Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 8:16 - Sindhi Bible

16 هن جي گهوڙن جو ڦوڪارو دان مان پيو ٻڌجي: هن جي مضبوط گهوڙن جي هڻڪار جي آواز تي سڄو ملڪ ڏڪي ٿو وڃي؛ ڇالاءِ جو هو اچي پهتا آهن؛ ۽ اهو ملڪ ۽ جيڪي اُن ۾ آهي، شهر ۽ جيڪي اُن ۾ رهن ٿا؛ هو سڀ ڳهي ويا آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

16 ڇاڪاڻ تہ ٻڌڻ ۾ ٿو اچي تہ دشمنن جا گھوڙا دان شهر ۾ پهچي ڦوڪارين پيا. هائو، هنن جي جنگي گھوڙن جي هڻڪار جي آواز تي سڄي ملڪ کي ڏڪڻي وٺي وڃي ٿي. اهي دشمن ان لاءِ آيا آهن تہ اهو ملڪ ۽ جيڪي منجھس آهي ۽ شهر ۽ جيڪي منجھن رهن ٿا تن سڀني کي ڳهي وڃن.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 8:16
22 Iomraidhean Croise  

تو هن کي مڪڙ وانگر ٽپايو آهي ڇا؟ هن جي ڦوڪارڻ جو شان خوفناڪ آهي.


زمين ۽ اُن جي ڀرپورائي خداوند جي آهي؛ جهان ۽ اُن جا رهاڪو بہ هن جا ئي آهن.


جيڪي بت پرست توکي نٿا سڃاڻن تن کي، ۽ جيڪي قبيلا تنهنجو نالو وٺي نٿا سڏين، تن تي پنهنجو قهر اوتي وجهہ؛ ڇالاءِ جو هنن يعقوب کي ڳڙڪائي ڇڏيو آهي؛ هائو انهن انهي کي کائي کپائي ڇڏيو آهي، ۽ انهي جي رهڻ جي جاءِ ويران ڪري ڇڏي اٿن.


پر اها خواري جهڙي شيءِ اسان جي جوانيءَ کان وٺي اسان جي ابن ڏاڏن جو پورهيو کائي وئي آهي؛ انهن جا ڌڻ ۽ گلا، انهن جا پٽ ۽ انهن جون ڌيئرون بہ کائي ويئي آهي.


تنهن ڪري جيڪي توکي ڳڙڪائين ٿا سي پاڻ ڳيسجي ويندا؛ ۽ تنهنجا سڀيئي مخالف قيد ٿي ويندا؛ ۽ جيڪي توکي لٽين ٿا سي پاڻ لٽجي ويندا، ۽ جيڪي توکي شڪار ڪن ٿا تن کي آءٌ شڪار لاءِ ڏيئي ڇڏيندس.


خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اسان ڏڪڻي ۽ ڊپ جو آواز ٻڌو آهي، نہ خير سلامتي جو.


مون جبل ڏٺا ۽ اُهي پئي ڏڪيا، ۽ سڀ ٽڪريون هيڏي هوڏي پئي لڏيون.


هڪڙو شينهن پنهنجي گهاٽي جهنگ مان نڪتو آهي، يعني هڪڙو قومن کي ناس ڪندڙ: اهو پنڌ ۾ آهي، اُهو پنهنجي جاءِ تان هليو آهي؛ انهي لاءِ تہ ملڪ کي ويران ڪري، ۽ تنهنجا شهر سڃا ٿي وڃن، ۽ منجهن رهڻ وارو ڪونہ بچي.


هن جي زور وارن گهوڙن جي سنبن جي دٻڪي تي، هن جي گاڏين جي ڪڙڪي تي، هن جي ڦيٿن جي گوڙ تي، ماڻهو ضعيف هٿن ڪري پنهنجن ٻارن ڏي ڪنڌ ورائي نٿا نهارين؛


۽ هو تنهنجو فصل کائي ويندا، ۽ تنهنجي ماني بہ، جا تنهنجن پٽن ۽ تنهنجن ڌيئن کي کائڻ گهرجي: هو تنهنجا ڌڻ ۽ تنهنجا گلا کائي ويندا: هو تنهنجون ڊاکون ۽ تنهنجا انجير جا وڻ، کائي ڇڏيندا: هو تنهنجا ڪوٽن وارا شهر، جن تي تنهنجو ڀروسو آهي، سي ترار سان چٽ ڪندا.


اُهي ڪمان ۽ نيزو کڻن ٿا؛ اُهي ظالم آهن ۽ ڪوبہ رحم ڪونہ اٿن: انهن جو آواز سمنڊ وانگي گوڙ ٿو ڪري، ۽ اُهي گهوڙن تي چڙهن ٿا؛ اي بابل جي ڌيءَ، سڀڪو توتي جنگي بهادر وانگي سنبريو اچي.


۽ زمين ڏڪي ٿي ۽ سورن ۾ آهي: ڇالاءِ جو خداوند جون رٿون بابل جي برخلاف قائم آهن، انهي لاءِ تہ بابل جي ملڪ کي اهڙو ويران ڪري جو ان ۾ ڪوبہ ماڻهو نہ رهي.


هو ڪمان ۽ نيزو کڻن ٿا؛ هو ظالم آهن ۽ ڪوبہ رحم نہ اٿن؛ هنن جو آواز سمنڊ وانگي گجي ٿو، ۽ هو گهوڙن تي چڙهن ٿا؛ اي صيون جي ڌيءَ، سڀيئي صف ٻڌي تو سان جنگ جي لاءِ تيار ٿيا آهن.


چهبڪ جو آواز ۽ چيڪلن جو ڪڙڪو؛ ڪُڏندڙ گهوڙا ۽ ٽپندڙ گاڏيون؛


جبلن توکي ڏٺو ۽ ڏڪي ويا؛ پاڻيءَ جون لهرون لنگهي ويون؛ سمنڊ پنهنجو آواز ٻڌايو، ۽ لهرون مٿي چڙهي آيون.


ڇالاءِ جو ”زمين ۽ انهي جي ڀرپوري خداوند جي آهي.“


پر جي ڪو ماڻهو اوهان کي چوي تہ هيءَ شيءِ قرباني ٿيل آهي، تہ انهيءَ چتائڻ واري جي خاطر، ۽ ضمير خاطر نہ کائو.


۽ انهيءَ شهر جو نالو هنن دان رکيو، يعني پنهنجي پيءُ دان جي نالي پٺيان، جو اسرائيل جو پٽ هو: پر اڳي انهيءَ شهر جو نالو ليس هو.


تڏهن سڀ بني اسرائيل هڪ دل ٿي ٻاهر نڪتا، ۽ جماعت جلعاد ۽ دان کان وٺي بيرسبع تائين، مصفاہ ۾، خداوند جي لاءِ گڏ ٿي،


تڏهن گهوڙن جا سنب ٽپڻ جي ڪري دٻڪو ڪرڻ لڳا، يعني هنن جي بهادرن جي ٽپڻ جي ڪري.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan