Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 5:2 - Sindhi Bible

2 بني اسرائيل کي حڪم ڏي تہ اهي هر ڪنهن ڪوڙهيي کي، ۽ هر ڪنهن پرميل جي مرض واري کي، ۽ جيڪو مردي جي ڪري ناپاڪ ٿيو هجي، تنهن کي منزلگاهہ کان ٻاهر ڪڍن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

2 ”بني اسرائيل کي حڪم ڏي تہ اهي هر انهيءَ ماڻهوءَ جنهن کي چمڙيءَ جي بيماري هجي، جنهن جي جسم اندران ڪجھہ وهي نڪتو هجي ۽ جيڪو مُڙدي کي ڇهڻ جي ڪري ناپاڪ ٿيو هجي، تنهن کي خيمي‌گاهہ مان ٻاهر ڪڍي ڇڏين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 5:2
15 Iomraidhean Croise  

هاڻي دروازي جي لنگهہ واري هنڌ چار ڪوڙهيا ماڻهو هئا: ۽ اُنهن هڪ ٻئي کي چيو تہ هتي اسين هيستائين ڇو ويٺا هجون جيستائين مري وڃون؟


جنهن ڪوڙهئي کي اهڙو مرض هجي، سو ڦاٽل ڪپڙا پائي، ۽ مٿي اُگهاڙو گهمي، ۽ پنهنجو مٿيون چپ ڍڪي ڇڏي، ۽ وڏي سڏ چوي، تہ ناپاڪ، ناپاڪ.


جيترا ڏينهن هن کي مرض هوندو، اوترا ڏينهن هو ناپاڪ رهندو؛ اهو ناپاڪ آهي: هو اڪيلو رهي؛ ۽ هن جي رهڻ جي جاءِ منزلگاهہ کان ٻاهر هجي.


۽ ڪاهن انهي کي چڪاسي، ۽ ڏسو، جي ڏڍ کل تي پکڙجي ويئي هجي، تہ پوءِ ڪاهن هن کي ناپاڪ ٺهرائي: اهو ڪوڙهہ آهي.


۽ جيڪو پاڪ ٿيڻو آهي سو پنهنجا ڪپڙا ڌوئي، ۽ پنهنجا سڀ وار ڪوڙائي، ۽ پاڻيءَ ۾ وهنجي، تہ پوءِ هو پاڪ ٿيندو: تنهن کان پوءِ هو منزلگاهہ ۾ اچي، پر ستين ڏينهن تائين هو پنهنجي تنبوءَ کان ٻاهر رهي.


۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ، هارون جا پٽ جي ڪاهن آهن، تن سان گفتگو ڪري کين چئُہ تہ جڏهن اوهان جي قوم مان ڪو مري وڃي، تڏهن انهي جي لاءِ اوهين پاڻ کي ناپاڪ نہ ڪريو:


ڇالاءِ جو جيڪو بہ ماڻهو انهي ساڳئي ڏينهن پنهنجي روح جي رياضت نہ ڪندو، سو پنهنجن ماڻهن مان تباهہ ڪيو ويندو.


پوءِ اهو ڪڪر تنبوءَ تان هٽجي ويو، ۽ ڏسو، مريم هڪدم ڪوڙهي ٿي پيئي، بلڪل اڇي جهڙي برف، ۽ هارون مريم ڏانهن نهاريو، ۽ ڏٺائينس تہ ڪوڙهي ٿي پيئي آهي.


تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ جيڪڏهن هن جو پيءُ رڳو هن جي منهن تي ٿُڪ اُڇلائي ها، تہ هيءَ ستن ڏينهن تائين شرمندي نہ رهي ها ڇا؟ سو هاڻي ستن ڏينهن تائين هوءَ منزلگاهہ کان ٻاهر رهي، پوءِ ڀلي اندر اچي.


۽ اوهين ست ڏينهن منزلگاهہ کان ٻاهر رهو: اوهان مان جنهن، ڪنهن ماڻهوءَ کي ماريو هجي، يا جنهن، ڪنهن مئل ماڻهوءَ کي هٿ لاتو هجي، سو پاڻ کي، ۽ پنهنجن قيدين کي، ٽئين ڏينهن ۽ ستين ڏينهن پاڪ ڪري.


پوءِ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan