Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




فلپين 1:16 - Sindhi Bible

16 هڪڙا محبت جي ڪري ائين ٿا ڪن، جو ڄاڻن ٿا تہ آئون انجيل جو بچاءُ ڏيڻ لاءِ مقرر ٿيل آهيان؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

16 نيڪ نيتيءَ وارا پريم جي ڪري ائين ٿا ڪن. اهي ڄاڻن ٿا تہ آءٌ مسيح بابت خوشخبريءَ کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ مقرر ٿيل آهيان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

16 نيڪ نيتيءَ وارا محبت جي ڪري ائين ٿا ڪن. اهي ڄاڻن ٿا تہ آءٌ مسيح بابت خوشخبريءَ کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ مقرر ٿيل آهيان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

16 نيڪ⁠نيتيءَ وارا محبت جي ڪري ائين ٿا ڪن. اھي ڄاڻن ٿا تہ آءٌ خوشخبريءَ کي سچو ثابت ڪرڻ لاءِ مقرر ٿيل آھيان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




فلپين 1:16
13 Iomraidhean Croise  

آءٌ بہ اوهان وانگر ڳالهائي ٿي سگهيس؛ جيڪڏهن اوهان جي جان منهنجي جان جي جاءِ تي هجي تہ جيڪر آءٌ لفظ ڳنڍي اوهان جي سامهون ڪريان، ۽ پنهنجو مٿو اوهان تي لوڏيان.


جيڪو ماندي ٿيڻ تي آهي تنهن جي لاءِ سندس دوست کي مهرباني ڏيکارڻ لازم آهي، انهي لاءِ بہ جو قادر مطلق جو خوف ڇڏي ڏئي ٿو.


ڇالاءِ تہ جنهن کي تو ڌڪ هنيو آهي تنهن کي اهي ستائين ٿا، ۽ جنهن کي تو ڦٽيو آهي تنهن جي غم بابت ڳالهيون ٿا ڪن.


ڇالاءِ تہ جي آئون پنهنجي مرضيءَ سان ائين ٿو ڪريان تہ انهي جو مون کي اُجورو ٿو ملي، پر جي پنهنجي مرضيءَ کانسواءِ ٿو ڪريان تہ پوءِ اِها مختياري مون کي سونپيل آهي.


ڇالاءِ جو اسين انهن گهڻن جهڙا نہ آهيون، جي خدا جي ڪلام ۾ واپار ٿا ڪن؛ پر اسين دل جي سچائيءَ سان ۽ خدا جي طرفان، ۽ خدا جي حضوريءَ ۾، مسيح ۾ ٿا ڳالهايون.


تہ جيڪي تمام عمديون ڳالهيون آهن، سي اوهين سمجهي پسند ڪريو؛ تہ مسيح جي ڏينهن تائين صاف دل ۽ بيڏوهي رهو،


هاڻي اي ڀائرو، منهنجي مرضي آهي تہ اوهان کي خبر پوي تہ جيڪي مون تي ٿي گذريو آهي، تنهن مان ڪيئن نہ خوشخبريءَ جو واڌارو ٿيو آهي.


هن لاءِ جو شروع کان وٺي اڄ ڏينهن تائين انجيل جي ڦهلائڻ ۾ اوهين منهنجا شريڪ رهيا آهيو؛


جيئن ڪ واجب آهي تہ آئون اوهان سڀني جي بابت اهڙو ئي خيال ڪريان، ڇالاءِ جو اوهين منهنجي دل ۾ موجود آهيو، ۽ منهنجي زنجيرن ۾ توڙي انجيل جي بچاءَ ۽ ثابتيءَ ۾، اوهين فضل ۾ مون سان ڀائيوار آهيو.


پر اوهان کي ذاتي خبر آهي تہ جيئن ڪو پٽ پيءُ جي خدمت ڪري، تيئن هن مون سان گڏ انجيل ڦهلائڻ جي خدمت ڪئي آهي.


۽ اي فلپيو، اوهين پاڻ بہ ڄاڻو ٿا تہ خوشخبريءَ جي شروعات ۾، جڏهن آئون مڪدونيہ مان روانو ٿيس، تڏهن اوهان کانسواءِ ڪنهن بہ ڪليسيا پيسي ڪوڏيءَ سان منهنجي مدد نہ ڪئي،


هائو، اي سچا هم خدمت، آئون توکي بہ منٿ ٿو ڪريان تہ انهن زالن جي مدد ڪر، ڇالاءِ جو اُنهن مون سان، توڙي ڪليمنس ۽ منهنجن انهن ٻين مددگارن سان گڏ، خوشخبريءَ ۾ جانفشاني ڪئي، جن جا نالا زندگيءَ جي ڪتاب ۾ درج آهن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan