Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 7:1 - Sindhi Bible

1 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن موسيٰ عبادت وارو خيمو کڙو ڪري چڪو، ۽ انهي کي، ۽ انهي جي سموري سامان کي مسح ڪري پاڪ ڪيائين، ۽ قربانگاهہ کي، ۽ انهيءَ جي سڀني ٿانون کي بہ مسح ڪري پاڪ ڪيائين؛

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

1 جڏهن موسيٰ مقدس خيمو کوڙي بس ڪئي تڏهن خيمي کي، انهيءَ جي سموري سامان کي، قربان‌گاهہ کي ۽ انهيءَ جي سڀني ٿانون کي مسح ڪري مخصوص ڪيائين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 7:1
15 Iomraidhean Croise  

۽ خدا ستين ڏينهن کي برڪت ڏني، ۽ انهيءَ کي پاڪ ٺهرايائين: ڇالاءِ جو انهيءَ ڏينهن خدا پيدا ڪرڻ ۽ جوڙڻ جي ڪم کان فارغ ٿيو.


انهيءَ ساڳئي ڏينهن جيڪو ايوان خداوند جي گهر جي اڳيان هو تنهن جو وچ بادشاهہ پاڪ ڪيو؛ ڇالاءِ جو هن انهيءَ هنڌ سوختني قرباني، ۽ کاڌي جي قرباني چاڙهي، ۽ سلامتيءَ جي قربانين جي چرٻي پيش ڪئي: ڇالاءِ جو پتل جي قربانگاهہ، جا خداوند جي اڳيان هئي، سا سوختني قرباني، ۽ کاڌي جي قرباني، ۽ سلامتيءَ جي قربانين جي چرٻي رکڻ لاءِ تمام ننڍي هئي.


بني اسرائيل ۾ سڀ پهريتا ٻار، جي پهرين پيٽ مان نڪرن، سي منهنجي لاءِ مخصوص ڪر، ماڻهن جا پهريتا ٻار توڙي جانورن جا پهريتا ٻچا، اهي سڀ منهنجا آهن.


۽ تون هر روز گناهہ جي قرباني لاءِ هڪڙو وهڙو، ڪفاري طور قربان ڪج: ۽ جڏهن تون قربانگاهہ جي لاءِ ڪفارو ڪرين، تڏهن تون انهيءَ کي صاف ڪج ۽ مٿس تيل اوتي، انهيءَ کي پاڪ ڪج.


۽ تون حوض ۽ انهي جي صندليءَ کي بہ مسح ڪج، ۽ انهي کي پاڪ ڪج.


تون بني اسرائيل سان گفتگو ڪري کانئن سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، يعني سندن سڀني سردارن کان، سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب، هڪ هڪ لٺ، يعني مڙيئي ٻارهن لٺيون وٺ، ۽ هرهڪ ماڻهوءَ جي لٺ تي سندس نالو لک.


۽ جنهن ڏينهن قربانگاهہ مسح ڪئي ويئي، تنهن ڏينهن سردارن انهيءَ جي مخصوصيت لاءِ نذرانا پيش ڪيا: يعني سردارن قربانگاهہ جي اڳيان پنهنجي پنهنجي قرباني آندي.


سو جنهن ڏينهن قربانگاهہ کي مسح ڪري مخصوص ڪيو ويو، تنهن ڏينهن بني اسرائيل جي سردارن جيڪي نذرانا ڏنا، سي هي هئا، يعني ٻارهن چانديءَ جا ٿالهہ، ٻارهن چانديءَ جا پيالا، ۽ ٻارهن سونا چمچا؛


سلامتيءَ جي قربانين لاءِ چوويهہ ڏاند، سٺ گهٽا، سٺ ٻڪر ۽ سٺ يڪسالا گهيٽا؛ اهو قربانگاهہ جي مسح ٿيڻ کان پوءِ انهيءَ جو نذرانو هو.


انڌا، ٻنهي مان ڪهڙو وڏو آهي، نذر، يا قربانگاهہ جا نذر کي پاڪ ٿي ڪري؟


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan