انهن کان پوءِ جماعت وارو تنبو لشڪرن جي وچ ۾، لاوين جي لشڪر سان گڏ ڪوچ ڪري اڳتي هلي: جهڙي طرح منزل ڪن، تهڙيءَ طرح ڪوچ ڪن، ۽ هرڪو ماڻهو پنهنجيءَ پنهنجيءَ جاءِ تي، سندن جهنڊن جي ڀرسان هجي.
بني اسرائيل مان هرڪو ماڻهو پنهنجي پنهنجي جهنڊي وٽ، پنهنجي ابن ڏاڏن جي گهراڻن جي نشانين سان تنبو کوڙي: اهي جماعت واري تنبوءَ جي سامهون، ۽ انهي جي آس پاس پنهنجا تنبو هڻن.