Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 3:3 - Sindhi Bible

3 ماڻهن کي حڪم ڏنو تہ جڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جي عهدنامي جي صندوق لاوي ڪاهنن کي کڻندو ڏسو، تڏهن اوهين پنهنجي جاءِ تان ڪوچ ڪجو، ۽ انهيءَ جي پٺيان اُٿي هلجو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 ۽ ماڻهن کي حڪم ڏنائون تہ ”جڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جي عهد واري صندوق لاوي ڪاهنن کي کڻندي ڏسو تڏهن اوهين منزل کڻي انهيءَ جي پٺيان هلجو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 3:3
20 Iomraidhean Croise  

۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن خداوند جي صندوق کڻڻ وارا ڇهہ قدم هليا تڏهن هن هڪڙو ڏاند ۽ هڪڙو بيٺل ٿلهو جانور قرباني ڪيو.


۽ هنن اها صندوق هڪڙي نئين گاڏيءَ ۾ کڻي رکي، ۽ ابينداب جو گهر، جو ٽڪريءَ تي هو، تنهن مان ڪڍي آندائين: ۽ ابي ناداب جا پٽ عزہ ۽ احيو اها نئين گاڏي ڪاهي آيا:


۽ اسرائيل جا سڀ بزرگ آيا، ۽ ڪاهنن اچي صندوق کنئي.


نڪا ڪاهنن يعني لاوين کي، سوختني قربانين چاڙهڻ لاءِ، ۽ نذرانن ساڙڻ لاءِ، ۽ هميشہ قرباني ڪرڻ لاءِ منهنجي اڳيان ڪنهن ماڻهوءَ جي کوٽ ٿيندي.


پوءِ هو خداوند جي جبل کان روانا ٿيا، ۽ ٽي ڏينهن پنڌ ڪيائون، ۽ خداوند جي عهد جي صندوق ٽن ڏينهن جي پنڌ تائين، انهن جي واسطي آرام جي جاءِ ڳولڻ لاءِ سندن اڳيان پئي هلي.


۽ جڏهن هارون ۽ سندس پٽ، پاڪ مڪان ۽ انهي جي سامان کي ڍڪي بس ڪن، ۽ ڪوچ ڪرڻ جو وقت اچي، تڏهن قهات جا پٽ انهي جي کڻڻ لاءِ اچن: پر هو پاڪ مڪان کي نہ ڇهن متان مري پون. جماعت واري تنبوءَ مان اهي شيون قهات جي پٽن کي کڻڻيون آهن.


تڏهن يسوع پنهنجن شاگردن کي چيو تہ جيڪڏهن ڪو ماڻهو منهنجي پٺيان اچڻ گهري، تہ پنهنجي خوديءَ کي ماري، ۽ پنهنجو صليب کڻي منهنجي پٺيان اچي.


۽ هڪڙو فقيهہ آيو ۽ کيس چيائين، تہ اي اُستاد، جيڏانهن تون ويندين، اوڏانهن آئون بہ تنهنجي پٺيان هلندس.


تڏهن لاوي، جي خداوند جي عهد جي صندوق کڻندا هئا، تن کي موسيٰ حڪم ڏيئي چيو، تہ


۽ موسيٰ هيءَ شريعت لکي بني لاويءَ کي، جي ڪاهن هئا، ۽ خداوند جي عهد جي صندوق کڻندا هئا، ۽ اسرائيل جي سڀني بزرگن کي ڏني.


پر اوهان جي، ۽ انهيءَ جي وچ ۾، اٽڪل ٻن هزارن هٿن جيتري وڇوٽي رهي. انهيءَ کي ويجهو نہ اچجو، تہ جنهن رستي تان اوهان کي هلڻو آهي تنهن جي اوهان کي خبر پوي؛ ڇالاءِ جو اوهين اڳي ڪڏهن بہ هن رستي کان نہ آيا آهيو.


۽ يشوع ڪاهنن کي چيو تہ عهدنامي جي صندوق کڻي ماڻهن جي اڳيان اوهين پار لنگهو، ۽ هو صندوق کڻي اُٿي هليا.


۽ جيڪي ڪاهن عهدنامي جي صندوق کڻن ٿا تن کي تون حڪم ڏيئي چئُہ، تہ جڏهن يردن نديءَ جي ڪناري تي پهچن، تڏهن يردن جي پاڻيءَ ۾ ماٺ ڪري بيهي رهن.


ڇالاءِ جو جن ڪاهنن صندوق کنئي هئي، سي يردن جي وچ ۾ بيٺا هئا، جيستائين ڪ سڀ ڪم پورو ٿيو: پوءِ خداوند يشوع کي حڪم ڏنو، تہ جيڪي حڪم موسيٰ يشوع کي ڏنا هئا، انهن سڀني مطابق ماڻهن کي سمجهاءِ: ۽ ماڻهو جلدي جلدي پار لنگهي ويا.


تڏهن يشوع بن نون، ڪاهنن کي سڏي چيو تہ عهدنامي جي صندوق کڻو، ۽ ست ڪاهن گهٽن جي سڱن جون ست قرنائيون خداوند جي صندوق جي اڳيان کڻي هلن.


هي اُهي ماڻهو هئا، جي زالن سان ناپاڪ نہ ٿيا؛ ڇالاءِ جو اُهي ڪنوارا هئا ۽ گهيٽي جي پٺيان جيڏانهن هو وڃي ٿو اوڏانهن ٿا وڃن. اُهي مخلوقات مان خريد ڪيا ويا هئا، تہ خدا لاءِ ۽ گهيٽي لاءِ پهريون ڦل ٿين.


۽ لاوين خداوند جي صندوق هيٺ لاٿي ۽ اُها پيتي بہ، جا اُن سان گڏ رکيل هئي، ۽ جنهن ۾ سون جا زيور پيا هئا؛ ۽ اُهي اُنهي وڏي پٿر تي کڻي رکيائون: ۽ انهي ساڳئي ڏينهن بيت شمس جي ماڻهن خداوند جي لاءِ سوختني قربانيون چاڙهيون، ۽ ذبح ڪرڻ واريون قربانيون ادا ڪيائون.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan