Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 2:3 - Sindhi Bible

3 ۽ يريحو جي بادشاهہ راحب کي ماڻهو موڪليو تہ جيڪي ماڻهو تو وٽ آيا آهن، ۽ تنهنجي گهر لٿا پيا آهن تن کي آڻي حاضر ڪر: ڇالاءِ جو هو هن ملڪ جي جاسوسي ڪرڻ آيا آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 سو بادشاهہ راحب ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”جيڪي ماڻهو تنهنجي گھر ۾ آيا آهن تن کي آڻي حاضر ڪر، ڇاڪاڻ تہ هو هن سڄي ملڪ جي جاسوسي ڪرڻ لاءِ آيا آهن.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 2:3
15 Iomraidhean Croise  

۽ هيئن ٿيو جو اٽڪل ٽن مهينن کان پوءِ ڪن ماڻهن يهوداہ کي خبر ڏني تہ سندس ننهن تمر، ڪسبياڻي وارو ڪم ڪيو آهي، بلڪ ڏس، هوءَ حرام مان حاملہ ٿي آهي. تڏهن يهوداہ چيو تہ هن کي وٺي اچو ۽ ساڙي ڇڏيوس.


اسان هن کي چيو تہ اسين سچا ماڻهو آهيون، اسين جاسوس نہ آهيون:


پر بني عمون جي سردارن پنهنجي ڌڻي حنون کي چيو تہ تون ائين ڀانئين ٿو ڇا تہ دائود تنهنجي پيءُ کي عزت ٿو ڏئي، ۽ تنهنڪري معذرت ڪرڻ لاءِ توڏي ماڻهو موڪليا اٿس؟ دائود پنهنجا نوڪر توڏي انهيءَ ڪم لاءِ نہ موڪليا آهن ڇا تہ شهر جي تلاشي وٺي، ۽ انهيءَ جي جاسوسي ڪري، ۽ پوءِ انهيءَ کي ناس ڪري؟


۽ ابي سلوم جا نوڪر انهيءَ گهر ۾ انهيءَ زال وٽ آيا؛ ۽ چوڻ لڳا تہ اخيمعض ۽ يونتن ڪٿي آهن؟ ۽ انهيءَ زال ورندي ڏني تہ هو نهر جي پار لنگهي ويا؛ پوءِ هنن انهن کي ڳولهيو پر نہ لڌائون، تڏهن هو موٽي يروشلم ۾ آيا.


پر بني عمون جي سردارن حنون کي چيو تہ تون ائين ڀانئين ٿو ڇا تہ دائود تنهنجي پيءُ کي عزت ٿو ڏئي ۽ تنهنڪري معذرت ڪرڻ لاءِ تو ڏانهن ماڻهو موڪليا اٿس؟ هي سندس نوڪر تو وٽ انهيءَ ڪم لاءِ نہ آيا آهن ڇا تہ تلاشي وٺي ۽ جاسوسي ڪري ملڪ کي ناس ڪن؟


تہ خراب ماڻهو مصيبت جي ڏينهن لاءِ رکيو ويو آهي؟ ۽ غضب جي ڏينهن لاءِ اُهي بچايا ٿا وڃن؟


جنهن شخص لعنت ڪئي آهي، تنهن کي ڪڍي منزلگاهہ کان ٻاهر آڻ؛ ۽ جن جن اها ٻڌي آهي، سي سڀيئي پنهنجا هٿ انهي جي مٿي تي رکن، ۽ ساري جماعت انهي کي سنگسار ڪري.


پوءِ پلاطس وري ٻاهر نڪتو، ۽ چيائين تہ اِجهو، آئون هن کي اوهان وٽ ٻاهر وٺي آيو آهيان، تہ اوهان کي خبر پوي تہ مون کي منجهس ڪوبہ ڏوهہ ڏسڻ ۾ نٿو اچي.


۽ کيس جهلڻ کانپوءِ کڻي قيد ۾ وڌائينس، ۽ مٿس پهرو ڏيڻ لاءِ چئن چئن سپاهين جون چار چونڪيون رکي، انهن جي حوالي ڪيائينس، انهي مراد سان تہ فسح جي عيد کانپوءِ کيس ڪڍي ماڻهن جي اڳيان حاضر ڪندس.


۽ جڏهن هيروديس کيس ٻاهر وٺي اچڻ تي هو، تڏهن انهيءَ رات پطرس ٻن زنجيرن سان ٻَڌل ٻن سپاهين جي وچ ۾ سمهيو پيو هو، ۽ سپاهين دروازي جي اڳيان پهرو پئي ڏنو.


۽ هنن ائين ڪيو، ۽ انهن پنجن ئي بادشاهن کي غار مان ڪڍي آيا، يعني يروشلم جي بادشاهہ کي، ۽ حبرون جي بادشاهہ کي، ۽ يرموت جي بادشاهہ کي، ۽ لڪيس جي بادشاهہ کي، ۽ عجلون جي بادشاهہ کي.


۽ يريحو جي بادشاهہ کي ماڻهن وڃي ٻڌايو تہ اڄوڪي رات بني اسرائيل مان ڪي ماڻهو هتي آيا آهن، انهيءَ لاءِ تہ هن ملڪ جي جاسوسي ڪن.


تڏهن انهيءَ زال انهن ٻنهي ماڻهن کي وٺي لڪائي ڇڏيو، ۽ چوڻ لڳي تہ مون وٽ ماڻهو آيا تہ هئا پر خبر ڪانهي تہ ڪٿان جا هئا:


پوءِ سيسرا چيس تہ تنبوءَ جي در تي بيهي رهہ، ۽ جيڪڏهن ڪو ماڻهو اچي توکان پڇي ۽ چوي تہ هتي ڪو ماڻهو آهي؟ تڏهن تون چئجانءِ تہ نہ.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan