Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




ڳاڻاٽو 1:4 - Sindhi Bible

4 هرهڪ قبيلي جو هڪڙو هڪڙو ماڻهو؛ جو پنهنجي اباڻي گهراڻي جو سردار هجي، سو اوهان سان گڏ رهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

4 هر هڪ قبيلي مان هڪڙو هڪڙو ماڻهو جيڪو پنهنجي اباڻي گھراڻي جو وڏو هجي، سو انهيءَ ڪم ۾ اوهان جي مدد ڪري.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




ڳاڻاٽو 1:4
19 Iomraidhean Croise  

پوءِ سليمان، اسرائيل جا بزرگ، ۽ فرقن جا سڀ رئيس، ۽ بني اسرائيل جي ابن جي گهراڻن جا سردار يروشلم ۾ پاڻ وٽ گڏ ڪيا، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي عهدنامي جي صندوق دائود جي شهر مان، يعني صيئون مان ڪڍي آڻين.


انهيءَ کان سواءِ تون انهن مان ڪي اهڙا لائق ماڻهو چونڊي ڪڍ، جن کي خدا جو خوف هجي، ۽ جي سچار هجن، ۽ کين ناحق جي نفعي کان نفرت هجي؛ اهڙن ماڻهن کي هنن جي مٿان، ڪي هزارن جا حاڪم، ڪي سوَن جا حاڪم، ڪي پنجاهن جا حاڪم، ۽ ڪي ڏهن جا حاڪم مقرر ڪر.


۽ موسيٰ ساري اسرائيل مان قابل ماڻهو چونڊي ڪڍيا ۽ انهن کي ماڻهن جي مٿان حاڪم مقرر ڪيائين، ڪي هزارن جا حاڪم ڪيائين، ڪي سوَن جا، ڪي پنجاهن جا، ۽ ڪي ڏهن جا.


اِهي آهن ماڻهو جن کي جماعت مان سڏيو ويو، ۽ جي پنهنجي ابن ڏاڏن جي قبيلن جا سردار هئا؛ ۽ اُهي ئي اسرائيل ۾ هزارن جا رئيس هئا.


اهي آهن سڀيئي مرد، جن جو شمار ڪيو ويو، جن کي موسيٰ، ۽ هارون، ۽ اسرائيل جي ٻارهن سردارن شمار ڪيو: انهن مان هرڪو پنهنجي اباڻي گهراڻي مان هو.


۽ تون لاويءَ جي لٺ تي هارون جو نالو لک: ڇالاءِ جو هنن جي ابن ڏاڏن جي گهراڻن جي رئيسن مان هرهڪ جي لاءِ هڪ لٺ هئڻ گهرجي.


هاڻي، اهو اسرائيلي مرد، جو انهيءَ مدياني زال سان گڏ قتل ڪيو ويو، تنهن جو نالو زمري هو، ۽ هو سلو جو پٽ هو، جو شمعون جي قبيلي مان هڪڙي گهراڻي جو سردار هو.


۽ خداوند موسيٰ کي چيو، تہ ماڻهن جي سردارن کي جهلي، خداوند جي حضور اُس ۾ لٽڪائي ڇڏ، تہ خداوند جو غضب اسرائيل تان ٽري وڃي.


۽ موسيٰ بني اسرائيل جي قبيلن جي سردارن سان گفتگو ڪري، کين چيو تہ هيءَ اها ڳالهہ آهي، جنهن جو خداوند حڪم ڏنو آهي.


سو موسيٰ، ۽ هارون، ۽ جماعت جي سردارن، قهات جي پٽن جو سندن خاندانن، ۽ سندن ابن ڏاڏن جي گهراڻن موجب حساب ڪيو.


تنهن ڏينهن اسرائيل جا سردار جي پنهنجن ابن ڏاڏن جي گهراڻن جا رئيس، ۽ قبيلن جا سردار هئا، ۽ شمار ڪيل ماڻهن جي مٿان ٺهرايل هئا، تن قربانيون آنديون.


پوءِ مون اوهانجن قبيلن جا رئيس، جي ڏاها، ۽ مشهور ماڻهو هئا، تن کي اوهان جي مٿان حاڪم مقرر ڪيو. هزارن جا حاڪم، سوَن جا حاڪم، پنجاهن جا حاڪم ۽ ڏهن جا حاڪم.


۽ هن سان گڏ ڏهہ امير بہ موڪليائون، يعني اسرائيل جي هرهڪ فرقي مان هرهڪ اباڻي خاندان جو هڪ هڪ امير؛ ۽ انهن مان هرهڪ اسرائيل جي هزارن جو، پنهنجي پنهنجي اباڻي خاندان جو رئيس هو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan