Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 3:1 - Sindhi Bible

1 هاڻي جنهن ڏينهن خداوند سينا جبل تي موسيٰ سان ڳالهايو، تنهن ڏينهن موسيٰ ۽ هارون جون هي پيڙهيون هيون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

1 جنهن ڏينهن خداوند سينا جبل تي موسيٰ سان ڳالهايو، تنهن ڏينهن تائين موسيٰ جي ڀاءُ هارون کي هي اولاد هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 3:1
11 Iomraidhean Croise  

نوح جي پٽن سم، حام ۽ يافت جو نسب نامو هن ريت آهي: طوفان کان پوءِ هنن کي پٽ ڄاوا.


هي آسمان ۽ زمين جي پيدائش جو بيان آهي، يعني جنهن ڏينهن خداوند خدا زمين ۽ آسمان جوڙيو.


آدم جو نسب نامو هن ريت آهي. جڏهن خدا آدم کي پيدا ڪيو تہ هن کي پنهنجيءَ شڪل موجب جوڙيائين؛


لاويءَ جي پٽن جا نالا سندن پيڙهين موجب هي آهن؛ جيرسون، قهات ۽ مراري؛ لاويءَ جي عمر هڪ سؤ ستٽيهہ ورهيہ هئي.


عمرام پنهنجي پيءُ جي ڀيڻ يوڪبد سان شادي ڪئي، ۽ انهي مان هارون ۽ موسيٰ پيدا ٿيا، ۽ عمرام جي عمر هڪ سؤ ستٽيهہ ورهيہ هئي.


هي اهي ئي آهن، جن مصر جي بادشاهہ فرعون کي چيو تہ اسين بني اسرائيل کي مصر مان ڪڍي وينداسون: هي اهوئي موسيٰ ۽ هارون آهن.


پوءِ خداوند سينا جبل تي موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ


اهي آهن حڪم، جيڪي خداوند بني اسرائيل جي لاءِ سينا جبل تي موسيٰ کي ڏنا.


سو بني اسرائيل ائين ئي ڪيو، ۽ جيئن خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو، تيئن انهن پنهنجن جهنڊن جي ڀرسان پنهنجا تنبو کوڙيا، ۽ اهڙيءَ طرح سڀني پنهنجن خاندانن ۽ پنهنجي ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب ڪوچ ڪيو.


يسوع مسيح دائود جي فرزند، ابراهيم جي فرزند جو نسب نامو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan