Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




فلپين 1:13 - Sindhi Bible

13 ايتري قدر جو شاهي پلٽڻ جي سڀني سپاهين ۽ ٻين سڀني کي معلوم ٿي ويو آهي تہ آئون مسيح جي خاطر قيد ۾ پيو آهيان؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Hindu Sindhi Bible

13 ايتري قدر جو راجائي پلٽڻ جي سڀني سپاهين سميت سڀني ماڻهن ۾ مشهور ٿي ويو آهي تہ آءٌ مسيح جي خاطر قيد ۾ پيو آهيان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

13 ايتري قدر جو شاهي پلٽڻ جي سڀني سپاهين سميت سڀني ماڻهن ۾ مشهور ٿي ويو آهي تہ آءٌ مسيح جي خاطر قيد ۾ پيو آهيان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Common Language New Testament

13 ايتري قدر جو شاھي پلٽڻ جي سڀني سپاھين ۽ ٻين سڀني ماڻھن ۾ مشھور ٿي ويو آھي تہ آءٌ مسيح جي خاطر قيد ۾ پيو آھيان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




فلپين 1:13
17 Iomraidhean Croise  

پولس چيو، تہ شل خدا ڪري تہ ٿوريءَ سان يا گهڻيءَ سان، نہ رڳو تون، پر جيڪي ماڻهو اڄ منهنجي بيٺا ٻُڌن، سي سڀيئي اهڙا ٿين جهڙو آئون آهيان، سواءِ هنن زنجيرن جي.


۽ جڏهن هو ٻاهر نڪتا، تڏهن هڪ ٻئي سان ڳالهيون ڪيائون ۽ چيائون تہ هن ماڻهوءَ ڪوبہ اهڙو ڪم ڪونہ ڪيو آهي جو موت يا قيد جي سزا مليس.


۽ هيئن ٿيو جو ٽن ڏينهن کانپوءِ هن يهودين جي مکيہ ماڻهن کي پاڻ وٽ گهُرايو: ۽ جڏهن اهي اچي گڏ ٿيا، تڏهن انهن کي چيائين تہ اي ڀائرو، جيتوڻيڪ مون اُمت يا اباڻين رسمن جي برخلاف ڪجهہ نہ ڪيو هو، تہ بہ يروشلم مان قيد ڪرائي مون کي رومين جي حوالي ڪيو اٿن.


هاڻي انهي مطلب لاءِ مون اوهان کي گهُرايو آهي تہ آئون اوهان سان گڏجان، ۽ اوهان سان ڳالهہ ٻولهہ ڪريان: ڇالاءِ تہ جيڪا اسرائيل جي اُميد آهي، تنهن جي ڪري ئي مون کي هن زنجير ۾ ٻَڌو اٿن.


۽ هو پورا ٻہ ورهيہ پنهنجي مسواڙ واري گهر ۾ رهندو آيو، ۽ جيڪي وٽس ايندا هئا، تن سان گڏبو هو.


انهي سبب آئون پولس، جو اوهان غير قومن وارن جي خاطر مسيح يسوع جو قيدي آهيان –


تنهنڪري آئون، جو خداوند ۾ قيدي آهيان، سو اوهان کي عرض ٿو ڪريان تہ جنهن ڪوٺ سان اوهين ڪوٺيا ويا آهيو، انهي جي لائق هلو،


جنهن جي لاءِ آئون زنجيرن ۾ ٻَڌل ايلچي آهيان؛ تہ انهي کي دليريءَ سان اهڙو بيان ڪريان، جهڙو بيان ڪرڻ مون تي فرض آهي.


اوهين بہ اهڙيءَ طرح جانفشاني ٿا ڪريو، جهڙيءَ طرح اوهان مون کي ڪندو ڏٺو هو، ۽ هاڻي بہ ٻُڌو ٿا تہ ائين ئي پيو ڪريان.


جيئن ڪ واجب آهي تہ آئون اوهان سڀني جي بابت اهڙو ئي خيال ڪريان، ڇالاءِ جو اوهين منهنجي دل ۾ موجود آهيو، ۽ منهنجي زنجيرن ۾ توڙي انجيل جي بچاءَ ۽ ثابتيءَ ۾، اوهين فضل ۾ مون سان ڀائيوار آهيو.


سڀ پاڪ ٿيل شخص اوهان کي سلام ٿا چون، خصوصن اُهي جي قيصر جي گهر جا آهن.


۽ جنهن جي ڪري آئون سختي ٿو سهان، بلڪ ايتري قدر، جو هڪ بدڪار وانگر قيد ۾ پيل آهيان؛ پر خدا جو ڪلام قيد نہ آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan