Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 8:5 - Sindhi Bible

5 تڏهن ڇو هي يروشلم جا ماڻهو هميشہ جي برائيءَ لاءِ پٺ تي هٽي ويا آهن؟ هو ٺڳيءَ سان چهٽيل آهن، ۽ موٽڻ کان انڪار ٿا ڪن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

5 تہ پوءِ اي منهنجي قوم وارؤ! اوهين ڦري وڃڻ بعد مون ڏانهن موٽي ڇونہ آيا آهيو؟ اوهين بتن کي چنبڙي پيا آهيو ۽ وري مون آڏو توبهہ‌تائب نہ ٿا ٿيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 8:5
26 Iomraidhean Croise  

تعليم کي قابو ڪري جهل؛ ۽ وڃڻ نہ ڏينس؛ سنڀاليو اچينس؛ ڇالاءِ جو اها تنهنجي حياتي آهي.


پر جي اوهين منڪر ۽ باغي ٿيندا تہ ترار اوهان کي کائي ويندي: ڇالاءِ جو خداوند پنهنجي واتان ائين فرمايو آهي.


اُهي غيب ڏسڻ واري کي چون ٿا تہ غيب نہ ڏسو، ۽ نبين کي چون ٿا تہ اسان کي نبوت جون سچيون ڳالهيون نہ ٻڌايو؛ اسان کي وڻندڙ ڳالهيون ٻڌايو، ۽ ڪوڙي نبوت ڪريو.


هو رک کائي ٿو: ٺڳيل دل هن کي اهڙو گمراهہ ڪيو آهي جو هو پنهنجو روح ڇڏائي نٿو سگهي، ۽ نڪي چوي ٿو تہ منهنجي ساڄي هٿ ۾ ڪوڙ ناهي ڇا؟


جيتوڻيڪ اسان جون بدڪاريون اسان تي شاهدي ٿيون ڏين، تہ بہ اي خداوند، تون پنهنجي نالي جي خاطر ڪجهہ ڪر: ڇالاءِ جو اسان وري وري ڏوهي ٿيا آهيون: اسان تنهنجو گناهہ ڪيو آهي.


ڪا ڪنواري پنهنجا ڳهہ ڳٺا، يا ڪا ڪنوار پنهنجي پوشاڪ وساري ڇڏيندي ڇا؟ تڏهن بہ منهنجي قوم بيشمار ڏينهن کان مون کي وساري ڇڏيو آهي.


هو پنهنجي ڪاوڙ هميشہ لاءِ رکيو ايندو ڇا؟ هو پڇاڙيءَ تائين اها رکيو ايندو ڇا؟ ڏس، تو ائين ڳالهايو آهي، ۽ تہ بہ بڇڙا ڪم ڪيا اٿيئي، ۽ تون پنهنجي مرضيءَ پٺيان هلي آهين.


جيئن ڪو پڃرو پکين سان ڀريل هوندو آهي، تيئن هنن جا گهر بہ ٺڳيءَ سان ڀريل آهن: تنهن ڪري هو وڏا ٿيا آهن، ۽ دولت هٿ ڪئي اٿن.


اي خداوند، تنهنجون اکيون سچ تي نہ ٿيون نهارين ڇا؟ تو انهن کي ڌڪ هنيو آهي، پر کين ڏک ڪونہ ٿيو: تو هنن کي ماري کپائي ڇڏيو آهي، پر هنن سيکت وٺڻ کان انڪار ڪيو: هنن پنهنجا منهن ٽڪر کان بہ سخت ڪيا آهن، هنن موٽي ڦرڻ کان انڪار ڪيو آهي.


جنهن ڪري ٻيلي مان هڪڙو شينهن اچي هنن کي ماريندو، ۽ رڻ پٽ وارو بگهڙ هنن کي لٽيندو؛ ۽ چيتو هنن جي شهرن جي اڳيان ڄڪ هڻندو، ۽ جيڪو اُتان ٻاهر نڪرندو سو ٽڪر ٽڪر ڪيو ويندو: ڇالاءِ جو هنن جا قصور گهڻا آهن، ۽ هنن جي بي وفائي وڌي وئي آهي.


۽ مون اوهان تي نگهبان بيهاريا، ۽ چيم تہ قرناءِ جو آواز ٻڌو: پر هنن چيو تہ اسين ڪين ٻڌنداسين.


اي زمين، ٻڌ: ڏس آءٌ هن قوم تي خرابي آڻيندس، يعني سندن خيالن جو نتيجو، ڇالاءِ جو هنن منهنجون ڳالهيون نہ ٻڌيون آهن، ۽ منهنجي شريعت کي اصل رد ڪري ڇڏيو اٿن.


تنهنجي رهڻ جي جاءِ ٺڳيءَ جي وچ ۾ آهي؛ خداوند ٿو فرمائي تہ ٺڳيءَ جي ڪري هو مون کي سڃاڻڻ کان انڪار ٿا ڪن.


هائو، اسرائيل تنهنجي شريعت جي حد ڀڳي آهي، ۽ ڦري ٻئي پاسي ويا آهن، انهي لاءِ تہ تنهنجي حڪم عدولي ڪن؛ تنهنڪري اسان تي اُهو قسم، جو خدا جي ٻانهي موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي ۽ اُها لعنت نازل ٿي آهي؛ ڇالاءِ جو اسان هن جو گناهہ ڪيو آهي.


هو موٽي مصر جي ملڪ ۾ نہ ويندو؛ پر اسوري هن جو بادشاهہ ٿيندو، ڇالاءِ جو هنن موٽڻ کان انڪار ڪيو.


۽ منهنجي قوم ڪوتاهي ڪرڻ تي مائل آهي: جيتوڻيڪ هو انهن کي انهي وٽ اچڻ لاءِ سڏين ٿا جو بلنديءَ تي آهي، تہ بہ ڪو انهي کي تعظيم نہ ٿو ڏئي.


۽ هاڻي هو وڃن وڌيڪ گناهہ ڪندا، ۽ پنهنجي لاءِ چانديءَ جون پلٽيل مورتون ٿا جوڙين، يعني پنهنجي سمجهہ موافق بُت ٿا جوڙين، جي سڀ ڪاريگرن جا ڪم آهن: انهن بابت هو چون ٿا تہ جيڪي قربانيون چاڙهين ٿا، سي گابن کي چُمن.


ڇالاءِ جو اسرائيل پٺتي هٽندڙ گابيءَ وانگر پٺتي ٿو هٽي: هاڻي خداوند انهن کي هڪڙي ڪشادي هنڌ رڍن وانگر چاريندو.


پر هنن ٻُڌڻ کان انڪار ڪيو ۽ پنهنجو ڪلهو ڪڍيو، ۽ پنهنجا ڪَن بند ڪيا تہ نہ ٻُڌن.


تہ بہ اوهين مون وٽ اچڻ جي نٿا ڪريو تہ زندگي مليوَ.


سڀني ڳالهين کي آزمايو؛ جيڪا چڱي هجي، تنهن تي قائم رهو؛


خبردار متان اُنهي کان انڪار ڪريو جو ڳالهائي ٿو. ڇالاءِ جو جڏهن اُهي ماڻهو جن زمين تي هدايت ڪرڻ وارن کان انڪار ڪيو، سي بچي نہ سگهيا، تڏهن اسين آسمان مان هدايت ڪرڻ واري کان منهن موڙي ڪيئن بچي سگهنداسين.


انهي هوندي بہ جيڪي اوهان کي مليو آهي سو قابو ڪجو، جيسين ڪ آئون اچان.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan