Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 7:4 - Sindhi Bible

4 اوهين ڪوڙين ڳالهين تي ڀروسو نہ رکو جو چئو ٿا تہ خداوند جي هيڪل، خداوند جي هيڪل، هيءَ خداوند جي هيڪل آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

4 باقي اوهين پنهنجي حفاظت جو يقين ڪندي ائين چئي پاڻ کي نہ ٺڳيو تہ ’هيءَ خداوند جي هيڪل آهي، هيءَ خداوند جي هيڪل آهي، هيءَ خداوند جي هيڪل آهي.‘

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 7:4
16 Iomraidhean Croise  

تہ آءٌ اسرائيل کي اُنهيءَ ملڪ مان ڪڍي ڇڏيندس جو مون هنن کي ڏنو آهي؛ ۽ هيءُ گهر، جنهن کي مون پنهنجي نالي لاءِ پاڪ ڪيو آهي، سو پنهنجي نظر مان ڪڍي ڇڏيندس؛ ۽ اسرائيل سڀني قومن ۾ هڪڙو مثل ۽ پهاڪو ٿي ويندو:


ڇالاءِ جو اهي پاڻ کي پاڪ شهر جا سڏين ٿا، ۽ اسرائيل جي خدا تي ڀروسو رکن ٿا؛ جنهن جو نالو لشڪرن جو خداوند آهي.


ڪوبہ راستيءَ سان دعويٰ نٿو ڪري، ۽ ڪوبہ سچائيءَ سان حجت نٿو ڪري: اهي اجاين ڳالهين تي ڀروسو رکن ٿا، ۽ ڪوڙ ٿا ڳالهائين؛ انهن جي پيٽ ۾ دغا آهي، ۽ هو بدڪاري ٿا ڄڻين.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ آسمان منهنجو تخت آهي، ۽ زمين منهنجي پيرن جي صندلي آهي: اوهين منهنجي لاءِ ڪهڙي قسم جو گهر جوڙيندا؟ ۽ ڪهڙي جاءِ منهنجي آرامگاهہ ٿيندي؟


تڏهن يرمياہ نبيءَ حننياہ نبيءَ کي چيو تہ اي حننياہ، هاڻي ٻڌ؛ خداوند توکي ڪونہ موڪليو آهي؛ پر تون هن قوم کي هڪڙي ڪوڙ تي ڀروسو ٿو ڪرائين.


ڇالاءِ جو هنن اسرائيل ۾ بي عقليءَ جو ڪم ڪيو، ۽ پنهنجي پاڙيسرين جي زالن سان زناڪاري ڪئي، ۽ ڪوڙ ڪري منهنجي نالي سان اهڙيون ڳالهيون ڪيون جي مون هنن کي نہ چيون هيون: ۽ خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اهو آهيان جو ڄاڻان ٿو ۽ شاهد آهيان.


تہ سڀني قيدين کي چوائي موڪل تہ خداوند سمعياہ نخلاميءَ جي نسبت ۾ هيئن ٿو فرمائي، تہ سمعياہ اوهان وٽ نبوت ڪئي آهي پر مون هن کي ڪونہ موڪليو آهي، ۽ هن اوهان کي ڪوڙ تي ڀروسو ڪرايو آهي،


هنن سلامتي، سلامتي، چئي منهنجي قوم جي ڦٽ جو ڪچو علاج ڪيو آهي، پر حقيقت ڪري سلامتي ڪانهي.


تنهن ڪري جيڪو گهر منهنجي نالي پٺيان سڏبو آهي، جنهن تي اوهين ڀروسو رکو ٿا، ۽ اُها جاءِ جا مون اوهان کي ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏني، تنهن جو اهڙو حال ڪندس، جهڙو مون سيلا جو ڪيو آهي.


۽ اوهان جَوَن جي مٺين لاءِ، ۽ ماني جي ٽڪرن لاءِ، منهنجي قوم ۾ منهنجي بي ادبي ڪئي آهي، انهي لاءِ تہ انهن کي ماريو، جي مرڻ جا لائق ناهن؛ ۽ اُهي بچايو جي بچائڻ جا لائق نہ آهن: ۽ منهنجي قوم، جا ڪوڙيون ڳالهيون ٻڌي ٿي، تنهن کي ڪوڙ ٻڌائڻ سان اوهين ائين ڪريو ٿيون.


انهن جا سردار انعام لاءِ عدالت ٿا ڪن، ۽ انهن جا ڪاهن ڀاڙو وٺي تعليم ٿا ڏين، ۽ نبي پئسن تي غيب گوئي ٿا ڪن، انهي هوندي بہ هو خداوند تي ڀروسو رکڻ ٿا گهرن ۽ چون ٿا تہ خداوند اسان جي وچ ۾ ناهي ڇا؟ اسان تي ڪابہ خرابي نہ ايندي.


انهيءَ ڏينهن تون پنهنجن سڀني ڪمن کان شرمندي نہ ٿيندينءَ ڇا، جن سان تو منهنجو گناهہ ڪيو آهي؟ ڇالاءِ جو تڏهن آءٌ تنهنجي وچ مان سڀني مغرورن کي ڪڍي ڇڏيندس، ۽ تون منهنجي پاڪ جبل تي وري مغروري نہ ڏيکاريندينءَ.


تنهنڪري توبهہ جي لائق ڦل اُپايو، ۽ پنهنجي دل ۾ ائين چوڻ جي نہ ڪريو تہ ابراهيم اسان جو پيءُ آهي: ڇالاءِ تہ آئون اوهان کي چوان ٿو تہ خدا هنن پهڻن مان ابراهيم لاءِ ٻار پيدا ڪري ٿو سگهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan