Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




فلپين 1:4 - Sindhi Bible

4 ۽ پنهنجي سڀ ڪنهن دعا ۾ هميشہ خوشيءَ سان اوهان سڀني جي لاءِ دعا گهُرندو ٿو رهان،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

4 هر اها پرارٿنا، جيڪا اوهان سڀني لاءِ ٿو ڪريان سا هميشہ خوشيءَ سان ڪندو آهيان،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

4 هر اها دعا، جيڪا اوهان سڀني لاءِ ٿو گھران سا هميشہ خوشيءَ سان گھرندو آهيان،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

4 ھر اھا دعا، جيڪا اوھان سڀني لاءِ ٿو گھران سا ھميشہ خوشيءَ سان گھرندو آھيان،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




فلپين 1:4
14 Iomraidhean Croise  

۽ هو هميشہ رات ڏينهن قبرن ۽ ٽڪرن ۾ پيو رڙيون ڪندو هو، ۽ پاڻ کي پهڻن سان ڦٽيندو هو.


ساڳيءَ ريت آئون اوهان کي چوان ٿو تہ هڪڙو گنهگار جو توبهہ ٿو ڪري، تنهن لاءِ خدا جي ملائڪن ۾ خوشي ٿي ٿئي.


آئون اوهان کي چوان ٿو تہ ساڳيءَ طرح نوانوي سچار ماڻهو، جن کي توبهہ درڪار نہ آهي، تنهن کان هڪڙو گنهگار جو توبهہ ٿو ڪري، تنهن لاءِ آسمان ۾ وڌيڪ خوشي ٿيندي.


ڇالاءِ جو خدا منهنجو شاهد آهي، جنهن جي فرزند جي خوشخبري ٻُڌائڻ ڪري آئون پنهنجي روح سان سندس عبادت ٿو ڪريان، تہ ڪيئن نہ آئون هردم اوهان کي پنهنجين دعائن ۾ ياد پيو ڪريان،


تہ اوهين منهنجي هيءَ خوشي پوري ڪريو تہ هڪدل ٿي رهو، هڪجهڙي محبت رکو، همراهہ ۽ هم خيال ٿي گذاريو؛


ڇالاءِ جو جيڪي هلن ٿا، تن مان گهڻيئي مسيح جي صليب جا دشمن آهن، جن جو ذڪر ڪيترائي ڀيرا مون اوهان سان ڪيو آهي، ۽ هاڻي بہ روئي روئي اوهان کي چوان ٿو:


تنهنڪري، اي منهنجا پيارا ڀائرو، جن جو آئون مشتاق آهيان ۽ جي منهنجي خوشي ۽ تاج آهيو، خداوند ۾ انهي طرح قائم رهو.


ڇالاءِ جو جيتوڻيڪ آئون جسم جي ڪري غير حاضر آهيان، تڏهن بہ روح جي ڪري اوهان وٽ آهيان، ۽ اوهان جو انتظام ۽ مسيح ۾ اوهان جي ايمان جي پختائي ڏسي خوش ٿو ٿيان.


اسين هميشہ اوهان سڀني جي لاءِ خدا جا شڪرانا بجا ٿا آڻيون، ۽ پنهنجين دعائن ۾ اوهان کي ياد پيا ڪريون؛


ڇالاءِ جو مون کي تنهنجي محبت جي ڪري گهڻي خوشي ۽ تسلي ٿي آهي: اي ادا، تنهنجي ڪري ئي پاڪ ٿيلن جون دليون تازيون ٿيون آهن.


آئون ڏاڍو خوش ٿيس جو جيئن اسان کي پيءُ کان حڪم مليو تيئن ئي مون تنهنجن ٻارن مان ڪن کي حق تي هلندو ڏٺو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan