Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 24:3 - Sindhi Bible

3 تڏهن هن مثال طور پنهنجي ڳالهہ شروع ڪئي ۽ چوڻ لڳو: بعور جو پٽ بلعام چوي ٿو، يعني جنهن ماڻهوءَ جي اک پوريل هئي، سو چوي ٿو:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 ۽ هو چوڻ لڳو تہ ”آءٌ بعور جو پٽ بلعام هي الهامي گفتو چوان ٿو، خدا جيڪي رويا ۾ ڏيکاري ٿو سو آءٌ صاف صاف ڏسان ٿو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 24:3
9 Iomraidhean Croise  

۽ هن چيو تہ مون ساري اسرائيل کي جبلن جي مٿان ائين پکڙيل ڏٺو جيئن ڌنار کانسواءِ رڍون ٿينديون آهن: ۽ خداوند چيو تہ هنن جو ڌڻي ڪونهي؛ هنن مان هرڪو صحيح سلامت پنهنجي گهر هليو وڃي.


۽ هن چيو تہ انهيءَ ڪري تون خداوند جو ڪلام ٻڌ: مون خداوند کي پنهنجي تخت تي ويٺل ڏٺو، ۽ آسمان جو سارو لشڪر سندس سڄي هٿ پاسي ۽ کٻي هٿ پاسي سندس نزديڪ بيٺو هو.


۽ ايوب وري بہ پنهنجو مثل شروع ڪيو ۽ چيائين تہ:


تڏهن خداوند بلعام جون اکيون کوليون، ۽ هن خدا جي فرشتي کي هٿ ۾ اُگهاڙي ترار کڻي رستي تي بيٺل ڏٺو، تنهن تي هن پنهنجو ڪنڌ جهڪائي، سجدو ڪيو.


تڏهن هن مثال طور پنهنجي ڳالهہ شروع ڪئي ۽ چوڻ لڳو تہ، اُٿ اي بلق ۽ ٻڌ: اي صفور جا پٽ مون ڏانهن ڪن ڏي:


تڏهن هن مثال طور پنهنجي ڳالهہ شروع ڪئي، ۽ چوڻ لڳو تہ: موآب جي بادشاهہ مون کي سوريہ مان گهرايو، يعني اُڀرندي وارن جبلن مان گهرايو آهي: تہ اچي منهنجي خاطر يعقوب کي لعنت ڪر، ۽ اچي اسرائيل جي حقارت ڪر.


تڏهن هن مثال طور پنهنجي ڳالهہ شروع ڪئي ۽ چوڻ لڳو تہ: بعور جو پٽ بلعام چوي ٿو، يعني جنهن ماڻهوءَ جي اک پوريل هئي، سو چوي ٿو:


جيڪو خدا جو ڪلام ٿو ٻڌي، ۽ جيڪو خدا تعاليٰ جو علم ٿو ڄاڻي، ۽ جيڪو سجدي ۾ ليٽي کليل اکين سان قادر مطلق جي رويا ٿو ڏسي، سو چوي ٿو تہ:


جيڪو خدا جو ڪلام ٻڌي ٿو، ۽ سجدي ۾ ليٽي، کليل اکين سان قادر مطلق جي رويا ٿو ڏسي، سو چوي ٿو تہ:


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan