Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 3:3 - Sindhi Bible

3 هارون جا پٽ، جي ڪاهن هئا، ۽ جن کي هن مسح ڪري، ڪهانت جي عهدي تي رکي خدمت ڪرڻ لاءِ مخصوص ڪيو هو، سي اهي آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 انهن کي مسح ڪري ڪهانت جي عهدي تي رکي، مقدس خيمي ۾ خدمت ڪرڻ لاءِ مخصوص ڪيو ويو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 3:3
10 Iomraidhean Croise  

۽ دائود انهن کي جيرسون، قهات ۽ مراري، يعني بني لاويءَ جي حصن موجب ورهايو.


۽ تون اهي پنهنجي ڀاءُ هارون ۽ ساڻس گڏ سندس پٽن کي پهرائج، ۽ انهن کي مسح ڪري، مخصوص ۽ پاڪ ڪج، تہ اهي منهنجي حضور ۾ ڪهانت جي عهدي تي رهي خدمت ڪن.


۽ تون هارون کي پاڪ پوشاڪ ڍڪائج، ۽ کيس مسح ڪري پاڪ ڪج، تہ هو ڪهانت جي درجي تي منهنجي خدمت ڪري.


۽ تون انهن کي بہ سندن پيءُ وانگر مسح ڪج، تہ هو ڪهانت جي درجي تي منهنجي خدمت ڪن: ۽ اها مساحت هنن جي لاءِ، سندن پيڙهين ۾ هميشہ جي لاءِ، ڪهانت جو نشان ٿيندي.


۽ هن مسح ڪرڻ جي تيل مان ڪجهہ هارون جي مٿي تي اوتيو، ۽ انهي کي مسح ڪيائين تہ پاڪ ٿئي.


پوءِ موسيٰ مسح ڪرڻ جي تيل مان، ۽ قربانگاهہ تي پيل رت مان ڪجهہ کڻي هارون تي، ۽ سندس ڪپڙن تي، ۽ ساڻس گڏ سندس پٽن تي، ۽ انهن جي ڪپڙن تي ڇاٽاريو؛ ۽ هارون کي، ۽ سندس ڪپڙن کي، ۽ ساڻس گڏ سندس پٽن کي، ۽ انهن جي ڪپڙن کي پاڪ ڪيائين.


۽ ندب ۽ ابيهو، جڏهن سينا جي بيابان ۾ خداوند جي حضور ۾ ناجائز باهہ پيش ڪئي، تڏهن اهي خداوند جي حضور ۾ مري ويا، ۽ انهن کي اولاد ڪونہ هو: باقي اليعز ۽ اتمر پنهنجي پيءُ هارون جي موجودگيءَ ۾ ڪهانت جي عهدي تي رهي خدمت ڪندا رهيا.


هاڻي شريعت تہ انهن ماڻهن کي سردار ڪاهن مقرر ٿي ڪيو، جي ڪمزور آهن؛ پر شريعت کانپوءِ جيڪو قسم وارو ڪلام ٿيو، سو انهي فرزند کي مقرر ٿو ڪري، جو هميشہ جي لاءِ ڪامل ڪيو ويو آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan