ڇالاءِ جو مون هڪڙو آواز ٻڌو آهي جو انهي زال جهڙو آهي جا سورن ۾ هجي، انهي زال جهڙي دانهن جا پهريون ٻار ڄڻيندي آهي، صيون جي ڌيءَ جو آواز، جا پيئي سهڪي ۽ پنهنجا هٿ کڻي چوي ٿي تہ هاڻ مون سان ويل آهي! ڇالاءِ جو منهنجي جان هنن خونين جي اڳيان ماندي ٿي ٿئي.
خداوند صيون جي ڌيءَ کي پنهنجي ڪاوڙ جي بادل سان ڪيئن نہ ڍڪي ڇڏيو آهي! هن اسرائيل جي سونهن آسمان مان هيٺ زمين تي اُڇلائي وڌي آهي، ۽ پنهنجي ڪاوڙ جي ڏينهن پنهنجي پيرن جي صندليءَ کي ياد نہ ڪيو اٿس.
اي يروشلم جي ڌيءَ، توکي ڪهڙي ثابتي ڏيان؟ ڪنهن سان توکي مشابهت ڏيان؟ اي صيون جي ڪنواري ڌيءَ، تنهنجو ڪنهن سان مقابلو ڪريان جو توکي تسلي ڏيان؟ ڇالاءِ جو تنهنجو ڦاٽ سمنڊ جيڏو وڏو آهي: ڪير انهيءَ کي پوري سگهندو؟