Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 8:4 - Sindhi Bible

4 ۽ شمعدان جي بناوٽ هن طرح هئي: اهو گهڙيل سون مان ٺهيل هو؛ تري کان گلن تائين سڄو گهڙيل هو: جيڪو نمونو خداوند موسيٰ کي ڏيکاريو هو، انهيءَ جهڙو هن شمعدان جوڙيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

4 شمعدان جي بناوت هن طرح هئي جو اهو تري کان وٺي گلن وارين ڏياٽين تائين سڄو سون جي هڪڙي ئي ٽڪري مان گھڙي ٺاهيو ويو هو. جيڪو نمونو خداوند موسيٰ کي ڏيکاريو هو، انهيءَ جهڙو ئي هن شمعدان ٺاهيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 8:4
11 Iomraidhean Croise  

۽ تون سون جا ٻہ ڪروبي جوڙج، اهي رحمت جي پوش جي ٻنهي ڇيڙن تي گهڙيل سون جا جوڙج.


انهي خيمي جو نمونو ۽ انهي جي ٻئي سامان جو نمونو، جيئن آءٌ توکي ڏيکاريان، تيئن ئي اوهين جوڙيو.


تنهنڪري ضرور هو تہ آسمان جي شين جا نقل اهڙين رسمن جي وسيلي پاڪ ٿين؛ پر خود آسمان جون شيون انهن کان بهتر قربانين جي وسيلي.


جي آسماني شين جي نقل ۽ پاڇي جي خدمت ٿا ڪن. جهڙي طرح ڪ جڏهن موسيٰ تنبو ٿي جوڙيو، تڏهن خدا هدايت ڪيس: ڇالاءِ جو هو فرمائي ٿو تہ ”ڏس، جيڪو نمونو توکي جبل تي ڏيکاريو ويو هو، انهي موجب سڀ شيون جوڙج.“


۽ هن سون جا ٻہ ڪروبي جوڙيا؛ اهي رحمت جي پوش جي ٻنهي ڇيڙن تي گهڙيل سون جا هئا،


جيڪو نمونو توکي جبل تي ڏيکاريو ويو آهي، تنهن موجب تون خيمو کڙو ڪري بيهارج.


سو هارون ائين ڪيو، جو انهيءَ شمعدان جي اڳيان سوجهرو ڪيو؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.


۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan