Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 8:8 - Sindhi Bible

8 اوهين ڪيئن ٿا چئو تہ اسين ڏاها آهيون ۽ خداوند جي شريعت اسان وٽ آهي؟ پر ڏس، ڪاتبن جي ڪوڙي قلم ڪوڙ ڪمايا آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

8 اوهين ڪيئن ٿا چئو تہ ’اسين تہ داناءَ آهيون ۽ اسان وٽ خداوند جي شريعت آهي‘؟ پر ڏسو، عالمن پنهنجي ڪوڙي قلم سان شريعت جي سچائيءَ کي ڦيرائي ڇڏيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 8:8
18 Iomraidhean Croise  

پر بيهودو ماڻهو سمجهہ کان خالي آهي؛ هائو، انسان خچر جي ٻچي وانگر ڄمي ٿو.


هو اعتبار وارن جو ڳالهائڻ بند ڪري ٿو، ۽ بزرگن جي سمجهہ ڪڍي ڇڏي ٿو.


هو يعقوب کي پنهنجو ڪلام ۽ اسرائيل کي پنهنجا قانون ۽ فيصلا ٿو ڏيکاري.


اولاد جو اولاد ٻڍن ماڻهن جو ڇٽ آهي؛ ۽ ٻارن جو فخر سندن ابا آهن.


تنهنجي پهرئين پيءُ گناهہ ڪيو، ۽ تفسير ڪندڙن منهنجي برخلاف ڏوهہ ڪيو آهي.


تڏهن هنن چيو تہ اچو تہ يرمياہ جي برخلاف ڪي منصوبا ٺاهيون؛ ڇالاءِ جو شريعت ڪاهنن وٽان ٽري نہ ويندي، نہ صلاح مصلحت ڏاهي وٽان، ۽ نہ ڪلام نبيءَ وٽان. اچو تہ هن کي زبان سان ڌڪ هڻون، ۽ هن جي ڪنهن بہ ڳالهہ تي ڌيان نہ ڏيون.


۽ آءٌ هن هنڌ يهوداہ ۽ يروشلم جي صلاح مصلحت باطل ڪندس؛ ۽ آءٌ هنن کي سندن دشمنن جي اڳيان ترار سان ۽ جيڪي سندن ساهہ جا ڳولائو آهن تن جي هٿان مارائي وجهندس: ۽ هنن جا مڙهہ آءٌ هوا جي پکين ۽ زمين جي جانورن جو قوت ڪري ڇڏيندس.


ڪاهنن ايترو بہ ڪين چيو تہ خداوند ڪٿي آهي؟ ۽ جيڪي شريعت سان واهپي رکڻ وارا آهن، تن مون کي نہ سڃاتو: حاڪمن بہ منهنجي حڪم عدولي ڪئي، ۽ نبين بہ بعل جي نالي نبوت ڪئي ۽ اجاين شين جي پٺيان هليا.


ڇالاءِ جو منهنجي قوم بي عقل آهي ۽ مون کي نٿي سڃاڻي؛ اُهي نادان ڇوڪر آهن ۽ ڪابہ سمجهہ ڪونہ اٿن: اُهي برائي ڪرڻ لاءِ ڏاها آهن، پر ڀلائي ڪرڻ نٿا ڄاڻن.


اوهين ڪيئن ٿا چئو تہ اسين بهادر مرد ۽ جنگ جي لاءِ پهلوان آهيون؟


جيتوڻيڪ آءٌ هن جي لاءِ پنهنجي شريعت جا ڏهہ هزار حڪم لکان ٿو، تہ بہ اُهي ڌاريءَ شيءِ وانگر شمار ڪيا ٿا وڃن.


تڏهن اوهان پنهنجي روايت ڪري خدا جي ڪلام کي رد ڪري ڇڏيو آهي.


يسوع چين تہ جيڪڏهن انڌا هجو ها تہ اوهان تي ڏوهہ ڪونہ هجي ها، پر هاڻي جو چئو ٿا تہ اسين ڏسون ٿا، تنهنڪري اوهان تي ڏوهہ قائم آهي.


۽ پاڻ کي ڏاهو چوائي بي عقل ٿي پيا،


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan