Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




فلپين 1:15 - Sindhi Bible

15 ڪي تہ حسد ۽ جهيڙي جي ڪري مسيح جي منادي ٿا ڪن؛ ۽ ڪي نيڪ نيتيءَ سان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

15 پوءِ انهن مان ڪي تہ مون سان ساڙ ۽ جھيڙي جي ڪري مسيح جو پرچار ڪن ٿا، تہ ڪي وري نيڪ نيتيءَ سان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

15 پوءِ انهن مان ڪي تہ مون سان حسد ۽ جھيڙي جي ڪري مسيح جي منادي ڪن ٿا، تہ ڪي وري نيڪ نيتيءَ سان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

15 البت ڪي حسد ۽ جھيڙي جي ڪري تبليغ ٿا ڪن تہ ڪي نيڪ⁠نيتيءَ سان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




فلپين 1:15
22 Iomraidhean Croise  

پر هو پنهنجا سڀ ڪم ماڻهن کي ڏيکارڻ لاءِ ٿا ڪن: ڇالاءِ جو هو پنهنجا تعويذ وڏا ٿا ڪن، ۽ پنهنجن قبائن جون دامنيون ڪشاديون ٿا ڪن،


جيڪو ڪلام هن بني اسرائيل ڏانهن موڪليو، جڏهن ڪ يسوع مسيح (جو سڀني جو خداوند آهي) تنهن جي وسيلي صلح جي خوشخبري ٻُڌايائين.


پر منجهانئن ڪي ڪپرس ۽ ڪرين جا ماڻهو هئا، جي انتاڪيہ ۾ آيا هئا، اُهي يونانين کي بہ خداوند جي خوشخبري ٻُڌائڻ لڳا.


۽ روزبروز هيڪل ۾، ۽ گهرن ۾، تعليم ڏيڻ ۽ انهيءَ جي خوشخبريءَ ٻُڌائڻ کان هٽيا ئي ڪين، تہ يسوع ئي مسيح آهي.


تڏهن فلپس پنهنجو وات کولي پاڪ ڪتاب کي اُنهي هنڌ کان شروع ڪري کيس يسوع جي خوشخبري ٻُڌائي.


۽ فلپس سامريہ جي شهر ۾ ويو ۽ اتي مسيح جي منادي ڪرڻ لڳو.


۽ يڪدم وڃي عبادتخانن ۾ يسوع جي منادي ڪرڻ لڳو تہ هو خدا جو فرزند آهي.


پر جيڪي خلل ٿا وجهن ۽ سچ کي نٿا مڃين، پر ناراستيءَ کي ٿا مڃين، تن تي غضب ۽ قهر پوندو؛


پر اسين مسيح مصلوب جي منادي ٿا ڪريون، جو يهودين جي لاءِ ٿاٻي کائڻ جو پهڻ، ۽ غير قومن جي لاءِ بيوَقوفي آهي؛


۽ جي آئون پنهنجو سڀوئي مال ملڪيت غريبن کي کارائي ڇڏيان، ۽ پنهنجو بدن سڙڻ لاءِ ڏيئي ڇڏيان، پر محبت نہ هجيم، تہ انهي مان مون کي ڪو فائدو ڪونهي.


ڇالاءِ جو خدا جو فرزند يسوع مسيح، جنهن جي اسان اوهان ۾ منادي ڪئي، يعني مون ۽ سلوانس ۽ تيمٿيس، سو هائو ۽ نہ ٻئي نہ هو؛ پر انهي ۾ رڳو هائو آهي.


ڇالاءِ جو اهڙا ماڻهو ڪوڙا رسول ۽ دغاباز آهن، ۽ پاڻ کي مسيح جي رسولن جا هم شڪل ٿا بنائين.


ڇالاءِ جو آئون ڊڄان ٿو تہ متان اوهان کي اهڙو ڏسان جهڙو ڏسڻ نٿو گهُران، يا اوهين مون کي اهڙو ڏسو جهڙو ڏسڻ نٿا گهُرو، جو متان ڪنهن بہ طرح جهيڙو جهڳڙو، حسد، ڪاوڙ، تفرقا، گلائون، غيبتون، ٻٽاڪون ۽ فساد ٿين؛


ڇالاءِ جو اسين پنهنجي منادي نٿا ڪريون، پر مسيح يسوع جي منادي ٿا ڪريون تہ هو خداوند آهي، ۽ پنهنجي لاءِ هيئن ٿا چئون تہ يسوع جي خاطر اوهان جا خادم آهيون.


سو رڳو انهن ڪوڙن ڀائرن جي ڪري، جي لڪي ڇپي داخل ٿيا هئا، جي انهي ڪري چوريءَ گهڙي آيا هئا تہ جيڪا آزادي يسوع مسيح ۾ حاصل ٿي آهي، تنهن جي جاسوسي ڪري اسان کي غلام بنائين.


نفاق يا اجائي وڏائي جي ڪري ڪجهہ بہ نہ ڪريو؛ پر نماڻا ٿي هڪ ٻئي کي پاڻ کان بهتر سمجهو؛


بيشڪ دينداريءَ جو راز وڏو آهي، (اُهو هي آهي) تہ هو جسم ۾ ظاهر ٿيو ۽ روح ۾ راستباز ثابت ٿيو، ۽ ملائڪن کي ڏسڻ ۾ آيو، قومن ۾ سندس منادي ڪئي ويئي، دنيا ۾ مٿس ايمان آندائون، جلال ۾ مٿي کڄي ويو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan