Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 7:9 - Sindhi Bible

9 پر بني قهات کي ڪجهہ بہ ڪين ڏنائين؛ ڇالاءِ جو پاڪ مڪان جي خدمت جيڪا انهن جي بِلي هئي، سا هيءَ هئي تہ هو انهي کي پنهنجن ڪلهن تي کڻن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

9 پر موسيٰ بني قهات کي ڪابہ گاڏي يا ڪوبہ ڏاند ڪونہ ڏنو، ڇو تہ جيڪي مخصوص شيون سندن ذميواريءَ ۾ هيون سي کين ڪلهن تي کڻڻيون هيون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 7:9
9 Iomraidhean Croise  

ڇالاءِ جو جڏهن اوهان پهريون دفعو انهيءَ کي نہ کنيو، تڏهن خداوند اسان جو خدا اسان تي ڪڙڪي پيو، ڇو جو اسان قانون موجب کيس نہ ڳوليو هو.


۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن خداوند جي صندوق کڻڻ وارا ڇهہ قدم هليا تڏهن هن هڪڙو ڏاند ۽ هڪڙو بيٺل ٿلهو جانور قرباني ڪيو.


۽ صندوق، ۽ ميز، ۽ شمعدان، ۽ ٻئي قربانگاهون، ۽ پاڪ مڪان جا ٿانو، جيڪي عبادت جي ڪم ۾ ٿا اچن، ۽ پردو، ۽ انهي سان لاڳاپو رکندڙ سڀ ڪو ڪم انهن جي ذمي رهي.


لاوين کي وري ڪڏهن بہ تنبو ۽ انهي جي خدمت جا ٿانوَ کڻڻا نہ پوندا.


۽ دائود سڀ اسرائيلي يروشلم ۾ آڻي گڏ ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي صندوق کڻي، جيڪا جاءِ انهيءَ جي لاءِ تيار ڪئي هئائين، اتي رکي.


۽ جڏهن اهي نڪون جي اَن ڳاهڻ واري پڙ تي آيا تڏهن عزہ پنهنجو هٿ ڊگهو ڪري صندوق کي قابو ڪيو؛ ڇالاءِ جو ڏاندن ٿاٻو کاڌو.


۽ اسرائيل جا سڀ بزرگ آيا، ۽ ڪاهنن اچي صندوق کنئي.


۽ هنن اها صندوق هڪڙي نئين گاڏيءَ ۾ کڻي رکي، ۽ ابينداب جو گهر، جو ٽڪريءَ تي هو، تنهن مان ڪڍي آندائين: ۽ ابي ناداب جا پٽ عزہ ۽ احيو اها نئين گاڏي ڪاهي آيا:


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan