Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 13:2 - Sindhi Bible

2 تون ماڻهو موڪل تہ اهي وڃي ڪنعان جي ملڪ جي جاسوسي ڪن، جو ملڪ آءٌ بني اسرائيل کي ڏيڻ وارو آهيان: هرهڪ اباڻي قبيلي مان هڪڙو ماڻهو، جو منجهن سردار هجي، تنهن کي موڪل.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

2 ”تون ڪي ماڻهو موڪلي ڪنعان جي ملڪ جو حال احوال معلوم ڪر، جيڪو ملڪ آءٌ بني اسرائيل کي ڏيڻ وارو آهيان. انهيءَ ڪم لاءِ ٻارهن ئي قبيلن مان هڪ هڪ اڳواڻ موڪل.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 13:2
12 Iomraidhean Croise  

۽ موسيٰ ساري اسرائيل مان قابل ماڻهو چونڊي ڪڍيا ۽ انهن کي ماڻهن جي مٿان حاڪم مقرر ڪيائين، ڪي هزارن جا حاڪم ڪيائين، ڪي سوَن جا، ڪي پنجاهن جا، ۽ ڪي ڏهن جا.


هرهڪ قبيلي جو هڪڙو هڪڙو ماڻهو؛ جو پنهنجي اباڻي گهراڻي جو سردار هجي، سو اوهان سان گڏ رهي.


تڏهن خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ بني اسرائيل جي بزرگن مان ستر ڄڻا، جن کي تون اُمت جا بزرگ ۽ اُنهن جا حاڪم ڄاڻين، تن کي منهنجي لاءِ گڏ ڪر، ۽ کين جماعت واري تنبوءَ ۾ وٺي اچ تہ توسان گڏ بيهن.


اهي آهن انهن ماڻهن جا نالا، جن کي موسيٰ انهيءَ ملڪ جي جاسوسي ڪرڻ لاءِ موڪليو، ۽ موسيٰ نون جي پٽ هوسيع کي يشوع ڪري سڏيو.


سو موسيٰ خداوند جي حڪم موجب انهن کي فاران جي بيابان مان موڪليو: اهي سڀ بني اسرائيل جا سردار هئا.


اوهانجن ابن ڏاڏن بہ ائين ئي ڪيو، جڏهن مون انهن کي قادس برنيع مان هن ملڪ جي جاچ ڪرڻ لاءِ موڪليو هو،


۽ اوهين ملڪ جو ورثو ورهائڻ لاءِ هرهڪ قبيلي مان هڪڙو سردار پاڻ سان کڻجو.


پوءِ مون اوهانجن قبيلن جا رئيس، جي ڏاها، ۽ مشهور ماڻهو هئا، تن کي اوهان جي مٿان حاڪم مقرر ڪيو. هزارن جا حاڪم، سوَن جا حاڪم، پنجاهن جا حاڪم ۽ ڏهن جا حاڪم.


۽ جڏهن خداوند اوهان کي قادس برنيع کان روانو ڪيو، ۽ چيائين تہ وڃي انهي ملڪ تي قبضو ڪريو جو مون اوهان کي ڏنو آهي: تڏهن اوهان خداوند پنهنجي خدا جي حڪم جي برخلاف فساد ڪيو، ۽ اوهان هن تي ايمان نہ آندو، نڪي هن جو چوڻ ٻڌو.


تنهنڪري هاڻي اوهين اسرائيل جي فرقن مان ٻارهن ماڻهو کڻو، هر ڪنهن فرقي مان هڪڙو ماڻهو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan