Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 7:16 - Sindhi Bible

16 تنهن ڪري تون انهيءَ قوم جي لاءِ دعا نہ گهر، نڪي انهن جي لاءِ وڏيون دانهون ڪر يا عرض ڪر، نڪي مون وٽ انهن جي شفاعت ڪر: ڇالاءِ جو آءٌ تنهنجي نہ ٻڌندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

16 خداوند فرمايو تہ ”اي يرمياہ! تون انهيءَ قوم لاءِ دعا نہ گھر، نڪي انهن جي لاءِ آواز اٿار ۽ نہ عرض ڪر، نڪي مون وٽ انهن جي سفارش ڪر، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تنهنجي نہ ٻڌندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 7:16
14 Iomraidhean Croise  

۽ بناياہ بن يهويدع، ڪريتين ۽ فلستين جي مٿان هو؛ ۽ دائود جا پٽ ڪاهن هئا.


تنهنڪري هاڻي مون کي ڇڏ تہ منهنجي ڪاوڙ هنن تي ڀڙڪو کائي، ۽ آءٌ کين ساڙي رک ڪري ڇڏيان؛ پر آءٌ تو منجهان هڪڙي وڏي قوم پيدا ڪندس.


۽ جڏهن اوهين پنهنجا هٿ پکيڙيندا تڏهن آءٌ پنهنجون اکيون اوهان کان لڪائيندس: هائو، جڏهن اوهين گهڻيون دعائون گهرندا تڏهن آءٌ اُهي نہ ٻڌندس: اوهان جا هٿ رت سان ڀريل آهن.


تنهن ڪري تون انهي قوم جي لاءِ متان دعا گهرين، نڪي انهن جي لاءِ روئي عرض احوال ڪر: ڇالاءِ جو جڏهن هو پنهنجي مصيبت جي وقت مون وٽ دانهون ڪندا تڏهن آءٌ هنن جي نہ ٻڌندس.


تڏهن خداوند مون کي چيو تہ جيتوڻيڪ موسيٰ ۽ سموئيل منهنجي اڳيان کڻي بيهن تہ بہ جيڪر منهنجي دل هن قوم ڏي ڪڏهن بہ نہ لڙي: انهن کي منهنجي نظر اڳيان ڪڍي ڇڏ تہ ڀلي هليا وڃن.


خداوند ٿو فرمائي تہ تو مون کي رد ڪيو آهي، تون پٺ تي ويو آهين: تنهن ڪري مون پنهنجو هٿ توتي ڊگهيري توکي ناس ڪيو آهي؛ آءٌ ترس کائي کائي ٿڪجي پيو آهيان.


ڀلائيءَ بدران ڪا برائي ڪئي ويندي ڇا؟ ڇالاءِ جو هنن منهنجي جان جي لاءِ هڪڙي کڏ کوٽي آهي، ياد ڪر تہ ڪيئن مون تنهنجي اڳيان بيهي هنن جي سفارش ڪئي، تہ تنهنجي ڪاوڙ هنن تان ٽاري ڇڏيان.


زمين ماتم ڪندي ۽ مٿي آسمان ڪارا ٿيندا: ڇالاءِ جو آءٌ ائين چئي چڪو آهيان، ۽ مون اهڙو ارادو ڪيو آهي ۽ ڦريو نہ آهيان، نڪي انهي کان آءٌ پٺ تي ڦرندس.


تون نٿو ڏسين ڇا تہ هو يهوداہ جي شهرن ۾ ۽ يروشلم جي گهٽين ۾ ڇا ٿا ڪن؟


تڏهن هو خداوند کي سڏيندا پر هو جواب نہ ڏيندن: هائو، انهي وقت هو پنهنجو منهن انهن کان لڪائيندو، ڇالاءِ جو هنن خراب ڪم ڪيا آهن.


تنهنڪري هاڻي مون کي ڇڏ، تہ آءٌ انهن کي برباد ڪريان، ۽ انهن جو نالو زمين تان مٽائي ڇڏيان: ۽ آءٌ تو منجهان هن کان بہ وڏي ۽ زور واري قوم پيدا ڪندس.


جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجي ڀاءُ کي اهڙو گناهہ ڪندو ڏسي، جنهن جو نتيجو موت نہ هجي، تہ عرض ڪري، ۽ خدا هن جي ڪري انهي کي زندگي ڏيندو، جي اهڙا گناهہ نٿا ڪن جن جو نتيجو موت آهي. اهڙو بہ گناهہ آهي جنهن جو نتيجو موت آهي؛ اُنهي بابت عرض ڪرڻ لاءِ آئون نٿو چوان.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan