Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 19:3 - Sindhi Bible

3 اوهين اها وٺي اليعزر ڪاهن کي ڏجو تہ هو انهيءَ کي منزلگاهہ کان ٻاهر وٺي وڃي، ۽ ڪو ماڻهو انهيءَ کي هنن جي روبرو ذبح ڪري:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 اوهين اها آڻي اليعزر ڪاهن کي ڏيو. هو انهيءَ کي خيمي‌گاهہ کان ٻاهر ڪاهي وڃي ۽ اها هن جي روبرو ذبح ڪئي وڃي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 19:3
11 Iomraidhean Croise  

۽ گناهہ جي قربانيءَ وارو وهڙو، ۽ گناهہ جي قربانيءَ وارو ٻڪر، جنهن جو رت ڪفاري ڪرڻ لاءِ پاڪ مڪان ۾ آندو هئائين، تن کي منزلگاهہ کان ٻاهر کڻي وڃن؛ ۽ انهن جون کلون، ۽ گوشت، ۽ ڇيڻو، ۽ ڦولڙيون باهہ ۾ ساڙي ڇڏين.


جنهن شخص لعنت ڪئي آهي، تنهن کي ڪڍي منزلگاهہ کان ٻاهر آڻ؛ ۽ جن جن اها ٻڌي آهي، سي سڀيئي پنهنجا هٿ انهي جي مٿي تي رکن، ۽ ساري جماعت انهي کي سنگسار ڪري.


۽ وهڙي جي کل، ۽ انهي جو سڀ گوشت، انهي جي سريءَ ۽ پاون سميت، ۽ انهي جا آنڊا ۽ ڇيڻو.


يعني سڄو وهڙو منزلگاهہ کان ٻاهر ڪنهن صاف جاءِ تي، جتي رک اُڇلائبي آهي اتي کڻي وڃي، ۽ اتي انهي کي ڪاٺين تي رکي ساڙي ڇڏي: جتي رک اُڇلائبي آهي، اتي انهيءَ کي کي ساڙي ڇڏي.


۽ اهو انهي وهڙي کي منزلگاهہ کان ٻاهر کڻي وڃي، ۽ جهڙي طرح پهرئين وهڙي کي ساڙيو هئائين، تهڙيءَ طرح هن کي بہ ساڙي ڇڏي: اها جماعت جي لاءِ گناهہ جي قرباني آهي.


سو ساريءَ جماعت هن کي منزلگاهہ جي ٻاهر آڻي سنگسار ڪيو، ۽ هو مري ويو؛ جيئن ڪ خداوند موسيٰ کي حڪم ڏنو هو.


۽ جيڪو ماڻهو پاڪ هجي، سو انهيءَ گابيءَ جي رک گڏ ڪري، منزلگاهہ جي ٻاهران ڪنهن صاف هنڌ رکي، ۽ اها بني اسرائيل جي جماعت لاءِ، ناپاڪي لاهڻ جي پاڻيءَ واسطي رکي رهي: اها هڪڙي گناهہ جي قرباني آهي.


۽ ندب ۽ ابيهو، جڏهن سينا جي بيابان ۾ خداوند جي حضور ۾ ناجائز باهہ پيش ڪئي، تڏهن اهي خداوند جي حضور ۾ مري ويا، ۽ انهن کي اولاد ڪونہ هو: باقي اليعز ۽ اتمر پنهنجي پيءُ هارون جي موجودگيءَ ۾ ڪهانت جي عهدي تي رهي خدمت ڪندا رهيا.


بني اسرائيل کي حڪم ڏي تہ اهي هر ڪنهن ڪوڙهيي کي، ۽ هر ڪنهن پرميل جي مرض واري کي، ۽ جيڪو مردي جي ڪري ناپاڪ ٿيو هجي، تنهن کي منزلگاهہ کان ٻاهر ڪڍن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan