Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 4:3 - Sindhi Bible

3 ۽ انهن کي حڪم ڏي تہ يردن جي وچ ۾ جنهن هنڌ ڪاهنن جا پير محڪم بيٺا هئا، اُتان ٻارهن پٿر پاڻ سان کڻي هلن، ۽ جنهن هنڌ اوهين اڄوڪي رات وڃي ٽڪو اُتي اُهي ڇڏي ڏجو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 انهن کي حڪم ڏي تہ اردن درياءَ جي وچ ۾ جنهن هنڌ ڪاهن بيٺا آهن، تنهن هنڌان ٻارهن پٿر کڻي اچن. کين ٻڌاءِ تہ اهي پٿر پاڻ سان کڻي ڪنعان جي انهيءَ هنڌ رکن جتي اوهين اڄ رات وڃي رهندا.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 4:3
11 Iomraidhean Croise  

۽ هي پهڻ، جو مون ٿنڀ وانگي کوڙيو آهي، سو خدا جو گهر ٿيندو: ۽ جيڪي تون مون کي ڏيندين، تنهن جو ڏهون حصو آءٌ ضرور توکي ڏيندس.


اي منهنجي جان خداوند کي مبارڪ چئُہ، ۽ هن جي ڪابہ نعمت نہ وسار.


خداوند پنهنجيءَ پاڪ هيڪل ۾ آهي، خداوند جو تخت آسمان ۾ آهي؛ سندس اکيون ڏسن ٿيون، هن جا ڇپر بني آدم کي آزمائين ٿا.


هن جواب ڏيئي چيو تہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ جي هنن ماٺ ڪئي، تہ خود پهڻ وٺي پڪاريندا.


پوءِ يشوع سڀني ماڻهن کي چيو تہ ڏسو، هي پٿر اسان تي هڪڙو شاهد ٿيندو؛ ڇالاءِ جو جيڪي ڳالهيون خداوند اسان سان ڪيون آهن، سي هن ٻڌيون آهن: تنهنڪري هو اوهان تي شاهد ٿيندو، تہ متان اوهين پنهنجي خدا جا انڪاري ٿي وڃو.


۽ هيئن ٿيندو تہ جنهن وقت خداوند، يعني ساري دنيا جي خداوند جي صندوق کڻڻ وارن ڪاهنن جا پير يردن جي پاڻيءَ ۾ لڳندا، انهيءَ وقت يردن جو پاڻي هيٺ ايندڙ پاڻيءَ کان ڌار ٿي پوندو، ۽ چڙهي بيهي رهندو.


تڏهن يشوع بني اسرائيل مان ٻارهن ماڻهو، هرهڪ فرقي مان هڪڙو ماڻهو، چونڊي تيار ڪيا، ۽ انهن کي سڏيائين:


۽ بني اسرائيل ائين ڪيو جيئن يشوع حڪم ڏنو، ۽ جهڙيءَ طرح خداوند يشوع کي فرمايو هو، تهڙيءَ طرح بني اسرائيل جي فرقي جي شمار موافق هنن ٻارهن پٿر يردن جي وچ مان کنيا، ۽ اُهي پاڻ سان کڻي پار لنگهي انهيءَ هنڌ آندائون، جتي هو ٽڪي پيا هئا، ۽ اُتي اُهي رکي ڇڏيائون.


تڏهن سموئيل هڪڙو پٿر مصفاہ ۽ شين جي وچ ۾ کڙو ڪيو، ۽ انهي جو نالو ابن عزر رکيائين، ۽ چيائين تہ هيستائين خداوند اسان جي مدد ڪئي آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan