Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يشوع 1:2 - Sindhi Bible

2 منهنجو ٻانهو موسيٰ مري ويو آهي؛ تنهنڪري هاڻي اُٿ ۽ هن سڄيءَ قوم سميت يردن جي پار لنگهي هن ملڪ ۾ وڃ، جو آءٌ بني اسرائيل کي ٿو ڏيان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

2 کيس چيائين تہ ”منهنجو ٻانهو موسيٰ مري ويو آهي. هاڻي تون ۽ هيءَ سڄي قوم تيار ٿيو ۽ اردن درياءُ پار ڪري ڪنعان ملڪ ۾ وڃو جيڪو آءٌ بني اسرائيل کي ڏيڻ وارو آهيان.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يشوع 1:2
13 Iomraidhean Croise  

آءٌ توکي، ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد کي هيءَ زمين، يعني ڪنعان جو سارو ملڪ، جنهن ۾ تون پرديسي آهين، سو هميشہ جي لاءِ قبضي ۾ ڏيندس؛ ۽ آءٌ انهن جو خدا ٿيندس.


هنن جو اولاد بہ تو آسمان جي تارن جيترو وڌايو، ۽ هنن کي اُنهيءَ ملڪ ۾ آندو، جنهن جي نسبت ۾ تو هنن جي ابن ڏاڏن کي چيو تہ وڃي اُهو پنهنجي قبضي ۾ آڻيو.


۽ خداوند شيطان کي چيو تہ منهنجي ٻانهي ايوب بنسبت ڪو ويچار ڪيو اٿيئي؟ ڇالاءِ جو زمين تي انهيءَ جهڙو ڪامل ۽ سچو ماڻهو ٻيو ڪونهي جو خدا کان ڊڄي، ۽ بڇڙائيءَ کان پاسو ڪري.


ڏسو منهنجو بندو، جنهن کي آءٌ سنڀاليو اچان؛ منهنجو چونڊيل، جنهن مان منهنجي دل راضي آهي: مون پنهنجو روح انهيءَ تي نازل ڪيو آهي؛ هو قومن ۾ عدالت جاري ڪندو.


پر منهنجو ٻانهو موسيٰ اهڙو نہ آهي، هو منهنجي ساري گهر ۾ ايماندار آهي؛


پر يشوع کي حڪم ڏي، ۽ همتائينس، ۽ هن کي مضبوط ڪر؛ ڇالاءِ جو هو اُمت کي پار وٺي ويندو، ۽ جيڪو ملڪ تون ڏسندين، سو هنن کي ورثي ۾ ڏياريندو.


پوءِ موسيٰ يشوع کي سڏي، سڀني اسرائيلين جي اڳيان چيائينس تہ زور ڀريو ۽ همت وارو ٿيءُ: ڇالاءِ جو تون هن اُمت سان گڏجي انهي ملڪ ۾ ويندين، جنهن بابت خداوند هنن جي ابن ڏاڏن سان قسم کڻي چيو هو تہ هنن کي ڏيندو؛ ۽ تون هنن کي انهي جو وارث ڪندين.


سو خداوند جي ٻانهي موسيٰ، خداوند جي حڪم موجب، موآب جي ملڪ ۾ وفات ڪئي.


هاڻي خداوند جي ٻانهي موسيٰ جي مرڻ کان پوءِ هيئن ٿيو، جو خداوند موسيٰ جي خادم يشوع بن نون سان ڳالهايو، ۽ چيائينس تہ،


اوهين منزلگاهہ جي وچ مان لنگهي ماڻهن کي حڪم ڏيو تہ پنهنجي لاءِ کاڌي جو سامان تيار ڪن؛ ڇالاءِ جو ٽن ڏينهن جي اندر اوهان کي يردن جي پار لنگهڻو پوندو، انهيءَ لاءِ تہ جيڪو ملڪ خداوند ورثو ڪري اوهان کي ڏئي ٿو، سو هٿ ڪريو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan