1 پوءِ خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو ۽ چيائين تہ،
1 خداوند موسيٰ ۽ هارون کي فرمايو تہ
۽ لاويءَ جا پٽ؛ جيرسون، قهات ۽ مراري.
۽ ڏس مون دان جي قبيلي واري، اخيسمڪ جي پٽ اهلياب کي، هن سان گڏ مقرر ڪيو آهي؛ ۽ سڀني هوشيار ماڻهن جي دلين ۾ هنر وڌو اٿم، انهي لاءِ تہ جنهن جو مون توکي حڪم ڏنو آهي، سو سڀ جوڙي تيار ڪن.
انهي هوندي بہ هو منهنجي پاڪ مڪان ۾ خدمتگار ٿي رهندا، ۽ گهر جي دروازن جي نگهباني بہ ڪندا، ۽ گهر ۾ خدمت چاڪري بہ ڪندا: هو ماڻهن جي پاران سوختني قرباني ۽ ذبح ڪرڻ واري قرباني بہ ڪُهندا، ۽ انهن جي خدمت ڪرڻ لاءِ سندن اڳيان بيهندا.
۽ جڏهن خيمو اڳتي هلڻو هجي، تڏهن لاوي انهي کي لاهين، ۽ جڏهن خيمو کوڙڻو هجي، تڏهن لاوي انهي کي کڙو ڪن: ۽ جيڪو ٻيو ڌاريو ماڻهو ويجهو ايندو، سو ماريو ويندو.
۽ موسيٰ اهي ڇوٽڪاري جي عيوضي وارا پئسا، خداوند جي حڪم موجب، هارون ۽ سندس پٽن کي ڏنا، جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي فرمايو هو.
بني لاويءَ مان، قهات جي پٽن جو سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب حساب ڪريو.