Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




فلپين 1:30 - Sindhi Bible

30 اوهين بہ اهڙيءَ طرح جانفشاني ٿا ڪريو، جهڙيءَ طرح اوهان مون کي ڪندو ڏٺو هو، ۽ هاڻي بہ ٻُڌو ٿا تہ ائين ئي پيو ڪريان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

30 اوهين بہ خوشخبريءَ جي لاءِ ساڳيءَ سخت ڪوشش ۾ شامل آهيو، جيڪا اوهان مون کي ڪندي ڏٺي هئي ۽ هاڻي بہ ٻڌو ٿا تہ آءٌ ائين ئي پيو ڪريان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

30 اوهين بہ خوشخبريءَ جي لاءِ ساڳيءَ سخت ڪوشش ۾ شامل آهيو، جيڪا اوهان مون کي ڪندي ڏٺي هئي ۽ هاڻي بہ ٻڌو ٿا تہ آءٌ ائين ئي پيو ڪريان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

30 اوھين بہ خوشخبريءَ لاءِ ساڳيءَ طرح جانفشاني ٿا ڪريو، جيئن اوھان مون کي ڪندي ڏٺو ھو ۽ ھاڻي بہ ٻڌو ٿا تہ ائين ئي پيو ڪريان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




فلپين 1:30
21 Iomraidhean Croise  

اهي ڳالهيون مون اوهان کي انهيءَ لاءِ چيون آهن تہ مون ۾ اوهان کي اطمينان ملي. دنيا ۾ اوهين مصيبت ۾ آهيو: پر دلجاءِ ڪريو، آئون دنيا تي غالب آيو آهيان.


ايتري قدر جو شاهي پلٽڻ جي سڀني سپاهين ۽ ٻين سڀني کي معلوم ٿي ويو آهي تہ آئون مسيح جي خاطر قيد ۾ پيو آهيان؛


انهي لاءِ آئون بہ سندس انهيءَ قدرت موافق سرگرميءَ سان محنت پيو ڪريان، جا مون ۾ تمام گهڻو اثر ٿي ڪري.


ڇالاءِ جو منهنجي مرضي آهي تہ اوهان کي خبر پوي تہ ڪيتري قدر آئون اوهان لاءِ ۽ لوديڪيہ وارن لاءِ، ۽ انهن سڀني لاءِ جن منهنجو منهن نہ ڏٺو آهي، جانفشاني ٿو ڪريان؛


پر اوهان کي اڳيئي خبر آهي تہ فلپيءَ ۾ ڏکن سهڻ ۽ بي عزت ٿيڻ کانپوءِ بہ، پنهنجي خدا ۾ همت جهلي مخالفت جو سامهون ڪري اسان اوهان کي خدا جي خوشخبري ٻُڌائي.


ايمان جي چڱي جنگ ڪر، هميشہ جي زندگيءَ تي قبضو ڪر، جنهن جي لاءِ تون سڏيو ويو هُئين، ۽ گهڻن شاهدن جي روبرو چڱو اقرار ڪيو هوءِ.


آئون چڱي ڪُشتي وڙهيو آهيان، مون پنهنجو دور آڻي پورو ڪيو آهي، آئون پنهنجي ايمان تي قائم رهيو آهيان؛


تنهنڪري جڏهن شاهدن جو هيڏو وڏو بادل اسان جي چوڌاري بيٺل آهي، تڏهن اچو تہ اسين بہ سڀڪو بار ۽ گناهہ، جو اسان کي آسانيءَ سان چنبڙيو پوي، تنهن کان پاسو ڪريون، ۽ صبر سان اُها ڊوڙ ڊوڙون، جا اسان جي لاءِ مقرر ڪئي ويئي آهي.


اوهان گناهہ جو مقابلو ڪرڻ ۾ اڃا ايتري مخالفت نہ ڪئي آهي جو رت وهايو وڃي:


۽ هو گهيٽي جي رت جي وسيلي ۽ پنهنجي شاهديءَ جي ڪلام ڪري مٿس غالب پيا، ڇالاءِ جو هنن موت تائين پنهنجو ساهہ پيارو نہ سمجهيو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan