جيئن لکيل آهي تہ، ”جيڪي چڱين ڳالهين جي خوشخبري ٿا آڻين، تن جا قدم ڪهڙا نہ مبارڪ آهن!“


تہ اوهين هن کي خداوند ۾ قبول ڪريو، جيئن پاڪ ٿيلن کي واجب آهي، ۽ جنهن ڳالهہ ۾ اوهان جي ضرورت هجيس، تنهن ۾ سندس مدد ڪجو، ڇالاءِ جو هوءَ پاڻ بہ گهڻن ئي جي مددگار ٿي رهي آهي، بلڪ خود منهنجي بہ.


هاڻي جي تيمٿيس اچي تہ اهو خيال رکجو تہ اوهان وٽ بي ڊپو رهي، ڇالاءِ جو هو بہ خداوند جو ڪم ائين ٿو ڪري جيئن آئون ٿو ڪريان.


۽ هنن منهنجي ۽ اوهان جي روح کي تازو ڪيو. اهڙن کي قبول ڪريو.


ڇالاءِ جو جيڪو پنهنجي تعريف ٿو ڪري سو قبول نٿو پوي، پر اهو جنهن جي خداوند تعريف ٿو ڪري.


اسان کي قبول ڪريو، اسان ڪنهن سان بہ ظلم نہ ڪيو، نڪي ڪنهن کي بگاڙيو، نڪي ڪنهن کي ٺڳيو.


تنهنڪري مون ڏاڍو سعيو ڪري کيس موڪليو آهي، انهي لاءِ تہ اوهين بہ هن کي وري ڏسي خوش ٿيو، ۽ منهنجو ڏک بہ گهٽ ٿئي.


ارسترخس، جو مون سان گڏ قيد ۾ آهي، ۽ برناباس جي سوٽ مرقس (جنهن جي بابت اوهان کي حڪم مليو، اهو جي اوهان وٽ اچي تہ انهي جو استقبال ڪجو.)


پر اي ڀائرو، اسين اوهان کي عرض ٿا ڪريون تہ جيڪي اوهان ۾ محنت ڪن ٿا، ۽ خداوند ۾ اوهان جا پيشوا آهن، ۽ اوهان کي نصيحت ٿا ڪن، تن جي عزت ڪريو،


جيڪي بزرگ چڱيءَ طرح حڪم ٿا هلائين، خاص ڪري اُهي جي ڪلام ۽ تعليم جي ڪم ۾ محنت ٿا ڪن، سي ٻيڻيءَ عزت جا لائق سمجهڻ گهرجن.


جيڪي اوهان جا اڳواڻ آهن، تن جا تابعدار ۽ فرمانبردار رهو: ڇالاءِ جو هو اوهانجن روحن جي فائدي لاءِ انهن وانگر سجاڳ ٿا رهن، جن کي حساب ڏيڻو پوندو؛ تان تہ هو اِهو ڪم خوشيءَ سان ڪن، نہ رنج سان، ڇالاءِ جو انهيءَ طرح اوهان کي ڪوبہ فائدو ڪونهي.


تنهنڪري جي آئون آيس تہ جيڪي ڪم هو ڪري ٿو، سي اچي ظاهر ڪندس، تہ ڪيئن هو اسان جي برخلاف خراب ڳالهيون ٿو بڪي. ۽ ايتري تي بہ راضي نہ آهي پر پاڻ ڀائرن کي قبول نٿو ڪري، ۽ جيڪي قبول ڪرڻ گهُرن ٿا تن کي بہ منع ٿو ڪري، ۽ ڪليسيا مان ڪڍيو ڇڏي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan