Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 6:5 - Sindhi Bible

5 اُٿو تہ رات جو ڪاهي هلون ۽ سندس محلات ناس ڪري ڇڏيون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

5 پر خير، ڀلي رات ڇو نہ ٿئي اسين رات جو ئي حملو ڪري سندس ڪوٽ ڪيرائي وجھنداسون.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 6:5
12 Iomraidhean Croise  

۽ هنن خدا جو گهر ساڙي ڇڏيو، ۽ يروشلم جي ڀت ڀڃي ڊاهي ڇڏي، ۽ ان جون سڀ محلاتون باهہ سان ساڙي ڇڏيون، ۽ ان جا سڀ سهڻا باسڻ ناس ڪري ڇڏيائون.


انهيءَ جي محلاتن ۾ خدا هيءَ ڳالهہ ظاهر ڪئي آهي، تہ آءٌ پناهہ آهيان.


ڇالاءِ جو محلات سڃيو ڪيو ويندو؛ آباد شهر ويران ٿي ويندو؛ ٽڪر ۽ پهري وارو ٺلهہ هميشہ غارن وانگي ڪم ايندو، ۽ گورخرن جي خوشي ۽ ڌڻن جو چراگاهہ ٿيندو؛


پر جي اوهين منهنجي نہ ٻڌندا، ۽ سبت جو ڏينهن پاڪ نہ رکندا، ۽ بار کڻي سبت جي ڏينهن يروشلم جي دروازن مان اندر لنگهي ايندا؛ تہ پوءِ آءٌ ان جي دروازن ۾ اهڙي باهہ ٻاريندس، جا يروشلم جا محلات ساڙي ڇڏيندي، ۽ اُجهامندي ئي ڪين.


۽ انهيءَ خداوند جو گهر ۽ بادشاهہ جو گهر ساڙيو؛ ۽ يروشلم جا سڀ گهر، بلڪ سڀڪو وڏو گهر، هن باهہ سان ساڙيو.


تنهن کان پوءِ شهر جي ڀت هڪڙي هنڌان ڀڃي وڌائون، ۽ سڀ جنگي مرد اُٿي ڀڳا، ۽ رات جو ٻن ڀتين جي وچ وارو در، جو بادشاهہ جي باغ جي پاسي کان هو، تنهن رستي شهر مان نڪري ٻاهر ٿيا؛ (هاڻي ڪسدي شهر جي چوڌاري موجود هئا:) ۽ هو عرباہ جو رستو ڏيئي هليا ويا.


ڇالاءِ جو موت اسان جن درين منجهہ چڙهي آيو آهي، ۽ اسان جن محلاتن ۾ گهڙي آيو آهي؛ تہ ٻارن کي گهٽين مان، ۽ جوان ماڻهن کي چونڪ مان وڍي ڇڏي.


ڇالاءِ جو اسرائيل پنهنجو خالق وساري ڇڏيو آهي، ۽ محلاتون جوڙيون اٿس؛ ۽ يهوداہ گهڻا ئي پناهہ وارا شهر اڏيا آهن: پر آءٌ هن جي شهرن تي باهہ موڪليندس، ۽ اُها ان جا قلعا ساڙي چٽ ڪري ڇڏيندي.


پر آءٌ يهوداہ تي باهہ موڪليندس ۽ اُها يروشلم جا محلات ساڙي ڇڏيندي.


عبدياہ جو رويا. خداوند خدا ادوم جي بابت هيئن ٿو فرمائي، تہ اسان خداوند وٽان اها خبر ٻڌي آهي، ۽ قومن ۾ هڪڙو ايلچي موڪليو ويو آهي، تہ اوهين اُٿو ۽ اچو، تہ چڙهي هلي هن سان جنگ ڪريون.


اي لبنان، تون پنهنجن دروازن کي کول، تہ باهہ تنهنجي ديودار جي وڻن کي ڳهي وڃي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan