Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




فلپين 1:25 - Sindhi Bible

25 انهي جي مون کي پڪ آهي، تنهنڪري آئون ڄاڻان ٿو تہ آئون جيئرو رهندس، هائو، اوهان سڀني سان گڏ گذاريندس، انهي لاءِ تہ اوهان جي ايمان ۾ واڌارو ۽ خوشي پيدا ٿئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

25 انهيءَ ڳالهہ جي پڪ هئڻ ڪري آءٌ ڄاڻان ٿو تہ آءٌ جيوت رهي ڪري اوهان سڀني سان گڏ گذاريندس، تہ جيئن اوهان جي وشواس ۾ واڌارو ٿئي ۽ ان ۾ اوهين خوش رهو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

25 انهيءَ ڳالهہ جي پڪ هئڻ ڪري آءٌ ڄاڻان ٿو تہ آءٌ جيئرو رهي ڪري اوهان سڀني سان گڏ گذاريندس، تہ جيئن اوهان جي ايمان ۾ واڌارو ٿئي ۽ ان ۾ اوهين خوش رهو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

25 انھيءَ ڳالھہ جي پڪ ھئڻ ڪري آءٌ ڄاڻان ٿو تہ آءٌ جيئرو رھندس، بلڪ اوھان سڀني سان گڏ گذاريندس، تہ جيئن اوھان جي ايمان ۾ واڌارو ٿئي ۽ اوھين ان ۾ خوش رھو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




فلپين 1:25
17 Iomraidhean Croise  

خدا پنهنجي پاڪيزگيءَ ۾ فرمايو آهي، آءٌ خوشيون ڪندس: آءٌ سڪيم جا ڀاڱا ڪندس، ۽ سڪات جي وادي ورهائي ڏيندس.


پر مون تو لاءِ دعا گهُري تہ تنهنجي ايمان کي لوڏو نہ اچي: ۽ جڏهن تون ڦري موٽي مون ڏانهن اچين، تڏهن پنهنجن ڀائرن جي مدد ڪج.


۽ جڏهن هو اُتي آيو، تڏهن خداوند جو فضل ڏسي خوش ٿيو؛ ۽ هنن سڀني کي سمجهايائين تہ دليون جانيون خداوند ۾ وفادار رهو:


۽ شاگردن جي دلين کي مضبوط ڪندا رهيا، ۽ ايمان تي قائم رهڻ لاءِ سمجهائيندا رهيا، ۽ چوندا هئا تہ ضرور آهي تہ اسين گهڻيون مصيبتون سهي خدا جي بادشاهت ۾ داخل ٿيون.


هاڻي ڏسو، مون کي پڪ آهي تہ اوهين سڀ، جن ۾ آئون بادشاهت جي منادي ڪندو گهُمندو هوس، وري منهنجو منهن ڪين ڏسندا.


هاڻي خدا، جو اُميد ٿو بخشي، سو شل اوهان کي ايمان آڻڻ جي ڪري خوشي ۽ اطمينان سان ڀرپور ڪري، تہ اوهين پاڪ روح جي قدرت سان اُميد ۾ وڌندا وڃو.


ڇالاءِ جو مون کي اهڙي همت ڪانهي تہ جيڪي ڳالهيون غير قومن جي تابع ڪرڻ لاءِ، قول توڙي فعل سان مسيح منهنجي معرفت ڪيون، تن کانسواءِ ڪنهن ٻي ڳالهہ جو ذڪر ڪريان،


۽ مون کي خبر آهي تہ جڏهن آئون اوهان وٽ ايندس، تڏهن مسيح جي ڪامل برڪت کنيو ايندس.


جنهن جي وسيلي ايمان جي ڪري انهي فضل تائين اسان جي پهچ ٿي، جنهن تي اسين قائم آهيون؛ ۽ اچو تہ جا اُميد اسان کي خدا جي جلال جي آهي، تنهن تي فخر ڪريون.


اسين ايمان جي نسبت ۾ اوهان تي حڪومت نٿا هلايون، پر اوهان جي خوشيءَ جي لاءِ اوهان جا مددگار آهيون؛ ڇالاءِ جو ايمان جي ڪري اوهين قائم آهيو.


تنهن هوندي بہ جسم ۾ رهڻ اوهان جي خاطر زيادہ ضروري آهي.


پر مون کي خداوند ۾ يقين آهي تہ آئون پاڻ بہ جلد ايندس.


انهي کانسواءِ منهنجي رهڻ لاءِ جاءِ بہ تيار ڪري ڇڏج: جو آئون اُميد ٿو ڪريان تہ اوهانجين دعائن جي وسيلي آئون اوهان کي بخشيو ويندس.


بنا ڏٺي اوهين هن کي پيار ٿا ڪريو؛ ۽ جيتوڻيڪ اوهين هاڻي کيس نٿا ڏسو، تہ بہ ايمان آڻي ايتري گهڻي خوشي ٿا ڪريو جا بيان ڪرڻ کان ٻاهر آهي، ۽ جلال سان ڀرپور آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan