Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 8:11 - Sindhi Bible

11 ۽ هنن سلامتي، سلامتي، چئي منهنجي قوم جي ڌيءَ جي ڦٽ جو ڪچو علاج ڪيو آهي؛ پر حقيقت ڪري سلامتي ڪانهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

11 منهنجي قوم جا ڦٽ بہ هنن کي معمولي رهڙون نظر اچن ٿا، اهو ئي سبب آهي جو هو ’خير آهي، خير آهي،‘ چوندا ٿا وتن، جڏهن تہ ڪوبہ خير ڪونهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 8:11
14 Iomraidhean Croise  

۽ جيڪو قاصد ميڪاياہ کي سڏڻ ويو هو تنهن هن کي چيو تہ هاڻي ڏس، سڀني نبين هڪ زبان ٿي بادشاهہ جي نسبت ۾ چڱيون ڳالهيون ڪيون آهن: آءٌ منٿ ٿو ڪريان، تہ تون بہ اُنهن مان هڪڙي وانگر ڪلام ڪر ۽ خوشخبري ڏي.


تڏهن اسرائيل جي بادشاهہ نبي گڏ ڪيا، جي اٽڪل چار سؤ ماڻهو اچي گڏ ٿيا، ۽ اُنهن کي چيائين تہ آءٌ جنگ ڪرڻ لاءِ رامات جلعاد تي ڪاهي وڃان يا ماٺ ڪيو ويٺو هجان؟ ۽ هنن چيو تہ ڀلي وڃ؛ ڇالاءِ جو خداوند انهيءَ کي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏيندو.


تڏهن مون چيو تہ هاءِ، اي خداوند خدا، ڏس، نبي هنن کي چون ٿا تہ اوهين ترار نہ ڏسندا، نڪي اوهان ۾ ڏڪار پوندو! پر آءٌ اوهان کي هن هنڌ يقيناً خير سلامتي ڏيندس.


جيڪي مون کي ڌڪارين ٿا تن کي هو هميشہ پيا چون تہ خداوند فرمايو آهي تہ اوهان وٽ خير سلامتي هوندي؛ ۽ جيڪي پنهنجي دل جي نٺرائي پٺيان ٿا هلن تن مان هر هڪ کي هو چون ٿا تہ اوهان تي ڪابہ خرابي نہ ايندي.


هنن سلامتي، سلامتي، چئي منهنجي قوم جي ڦٽ جو ڪچو علاج ڪيو آهي، پر حقيقت ڪري سلامتي ڪانهي.


اسان سلامتيءَ لاءِ نهاريو، پر چڱائي ڪانہ آئي: ۽ شفا جي وقت لاءِ منتظر رهياسين پر خوف ڏٺوسين!


تنهنجن نبين تنهنجي لاءِ اجاين ۽ بي عقليءَ جهڙين ڳالهين جا خواب ڏٺا آهن؛ ۽ انهن تنهنجي بدڪاري ڳولي نہ لڌي آهي، جو تنهنجا قيدي موٽائي آڻين: پر هنن تنهنجي لاءِ بيهودا مضمون ۽ شهر نيڪاليءَ جا سبب ڏٺا آهن.


ڇالاءِ جو ڪوڙ سان، جن سچارن کي مون غمگين نہ ڪيو آهي، تن جي دل کي اوهان رنج ڪيو آهي؛ ۽ شرير جي هٿن کي زور وارو ڪيو اٿوَ، تہ اُهو پنهنجي خراب رستي کان باز نہ اچي ۽ جيئرو نہ رهي.


جيڪڏهن ڪو ڪوڙو ماڻهو ڪوڙي روح سان ڪوڙ ڪري چوي، تہ آءٌ شراب ۽ نشي بابت پيشنگوئي ڪري ٻڌائيندس، تہ اهو ئي سندن نبي ٿو ٿئي!


جڏهن ماڻهو پيا چوندا تہ اطمينان ۽ سلامتي آهي، تڏهن جيئن حاملہ زال کي سور لڳندا آهن، تيئن اوچتو ئي اوچتو موت اچي مٿان ڪڙڪندو؛ ۽ ڪو وسيلو ڪونہ ٿيندو.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan