Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 3:4 - Sindhi Bible

4 ۽ ندب ۽ ابيهو، جڏهن سينا جي بيابان ۾ خداوند جي حضور ۾ ناجائز باهہ پيش ڪئي، تڏهن اهي خداوند جي حضور ۾ مري ويا، ۽ انهن کي اولاد ڪونہ هو: باقي اليعز ۽ اتمر پنهنجي پيءُ هارون جي موجودگيءَ ۾ ڪهانت جي عهدي تي رهي خدمت ڪندا رهيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

4 جڏهن ندب ۽ ابيهو سينا جي بيابان ۾ خداوند جي حضور ۾ ناجائز باهہ پيش ڪئي، تڏهن اهي اتي ئي سندس حضور ۾ مري ويا. کين اولاد ڪونہ هو. سو اليعزر ۽ اتمر پنهنجي پيءُ هارون جي حياتيءَ دوران ڪهانت جي عهدي تي رهي مقدس خيمي ۾ خدمت ڪندا رهيا.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 3:4
7 Iomraidhean Croise  

۽ بني هارون جا هي حصا هئا. بني هارون: ندب، ابيهو، اليعزر ۽ اتمر.


پوءِ خداوند وٽان باهہ آئي، ۽ جن اڍائي سؤ ماڻهن لوبان ساڙيو هو، تن کي ڀسم ڪري ڇڏيائين.


اوهين اها وٺي اليعزر ڪاهن کي ڏجو تہ هو انهيءَ کي منزلگاهہ کان ٻاهر وٺي وڃي، ۽ ڪو ماڻهو انهيءَ کي هنن جي روبرو ذبح ڪري:


سو تون، هارون ۽ سندس پٽ اليعزر کي پاڻ سان وٺي هور جبل تي آڻ:


پر ندب ۽ ابيهو تہ انهي ڏينهن مري ويا، جنهن ڏينهن انهن خداوند جي حضور ۾ ناجائز باهہ پيش ڪئي.


۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو، ۽ چيائينس تہ


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan