Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 7:7 - Sindhi Bible

7 تہ آءٌ اوهان کي هن هنڌ وسائيندس، يعني انهي ملڪ ۾ جو مون قديم وقت کان وٺي هميشہ لاءِ اوهان جن ابن ڏاڏن کي ڏنو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

7 تہ پوءِ آءٌ اوهان کي هن هنڌ تي آباد ڪري ڇڏيندس، يعني هن ملڪ ۾ جيڪو مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي هميشہ هميشہ لاءِ ڏيئي ڇڏيو هو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 7:7
12 Iomraidhean Croise  

نڪي آءٌ اسرائيل جو پير انهيءَ زمين مان وري ڪڏهن ڪڍندس، جا مون اوهان جي ابن ڏاڏن لاءِ مقرر ڪئي آهي؛ بشرطيڪ جيڪي حڪم مون هنن کي ڏنا آهن، يعني ساري شريعت ۽ سڀ قاعدا ۽ قانون، جي موسيٰ جي هٿان ڏنا اٿم، تنهن جي تعميل ڪندا.


اوهين ڪنهن بيوہ يا يتيم کي نہ ڏکوئجو.


جي اوهين راضي ۽ فرمانبردار ٿيندا تہ اوهين پنهنجي زمين جي چڱي اُپت کائيندا:


انهيءَ چيو تہ اوهان مان هرڪو پنهنجي خراب رستي کان ۽ پنهنجي ڪمن جي خرابيءَ کان باز اچي، ۽ جيڪا زمين خداوند قديم وقت کان هميشہ لاءِ اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني آهي تنهن ۾ رهي:


تنهن ڪري هاڻي اوهين پنهنجا رستا ۽ پنهنجا ڪم سڌاريو ۽ خداوند پنهنجي خدا جو ڪلام مڃيو، تہ پوءِ جنهن خرابيءَ جو خداوند اوهان جي برخلاف حڪم جاري ڪيو آهي تنهن کان هو ڦرندو.


انهن ڏينهن ۾ يهوداہ جو گهراڻو اسرائيل جي گهراڻي سان هلندو، ۽ اهي گڏجي اُتر واري ملڪ مان نڪري انهي ملڪ ۾ ايندا، جو مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي ورثو ڪري ڏنو آهي.


مون اوهان ڏي پنهنجا ٻانها نبي موڪليا آهن، بلڪ صبح جو سوير اُٿي موڪليا اٿم، ۽ چيو اٿم تہ هاڻي اوهين سڀ پنهنجي بڇڙي رستي کان باز اچو، ۽ پنهنجا ڪم سڌاريو، ۽ ٻين معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي عبادت نہ ڪريو، تہ جيڪا زمين مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني آهي، تنهن ۾ رهندا اچو: پر اوهان ڪن ڪونہ ڏنو ۽ منهنجي ڳالهہ نہ ٻڌي.


خداوند ٿو فرمائي تہ اي اسرائيل، جي تون موٽندين، تہ مون ڏي موٽي ايندين: ۽ جي تون پنهنجون ڪراهت جهڙيون شيون منهنجي نظر کان پاسي ڪندين، تہ پوءِ تون برطرف نہ ڪيو ويندين؛


مون چيو تہ يقيناً تون مون کان ڊڄندين، تون سيکت قبول ڪندين؛ تہ من تنهنجي رهڻ جي جڳهہ ڊاهي نہ وڃي، جيئن سندس لاءِ مون حڪم ڪيو هو: پر هو سوير ئي اُٿيا ۽ پنهنجا سڀ بڇڙا ڪم ڪيائون.


۽ هن جا قانون ۽ هن جا حڪم، جي اڄ آءٌ توکي ٻڌايان ٿو، تن تي عمل ڪر، تہ تنهنجو ۽ توکان پوءِ تنهنجي اولاد جو ڀلو ٿئي، ۽ جيڪو ملڪ خداوند تنهنجو خدا توکي هميشہ لاءِ ڏئي ٿو، تنهن ۾ تنهنجي عمر وڏي ٿئي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan