Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 7:6 - Sindhi Bible

6 جيڪڏهن اوهين مسافر ۽ يتيم ۽ بيوہ زالن تي ظلم نہ ڪندا، ۽ هن جاءِ تي بي ڏوهين جو رت نہ وهائيندا، نڪي ٻين معبودن جي پٺيان لڳي پاڻ کي نقصان پهچائيندا:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

6 جيڪڏهن اوهين يتيم ۽ رن‌زال توڙي پاڻ وٽ رهندڙ ڪنهن ڌارئي تي ظلم نہ ڪندا، نڪي هن جاءِ تي بي‌ڏوهين جو رت وهائيندا، ۽ نہ وري غير معبودن جي پوڄا ڪندي پاڻ کي نقصان پهچائيندا،

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 7:6
37 Iomraidhean Croise  

۽ هن پنهنجي پٽ کي باهہ مان لنگهايو، ۽ فالون وجهارايائين، ۽ جادو ڪم ۾ آندائين، ۽ جن کي جن اُپندا هئا تن سان، ۽ ڏائڻن سان واهپو رکيائين: هن خداوند کي ڪاوڙائڻ لاءِ سندس نظر ۾ گهڻي خرابي ڪئي.


۽ انهيءَ بي گناهہ رت جي ڪري، جو هن وهايو هو؛ ڇالاءِ جو هن يروشلم کي بي گناهہ رت سان ڀري ڇڏيو هو: ۽ خداوند معافي ڏيڻ نٿي گهري.


۽ بيگناهن جو، يعني پنهنجي پٽن ۽ ڌيئرن جو رت وهايائون، جن کي انهن ڪنعان جي بتن جي اڳيان قربان ڪيو؛ ۽ ملڪ کي رت سان پليت ڪيائون.


قديم حد جا نشان اصلوڪي جاءِ تان نہ چور؛ ۽ يتيمن جي ٻنين ۾ دخل نہ ڪر:


انهن جا پير برائيءَ ڏانهن ڊوڙن ٿا، ۽ اهي بي گناهہ جو رت وهائڻ لاءِ تڪڙا ٿا ٿين: انهن جا خيال بدڪاريءَ جا آهن؛ انهن جي واٽن ۾ ويراني ۽ بربادي آهي.


اها خراب قوم، جا منهنجن ڳالهين ٻڌڻ کان انڪار ٿي ڪري، ۽ جا پنهنجي دل جي نٺرائي سان هلي ٿي، ۽ ٻين معبودن جي بندگي ڪرڻ لاءِ انهن جي پٺيان ٿي وڃي، ۽ اُنهن کي سجدو ٿي ڪري، سا بہ انهي ڪمربند جهڙي ٿيندي، جو ڪنهن بہ ڪم جو ناهي.


ڇالاءِ جو هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ هن جاءِ کي ناپاڪ ڪيو اٿن، ۽ انهي ۾ انهن ٻين معبودن جي لاءِ لوبان پئي ساڙيو آهي جن معبودن جي نہ کين، نہ سندن ابن ڏاڏن کي ۽ نہ يهوداہ جي بادشاهن کي خبر هئي؛ ۽ هن جاءِ کي بي گناهہ ماڻهن جي رت سان ڀري ڇڏيو اٿن؛


بي فائدي مون اوهان جي اولاد کي ماريو ڪُٽيو، پر انهن کي ڪابہ سيکت نہ آئي: خود اوهان جي ترار ناس ڪندڙ شينهن وانگي، اوهان جن نبين کي ڳهي وئي آهي.


بيگناهہ غريبن جي جانين جو رت بہ تنهنجي گود ۾ لڌو آهي: مون اُهو ڪنهن کاٽ هڻڻ جي جاءِ تي نہ ڏٺو آهي، پر انهن سڀني جي مٿان ظاهر آهي.


رڳو هيتري پڪ ڄاڻو تہ جي اوهين مون کي ماري وجهندا، تہ اوهين هڪڙي بيگناهہ جو خون پنهنجي مٿان، ۽ هن شهر تي، ۽ اُن جي رهاڪن تي آڻيندا، ڇالاءِ جو خداوند سچ پچ مون کي اوهان ڏي موڪليو آهي، تہ اهي سڀ ڳالهيون ڪري اوهان جن ڪنن تي وجهان.


۽ اُهي اورياہ کي مصر مان ڪڍي يهويقيم بادشاهہ وٽ آيا: جنهن هن کي ترار سان قتل ڪري ان جو لاش عام ماڻهن جي قبرستان ۾ اُڇلائي ڇڏيو.


مون اوهان ڏي پنهنجا ٻانها نبي موڪليا آهن، بلڪ صبح جو سوير اُٿي موڪليا اٿم، ۽ چيو اٿم تہ هاڻي اوهين سڀ پنهنجي بڇڙي رستي کان باز اچو، ۽ پنهنجا ڪم سڌاريو، ۽ ٻين معبودن جي پٺيان لڳي انهن جي عبادت نہ ڪريو، تہ جيڪا زمين مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني آهي، تنهن ۾ رهندا اچو: پر اوهان ڪن ڪونہ ڏنو ۽ منهنجي ڳالهہ نہ ٻڌي.


هو ٿلها ٿيا آهن، هو چمڪن ٿا: هائو، هو شرارت جي ڪمن ۾ گوءِ کڻي ويا آهن: هو يتيمن جي طرفان حجت دليل نٿا ڪن تہ هو سکيا ٿين: ۽ هو محتاجن جي حق جو انصاف نٿا ڪن.


ڇالاءِ جو جيڪڏهن اوهين پوري طرح پنهنجا رستا ۽ پنهنجا ڪم سڌاريندا؛ جيڪڏهن اوهين هڪڙي ماڻهوءَ ۽ سندس پاڙيسريءَ جي وچ ۾ پوريءَ طرح انصاف ڪندا؛


اوهين چوري ۽ خون ۽ زنا ڪندا ڇا، ۽ ڪوڙو قسم کڻندا، ۽ بعل جي اڳيان لوبان ساڙيندا، ۽ جن ٻين معبودن کي اوهين نہ سڃاڻندا هئا تن جي پيروي ڪندا ڇا؟


اهو هن جي نبين جي گناهن، ۽ هن جي بدڪارين ڪري آهي، ان جي وچ ۾ سچن جو رت وهايو ويو آهي.


۽ هن جبلن تي نہ کاڌو هوندو، ۽ نہ اسرائيل جي گهراڻي جي بُتن ڏانهن پنهنجون اکيون کنيون هوندائين، نڪي پنهنجي پاڙيسريءَ جي زال کي ناپاڪ ڪيو هوندائين، نڪي ڪنهن زال کي حيض ۾ ويجهو آيو آهي؛


تو ۾ هنن ماءُ پيءُ ڏانهن حقارت پئي ڏيکاري آهي؛ تنهنجي وچ ۾ هنن پرديسين سان ظلم پي ڪيو آهي: تو ۾ هنن يتيمن ۽ بيوهن کي پئي ستايو آهي.


جيڪڏهن ڪو پرديسي اوهان جي ملڪ ۾ اچي رهي، تہ انهي کي نہ ستائجو.


۽ اوهين هڪ ٻئي سان ظلم نہ ڪجو؛ پر تون پنهنجي خدا کان ڊڄندو رهج: ڇالاءِ جو آءٌ خداوند تنهنجو خدا آهيان.


لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ فتويٰ جي لاءِ اوهان کي ويجهو ايندس؛ ۽ جادوگرن، ۽ زناڪارن، ۽ ڪوڙن قسمن کڻندڙن جي برخلاف، ۽ انهن جي برخلاف بہ، جي پورهيت کي مزدوري نٿا ڏين، ۽ بيوهہ زالن ۽ يتيمن تي ظلم ٿا ڪن، ۽ ڌارين سان ناحق ٿا ڪن ۽ مون کان نٿا ڊڄن؛ انهن سڀني جي برخلاف آءٌ تکو شاهد ٿيندس.


۽ سڀني ماڻهن ورندي ڏيئي چيو، تہ ڀلي تہ هن جو خون اسان تي، ۽ اسان جي اولاد تي هجي.


۽ چوڻ لڳو، تہ مون گناهہ ڪيو آهي، جو بي ڏوهيءَ کي جهلايو اٿم. پر هنن چيس تہ انهي ۾ اسان جو ڇا؟ تون ڄاڻ، تنهنجو ڪم ڄاڻي.


۽ لعنت انهيءَ حالت ۾، جڏهن اوهين خداوند پنهنجي خدا جا حڪم نہ مڃيندا، ۽ جنهن رستي جو مون اڄوڪي ڏينهن اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تنهن کي ڇڏي ٻئي پاسي ڦرندا، ۽ ٻين معبودن جي پيروي ڪندا، جن جي اڃا تائين اوهان کي خبر ڪانهي.


تون ڪنهن مسافر يا يتيم سان ناحق نہ ڪج، نڪي ڪنهن بيوہ زال جا ڪپڙا گروي رکج:


جيڪو ماڻهو پرديسيءَ، يتيم، ۽ بيوہ زال سان ناحق ڪري سو ملعون آهي، ۽ سڀ ماڻهو چون، آمين.


۽ هيئن ٿيندو، تہ جيڪڏهن تون خداوند پنهنجي خدا کي وساريندين، ۽ ٻين معبودن جي پيروي ڪندين، ۽ انهن جي عبادت ڪندين، ۽ انهن کي سجدو ڪندين، تہ آءٌ اڄوڪي ڏينهن اوهان جي برخلاف شاهدي ٿو ڏيان تہ اوهين ضرور نابود ٿيندا.


اسان جي خدا ۽ پيءُ جي حضور ۾ خالص ۽ بي عيب دينداري اها آهي، تہ يتيمن ۽ بيوهہ زالن جي سندن مصيبت جي وقت سنڀال ڪجي ۽ پاڻ کي دنيا کان بي داغ رکجي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan