Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 5:4 - Sindhi Bible

4 سو بني اسرائيل ائين ئي ڪيو، يعني انهن کي منزل گاهہ کان ڪڍي ٻاهر ڪيائون: جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو، تيئن ئي بني اسرائيل ڪيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

4 سو بني اسرائيل خدا جي حڪم جي تعميل ڪندي اهڙن ماڻهن کي خيمي‌گاهہ مان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو، جيئن خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 5:4
5 Iomraidhean Croise  

۽ عزياہ بادشاهہ مرڻ گهڙيءَ تائين ڪوڙهيو هو، ۽ ڪوڙهي هئڻ سبب ڌار گهر ۾ رهندو هو؛ ڇالاءِ جو هو خداوند جي گهر کان وڍجي ويو: ۽ سندس پٽ يوتام بادشاهہ جي گهر مٿان نظر ڪندو هو، ۽ ملڪ جي ماڻهن جي عدالت ڪندو هو.


۽ بني اسرائيل وڃي ائين ئي ڪيو، يعني جهڙيءَ طرح خداوند موسيٰ ۽ هارون کي حڪم ڏنو هو، تهڙيءَ طرح هنن ڪيو.


۽ سڀني بني اسرائيلين ائين ئي ڪيو، يعني جهڙيءَ طرح خداوند موسيٰ ۽ هارون کي حڪم ڏنو هو، تهڙيءَ طرح هنن ڪيو.


اهو مرد هجي توڙي زال، پر اوهين انهي کي منزلگاهہ کان ٻاهر ڪڍجو؛ تہ جنهن منزلگاهہ ۾ آءٌ رهان ٿو، تنهن کي پليت نہ ڪن.


۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan