Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 10:2 - Sindhi Bible

2 تون پنهنجي لاءِ چانديءَ جون ٻہ قرنائيون جوڙ؛ اهي گهڙيل ڪم جون جوڙج، ۽ تون اهي جماعت کي سڏڻ لاءِ، ۽ ڇانوڻين جي ڪوچ ڪرڻ لاءِ ڪم ۾ آڻج.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

2 ”تون پنهنجي لاءِ گھڙيل چانديءَ جا ٻہ توتارا ٺهراءِ، تہ جيئن اهي قوم کي سڏڻ ۽ منزل جي کڄي هلڻ لاءِ ڪم ۾ آڻي سگھين.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 10:2
14 Iomraidhean Croise  

پر خداوند جي گهر لاءِ چانديءَ جا پيالا، ۽ ڦلن وڍڻ جون ڪينچيون، ۽ رڪابيون، ۽ قرنائون، ۽ سون يا چانديءَ جا ڪي بہ باسڻ اُنهن پئسن مان نہ جوڙايا ويا هئا، جي خداوند جي گهر ۾ ايندا هئا:


۽ لاوي، جي ڳائڻ وارا هئا، سي سڀ، يعني آسف، هيمان، ۽ يدوتون ۽ انهن جا پٽ ۽ انهن جا ڀائر بہ ڪتاني ڪپڙن ۾، جهانجهن، ۽ سنطورن ۽ بربطن سان، قربانگاهہ جي اُڀرندي واري ڇيڙي وٽ بيهي رهيا، ۽ انهن سان گڏ هڪ سؤ ويهن ڪاهنن قرنائون پئي وڄايون:)


چنڊ ۽ چوڏس تي، يعني اسان جي پاڪ عيد جي ڏينهن تري وڄايو.


مبارڪ آهي اها اُمت جا خوشيءَ جي آواز کي سمجهي ٿي: اي خداوند اهي تنهنجي چهري جي نور ۾ ٿا هلن.


۽ تون سون جا ٻہ ڪروبي جوڙج، اهي رحمت جي پوش جي ٻنهي ڇيڙن تي گهڙيل سون جا جوڙج.


۽ تون نج سون جو هڪڙو شمعدان جوڙج، اهو شمعدان گهڙيل سون جو هجي؛ انهي جو ترو، ۽ ٿُڙ، ۽ ڏياٽيون ۽ بونبا ۽ گل، اهي سڀ هڪڙي ئي ٽڪر مان گهڙيل هجن.


اڳتي اجايا نذرانا نہ آڻيو؛ لوبان ساڙڻ ڪري مون کي نفرت ٿي اچي؛ نئين چنڊ ۽ سبت ۽ جماعتن جي گڏ ٿيڻ مان بہ، ڇالاءِ جو آءٌ گناهہ سان عيد جي جماعت برداشت ڪري نٿو سگهان.


اوهين يهوداہ ۾ پڌرائي ڪريو ۽ يروشلم ۾ اشتهار ڏيو؛ ۽ چئو تہ اوهين ملڪ ۾ قرناءِ وڄايو: وڏيون رڙيون ڪري چئو تہ اوهين پاڻ ۾ گڏ ٿيو، پوءِ اچو تہ ڪوٽ وارن شهرن ۾ هلون.


قرناءِ پنهنجي وات تي رک. هو عقاب وانگر خداوند جي گهر تي ڪاهي ٿو اچي: ڇالاءِ جو هنن منهنجي عهد اقرار جي برخلاف، ۽ منهنجي شريعت جي برخلاف هلت ڪئي آهي.


هڪڙو خاص روزو مقرر ڪريو، ۽ سڄي جماعت کي گڏ ڪريو، بزرگن ۽ ملڪ جي سڀني ماڻهن کي خداوند پنهنجي خدا جي گهر ۾ گڏ ڪريو، ۽ خداوند کي پڪاريو.


اوهين صيون ۾ قرناءِ وڄايو، ۽ منهنجي پاڪ جبل تي خوف جي خبر ڏيو؛ ڀلي تہ ملڪ جا سڀ رهاڪو ڏڪي وڃن: ڇالاءِ جو خداوند جو ڏينهن اچي ٿو، اهو تمام ويجهو آهي؛


۽ خداوند موسيٰ کي فرمايو ۽ چيائينس تہ


پر جڏهن جماعت گڏ ٿيڻي هجي، تڏهن اوهين قرنائيون وڄائجو، پر خوفائتو آواز نہ ڪڍجو.


هڪڙو ئي خداوند، هڪڙو ئي ايمان ۽ هڪڙي ئي بپتسما آهي،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan