Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 12:3 - Sindhi Bible

3 هاڻي سڄي زمين تي جيڪي ماڻهو هئا، تن سڀني کان موسيٰ تمام حليم هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 ڇو تہ دنيا جي سڀني ماڻهن کان وڌيڪ موسيٰ سندس تابعدار هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 12:3
16 Iomraidhean Croise  

خداوند نماڻن کي سنڀالي ٿو: ۽ بڇڙن کي پٽ سان ٿو هڻي.


ڇالاءِ جو خداوند پنهنجيءَ اُمت کان راضي آهي: هو نماڻن کي نجات سان سينگاريندو.


پوءِ خداوند، اوچتو موسيٰ کي، ۽ هارون کي، ۽ مريم کي چيو تہ اوهين ٽيئي جماعت واري تنبوءَ مان ٻاهر نڪري اچو، ۽ اهي ٽيئي ٻاهر نڪري آيا.


منهنجي پاڃاري پاڻ تي کڻو، ۽ مون کان سکو؛ ڇالاءِ جو آئون دل جو حليم ۽ نماڻو آهيان، ۽ اوهان جي روح کي آرام ملندو.


”اوهين صيون جي ڌيءَ کي چئو تہ ڏس، تنهنجو بادشاهہ تو وٽ ٿو اچي، نماڻو ۽ گڏهہ تي چڙهيل، بلڪ گڏهہ جي ٻچي، يعني کودڙي تي.“


مبارڪ آهن اُهي جي حليم آهن، ڇالاءِ جو اُهي زمين جا وارث ٿيندا.


هاڻي آئون پولس، جو اوهان جي روبرو اوهان سڀني ۾ نوڙت وارو آهيان، پر اوهان جي پرپٺ اوهان ڏانهن چڱي همت وارو آهيان، سو مسيح جي حليميءَ ۽ نرميءَ جو واسطو وجهي پاڻ اوهان کي عرض ٿو ڪريان:


ڇالاءِ جو آئون پاڻ کي انهن افضل رسولن کان ذرو بہ گهٽ نٿو سمجهان.


آئون بيوقوف تہ برابر ٿيو آهيان، مگر اوهان ئي مون کي لاچار ڪيو؛ ڇالاءِ جو اوهان کي منهنجي تعريف ڪرڻ کپندي هئي: انهي لاءِ تہ جيتوڻيڪ آئون ڪي ڪين آهيان تہ بہ افضل رسولن کان ڪنهن بہ ڳالهہ ۾ گهٽ نہ آهيان.


پر اسين اوهان منجهہ اهڙيءَ نرميءَ سان رهياسين، جهڙيءَ طرح ماءُ پنهنجن ٻارن کي پاليندي آهي.


اوهان ۾ ڏاهو ۽ سمجهُو ڪير آهي؟ انهي کي گهرجي تہ پنهنجا ڪم چڱيءَ هلت ۽ ڏاهپ جي حليمائيءَ سان ڏيکاري.


پر اندر وارو باطن ۾ حليم، ۽ غريب طبيعت جو غير فاني ويس هئڻ گهرجي، جنهن جو خدا جي نظر ۾ گهڻو قدر آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan