Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




فلپين 2:27 - Sindhi Bible

27 سچ پچ هو بيمار هو ۽ مرڻ تي هو، پر خدا مٿس رحم ڪيو، ۽ نہ رڳو مٿس، پر مون تي بہ، تہ مون کي ڏک پٺيان ڏک نہ رسي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

27 هو ايتري قدر بيمار هو جو مرڻ تي هو. پر ايشور مٿس ديا ڪئي، نہ رڳو هن تي پر مون تي بہ، جو مون کي ڏک پٺيان ڏک کان بچايائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

27 هو ايتري قدر بيمار هو جو مرڻ تي هو. پر خدا مٿس رحم ڪيو، نہ رڳو هن تي پر مون تي بہ، جو مون کي ڏک پٺيان ڏک کان بچايائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

27 سچ⁠پچ ھو بيمار ھو ۽ مرڻ تي ھو. پر خدا مٿس رحم ڪيو، نہ رڳو ھن تي پر مون تي بہ، جو مون کي ڏک پٺيان ڏک کان بچايائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




فلپين 2:27
23 Iomraidhean Croise  

انهن ڏينهن ۾ حزقياہ سخت بيمار ٿي پيو ۽ مرڻ تي هو. ۽ يسعياہ بن آموص نبي هن وٽ آيو، ۽ چيائينس تہ خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ پنهنجي گهر جو بندوبست ڪر؛ ڇالاءِ جو تون مرندين، ۽ جيئرو نہ رهندين.


هو ڇهن مصيبتن مان ڇڏائيندو، هائو، ستن ۾ بہ ڪا خرابي توکي نقصان نہ رسائيندي.


راستباز جا ڏک گهڻا ئي آهن: پر خداوند هن کي انهن سڀني کان ڇڏائي ٿو.


جڏهن تو هن کي ڪڍيو، تڏهن تو انصاف سان ساڻس حجت ڪئي؛ اُڀرندي واري واءُ جي ڏينهن هن پنهنجي سخت طوفان سان انهي کي ڪڍي ڇڏيو آهي.


ڏس، منهنجي سلامتيءَ جي لاءِ مون ايتري تڪليف سٺي: پر منهنجي روح سان محبت هئڻ جي ڪري، تو انهيءَ کي خرابيءَ جي کڏ کان ڇڏايو آهي؛ ڇالاءِ جو تو منهنجا سڀ گناهہ پنهنجي پٺيان اُڇلائي ڇڏيا آهن.


جڏهن تون پاڻيءَ مان لنگهندين تڏهن آءٌ تو سان هوندس؛ ۽ جڏهن ندين مان لنگهندين، تڏهن اهي توتي اُٿلي نہ پونديون: جڏهن تون باهہ مان لنگهندين، تڏهن نہ سڙندين؛ نڪي تو تي مچ ٻرندو.


اي خداوند، مون کي سيکت ڏي، پر انصاف سان؛ نہ پنهنجي ڪاوڙ ۾، متان مون کي نيست نابود ڪري ڇڏين.


تو چيو تہ هاڻي منهنجي لاءِ افسوس آهي! ڇالاءِ جو خداوند منهنجي سور تي ڏک وڌايو آهي؛ آءٌ دانهون ڪري ڪري ٿڪجي پيو آهيان، ۽ آرام ڪونہ ٿو اچيم.


شل ڏک کان آءٌ پاڻ کي تسلي ڏئي سگهان! منهنجي دل منهنجي اندر ۾ ماندي ٿي ٿئي.


اي خداوند، آءٌ تنهنجي ناموس ٻڌي ڏڪي ويو آهيان. اي خداوند، تون پنهنجو ڪم هن ئي زماني ۾ بحال ڪر. هن ئي زماني ۾ انهي کي پڌرو ڪر؛ قهر جي وقت ۾ رحم ياد ڪر.


۽ انهن ڏينهن ۾ هيئن ٿيو جو هوءَ بيمار ٿي مري ويئي: ۽ اُنهيءَ کي غسل ڪرائي ماڙيءَ تي هڪڙيءَ ڪوٺيءَ ۾ کڻي رکيو هئائون.


اوهان تي ڪا اهڙي آزمائش ڪانہ اچي پيئي آهي جا انسان سهي نہ سگهي: پر خدا سچو آهي، ۽ جيترو اوهين سهي ٿا سگهو تنهن کان وڌيڪ آزمائش ۾ اوهان کي پوڻ ڪين ڏيندو، پر آزمائش سان گڏ بچي نڪرڻ جو رستو بہ ٺاهي ڏيندو، تہ اُها اوهين برداشت ڪري سگهو.


تنهنڪري اوهان کي گهرجي تہ کيس معاف ڪريو ۽ تسلي ڏيوس، متان اهو ماڻهو گهڻي غم ڪري برباد ٿي وڃي.


هن کي اوهان سڀني جي ڏاڍي سڪ هئي، ۽ اوهان سندس بيماريءَ جي خبر ٻُڌي هئي، تنهنڪري هو ڏاڍو بي آرام ٿي رهيو.


تنهنڪري مون ڏاڍو سعيو ڪري کيس موڪليو آهي، انهي لاءِ تہ اوهين بہ هن کي وري ڏسي خوش ٿيو، ۽ منهنجو ڏک بہ گهٽ ٿئي.


ڇالاءِ جو هو مسيح جي ڪم جي ڪري مرڻ تي هو، ۽ پنهنجي جان جوکي ۾ وڌائين، انهي لاءِ تہ منهنجي خدمت ۾ اوهان جي طرفان جيڪا گهٽتائي هئي، سا پوري ڪري.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan