تنهن کان سواءِ امصياہ يهوداہ کي گڏ ڪيو، ۽ ساري يهوداہ ۽ بنيمين کي سندس ابن جي گهراڻن موجب، هزارن جي سردارن ۽ سوَن جي سردارن هيٺ ترتيب وار بيهاري ويو: پوءِ ويهن ورهين جي ڄمار ۽ ان کان مٿي وارن جو شمار ڪيائين، ۽ ڏٺائين تہ اهي ٽي لک چونڊيل مرد، جنگ تي وڃڻ لائق آهن، ۽ نيزي ۽ سپر کڻڻ جهڙا آهن.
۽ اها فطيري مانيءَ جي عيد اوهين هميشہ ڪندا رهجو، ڇالاءِ جو انهيءَ ساڳئي ڏينهن مون اوهانجن لشڪرن کي مصر جي ملڪ مان ٻاهر آندو آهي: تنهنڪري اوهين انهيءَ ڏينهن کي پيڙهي بہ پيڙهي هميشہ جو قانون سمجهي قائم رکجو.
جن ماڻهن جي عمر ويهہ سال ۽ انهي کان وڌيڪ هئي، ۽ شمار ٿيندڙن ۾ داخل ٿيا هئا، تن جو تعداد ڇهہ لک ٽي هزار ۽ ساڍا پنج سؤ هو: انهن مان هر ڪنهن ماڻهوءَ هڪ بقع، يعني عبادتگاهہ جي مشقال جهڙو اڌ مشقال ڏنو هو.
اوهان جا لاشا هن بيابان ۾ ڪرندا، ۽ انهن سڀني جا، جن جو اوهان ۾ شمار ڪيو ويو آهي، يعني اوهان جي شمار موجب جن جي عمر ويهہ ورهيہ يا انهي کان مٿي آهي، جن منهنجي برخلاف ڪرڪر ڪئي آهي،
جڏهن ڪو ماڻهو ڪا نئين زال پرڻجي، تڏهن هو لشڪر ۾ شامل ٿي جنگ تي نہ وڃي، ۽ نہ انهي کي ڪو ٻيو ڪم ڪرڻ لاءِ ڏجي: هو هڪڙي سال تائين ڀلي تہ گهر ۾ آزاد رهي، ۽ جيڪا زال پرڻيو آهي تنهن کي خوش رکي.
۽ مون انهي وقت اوهان کي حڪم ڏيئي چيو، تہ خداوند اوهان جي خدا هيءُ ملڪ اوهان کي ملڪيت طور ڏنو آهي: تہ اوهان مان سڀ جنگي مرد هٿيار ٻڌي، اوهان جي ڀائرن بني اسرائيل جي اڳيان پار هلو.