Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




فلپين 1:17 - Sindhi Bible

17 پر ٻيا تفرقي جي ڪري مسيح جي منادي ٿا ڪن، نہ سچيءَ نيت سان، بلڪ انهي خيال سان تہ منهنجي قيد ۾ مون لاءِ مصيبت پيدا ڪن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

17 پر ٻيا سچيءَ نيت سان نہ، بلڪ ساڙ جي ڪري انهيءَ خيال سان مسيح جو پرچار ٿا ڪن تہ جيئن منهنجي لاءِ قيد ۾ وڌيڪ مصيبت پيدا ٿئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

17 پر ٻيا سچيءَ نيت سان نہ، بلڪ حسد جي ڪري انهيءَ خيال سان مسيح جي منادي ٿا ڪن تہ جيئن منهنجي لاءِ قيد ۾ وڌيڪ مصيبت پيدا ٿئي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

17 پر ٻيا ذاتي لالچ جي ڪري مسيح جي منادي ٿا ڪن، سچيءَ نيت سان نہ ، بلڪ انھيءَ خيال سان تہ منھنجي لاءِ قيد ۾ وڌيڪ مصيبت پيدا ڪن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




فلپين 1:17
16 Iomraidhean Croise  

تنهنڪري پنهنجين دلين ۾ ٺهرائي ڇڏيو، تہ اسين اڳ ۾ ئي فڪر نہ ڪنداسين تہ ڪهڙو جواب ڏيون؛


اي ڀائرو ۽ بزرگو، جيڪو پنهنجو بچاءُ هاڻ آئون اوهان کي ڏيان ٿو، سو ٻُڌو.


۽ اگرپا پولس کي چيو تہ هاڻي توکي ڳالهائڻ جي موڪل آهي. تڏهن پولس پنهنجو هٿ ڊگهيري، هن طرح پنهنجو بچاءُ ڏيڻ لڳو، تہ


اڃا هن انهيءَ طرح پنهنجو بچاءُ پئي ڏنو، تہ فيستس واڪو ڪري چيو، تہ اي پولس، تون ديوانو ٿي پيو آهين؛ تنهنجي گهڻي علم توکي چريو ڪري ڇڏيو آهي.


پر جيڪي خلل ٿا وجهن ۽ سچ کي نٿا مڃين، پر ناراستيءَ کي ٿا مڃين، تن تي غضب ۽ قهر پوندو؛


پوءِ ڇا ٿيو؟ رڳو هيترو تہ هر طرح مسيح جي پڌرائي ٿي ٿئي، ڪوڙ سان توڙي سچ سان، ۽ انهي ڪري آئون خوش ٿو ٿيان، هائو، ۽ خوش ٿيندس.


جيئن ڪ واجب آهي تہ آئون اوهان سڀني جي بابت اهڙو ئي خيال ڪريان، ڇالاءِ جو اوهين منهنجي دل ۾ موجود آهيو، ۽ منهنجي زنجيرن ۾ توڙي انجيل جي بچاءَ ۽ ثابتيءَ ۾، اوهين فضل ۾ مون سان ڀائيوار آهيو.


نفاق يا اجائي وڏائي جي ڪري ڪجهہ بہ نہ ڪريو؛ پر نماڻا ٿي هڪ ٻئي کي پاڻ کان بهتر سمجهو؛


آئون سچ ٿو چوان، ڪوڙ نٿو ڳالهايان تہ انهي لاءِ ئي آئون مبشر ۽ رسول مقرر ٿيس، تہ ايمان ۽ سچ جي غير قومن کي تعليم ڏيان.


۽ جنهن جي ڪري آئون سختي ٿو سهان، بلڪ ايتري قدر، جو هڪ بدڪار وانگر قيد ۾ پيل آهيان؛ پر خدا جو ڪلام قيد نہ آهي.


منهنجي پهرئين ڏنل بچاءَ ۾ ڪنهن بہ منهنجو طرف نہ ورتو، پر سڀني مون کي ڇڏي ڏنو؛ شل کين انهي جو حساب ڏيڻو نہ پوي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan