Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 6:7 - Sindhi Bible

7 جهڙيءَ طرح کوهہ پنهنجو پاڻي اُڇلائي ڪڍي ٿو تيئن هو پنهنجي شرارت اُڇلي ٿو: انهي ۾ زبردستي ۽ مار پئي ٻڌجي؛ منهنجي اڳيان سدائين بيماري ۽ زخم آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

7 جهڙيءَ طرح کوهہ جو پاڻي هر وقت تازو هوندو آهي، تهڙيءَ طرح يروشلم بہ پنهنجي بڇڙائيءَ کي هر وقت تازو رکيو ٿو اچي. انهيءَ مان ڏاڍ ۽ برباديءَ جا واڪا مون تائين پهچن ٿا. مظلومن جا ڏک سور ۽ زخم هر وقت منهنجي آڏو آهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 6:7
24 Iomraidhean Croise  

زنجير ٺاهہ، ڇالاءِ جو ملڪ خونريزيءَ جي ڏوهن سان ڀريو پيو آهي، ۽ شهر ظلم سان ڀريل آهي.


ظلم اُڀري شرارت جي لٺ ٿيو آهي؛ هنن مان ڪوبہ ڪونہ رهندو، نہ سندن جماعت مان ۽ نہ سندن دولت مان، ۽ نہ هنن ۾ ڪا بزرگي رهندي.


ڇالاءِ جو جيترا ڀيرا آءٌ ڳالهايان ٿو اوترا ڀيرا غضب ۽ بربادي ٿو پڪاريان: ڇاڪاڻ تہ خداوند جو ڪلام سڄو ڏينهن منهنجي لاءِ طعنو ۽ مهڻو ڪيو ويو آهي.


پر شرير ماڻهو طوفاني سمنڊ وانگي آهي؛ جنهن کي آرام ڪونهي، ۽ ان جو پاڻي گپ ۽ گند ٿو اُڇلائي.


ڇالاءِ جو ان جو رت ان جي وچ ۾ آهي، هن اُهو اُگهاڙي ٽڪر تي رکيو؛ هن اُهو زمين تي نہ هاري وڌو تہ مٽيءَ سان ڍڪجي وڃي.


ڏاڍي ڪوشش سان دل جي سنڀال رک؛ ڇالاءِ جو حياتيءَ جا نتيجا انهيءَ مان ٿا نڪرن.


انهن جي ڄارن مان ڪپڙا نہ ٺهندا، نڪي هو پاڻ کي پنهنجن ڪمن سان ڍڪيندا: انهن جا ڪم بدڪاريءَ جا آهن، ۽ انهن جي هٿن ۾ ظلم جو ڪم آهي.


ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي تہ تنهنجو درد لا علاج آهي، ۽ تنهنجو زخم سخت آهي.


اهڙو ڪوبہ ڪونهي جو تنهنجي طرفان منٿ ڪري تہ تنهنجي ملم پٽي ٿئي: تو وٽ ڇُٽائڻ جهڙيون دوائون ڪونہ آهن.


جنهن ڏينهن اهو شهر بنايو ويو هو تنهن کان وٺي اڄ ڏينهن تائين منهنجي ڪاوڙ ۽ جوش پيدا ڪرڻ جو سبب پي ٿيو آهي؛ اُنهي لاءِ تہ آءٌ هنن کي پنهنجي منهن تان ٽاري ڇڏيان:


خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ اي اسرائيل جا بادشاهہ اوهان جي لاءِ بس آهي، ظلم ۽ ڦرلٽ ڇڏي ڏيو، ۽ عدل ۽ انصاف ڪريو؛ خداوند خدا ٿو فرمائي، تہ منهنجي قوم تان پنهنجون تنگ طلبيون لاهي ڇڏيو.


پير جي تريءَ کان وٺي مٿي تائين انهي ۾ ڪابہ تندرستي ڪانهي، پر زخم ۽ گهاءَ، ۽ ڪنا ٿيندڙ ڦٽ آهن: اهي نہ بند ٿيا آهن، نہ پٽيءَ سان ٻڌل آهن ۽ نہ تيل سان نرم ڪيا ويا آهن.


جلعاد ۾ مرحم ڪونهي ڇا؟ اُتي ڪو طبيب ناهي ڇا؟ تڏهن ڇو منهنجي قوم جي ڌيءَ چڱي ڀلي نٿي ٿئي.


پنهنجي ايذاءُ کان دانهون ڇو ٿو ڪرين؟ تنهنجو درد لاعلاج آهي: اهي ڪم مون تو سان انهي لاءِ ڪيا آهن جو تنهنجن بيشمار گناهن جي سبب تنهنجو قصور وڏو آهي.


جيسين ڪ هو تنهنجي لاءِ اجايون شيون ڏسن، ۽ تنهنجي لاءِ ڪوڙيون فالون وجهن، انهي لاءِ تہ توکي انهن شريرن جي ڪنڌن تي رکن جي سخت ڦٽيل آهن، جن جو ڏينهن اچي پهتو آهي، يعني پڇاڙيءَ جي سزا جو وقت.


افسوس آهي انهي شهر تي، جو فسادي، ۽ پليت، ۽ ظالم آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan