4 جماعت واري تنبوءَ ۾ جيڪي تمام پاڪ شيون آهن، تن بابت قهات جي پٽن جي خدمت هيءَ آهي:
4 منهنجي ملاقات واري خيمي ۾ مون لاءِ ئي مخصوص شين جي سنڀال ڪرڻ بني قهات جو ڪم آهي.
۽ دائود انهن کي جيرسون، قهات ۽ مراري، يعني بني لاويءَ جي حصن موجب ورهايو.
پوءِ بني قهات پاڪ مڪان وارو سامان کڻي اڳتي روانا ٿيا، ۽ ٻين انهن جي پهچڻ تائين خيمو کڙو ڪري ٿي ڇڏيو.
۽ جڏهن هارون ۽ سندس پٽ، پاڪ مڪان ۽ انهي جي سامان کي ڍڪي بس ڪن، ۽ ڪوچ ڪرڻ جو وقت اچي، تڏهن قهات جا پٽ انهي جي کڻڻ لاءِ اچن: پر هو پاڪ مڪان کي نہ ڇهن متان مري پون. جماعت واري تنبوءَ مان اهي شيون قهات جي پٽن کي کڻڻيون آهن.
۽ اهي تمام پاڪ شين جي ويجهو اچڻ جي ڪري مري نہ پون، تنهنڪري اوهين هيئن ڪريو تہ هارون ۽ سندس پٽ اندر وڃي هرهڪ کي پنهنجي پنهنجي خدمت، ۽ پنهنجي پنهنجي بار کڻڻ لاءِ مقرر ڪن:
بني جيرسون جي خاندانن جو، خدمت ڪرڻ ۽ بار کڻڻ لاءِ هي ڪم آهي:
۽ ٽيهن ورهين جي عمر کان وٺي، پنجاهہ ورهين جي عمر تائين، جيڪي جماعت واري تنبوءَ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ خدمت ۾ شامل ٿين، تن سڀني جو شمار ڪريو.
۽ ٽيهن ورهين جي عمر کان وٺي پنجاهہ ورهين جي عمر تائين جيڪو جماعت واري تنبوءَ ۾ ڪم ڪرڻ لاءِ خدمت ۾ شامل ٿئي، تن سڀني جو شمار ڪر.
جڏهن منزل کڄي تڏهن هارون ۽ سندس پٽ اندر وڃن، ۽ پردي وارو ڍڪ لاهين، ۽ شاهديءَ جي صندوق کي انهي سان ڍڪين،
پر بني قهات کي ڪجهہ بہ ڪين ڏنائين؛ ڇالاءِ جو پاڪ مڪان جي خدمت جيڪا انهن جي بِلي هئي، سا هيءَ هئي تہ هو انهي کي پنهنجن ڪلهن تي کڻن.
اهو انهي ماڻهوءَ وانگر آهي جو پرديس ۾ ويو هجي، ۽ گهر ڇڏڻ مهل پنهنجن نوڪرن کي اختياري ڏيئي هرهڪ کي پنهنجو پنهنجو ڪم سونپي ويو هجي، بلڪ دربان کي بہ حڪم ڏئي تہ سجاڳ رهہ.