Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 6:1 - Sindhi Bible

1 اي بني بنيمين سلامتيءَ جي لاءِ يروشلم مان ڀڄي وڃو، ۽ تقوع ۾ وڃي قرناءِ وڄايو، ۽ بيت هڪرم ۾ جهنڊو کڙو ڪريو: ڇالاءِ جو خرابي ۽ وڏو موت اُتر کان ايندو نظر ٿو اچي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

1 اي بني بنيامين! ڀڄو، ڀڄو، يروشلم مان ڀڄي جان بچايو. تقوع شهر ۾ نفيل وڄائي آگاهي ڏيو. بيت‌هڪرم شهر ۾ دونهون بلند ڪري خطري جو اشارو ڪريو. انهيءَ ڪري جو اتر کان هڪڙي آفت، بلڪ وڏي تباهي ايندي نظر اچي ٿي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 6:1
19 Iomraidhean Croise  

۽ يوآب تقوع ڏي ماڻهو موڪلي اُتان هڪڙي سياڻي زال گهرائي، ۽ چيائينس تہ ڀلائي ڪري پاڻ کي سوءَ ڪندڙ بناءِ، ۽ سوءَ جو وڳو ڍڪ، ۽ پاڻ کي تيل نہ مک پر اهڙي زال ٿيءُ، جنهن گهڻن ڏينهن تائين ڪنهن مئل جي لاءِ ماتم ڪيو هجي:


هن بيت الحم، ۽ عيطام، ۽ تقوع بہ جوڙيا،


۽ ڇيڻن واري در جي ملڪياہ بن ريڪاب مرمت ڪئي، جو بيت هڪرم جي ضلعي جو حاڪم هو؛ انهيءَ اهو اڏيو، ۽ انهيءَ جا طاق، ۽ انهيءَ جون تاڙيون، ۽ انهيءَ جا گز وڌائين.


۽ انهن جي پاسي کان تقوعين مرمت جو ڪم ڪيو؛ پر انهن جي اميرن پنهنجي ڌڻيءَ جي ڪم ۾ پنهنجا ڪنڌا نہ وڌا.


ڏس، هڪڙو افواهي آواز، هڪڙو وڏو هنگامو اُتر واري ملڪ کان ٿو اچي، انهي لاءِ تہ يهوداہ جي شهرن کي ويران ڪري گدڙن جي جوءِ ڪري ڇڏي.


تنهن ڪري ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اُتر وارا سڀ قبيلا گهرائي وٺندس، ۽ آءٌ پنهنجي ٻانهي بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر کي گهرائي هن ملڪ تي ۽ ان جي رهاڪن تي، ۽ آس پاس وارن انهن سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس؛ ۽ آءٌ انهن کي اصل چٽ ڪري ڇڏيندس، ۽ انهن کي حيرت ۽ شوڪار جو باعث ڪندس، ۽ هميشہ ويران رکندس.


سڄو شهر گهوڙيسوارن ۽ ڪماندارن جي هل کان ڀڄي ٿو وڃي؛ هو گهاٽن جهنگن ۾ گهڙي ٿا وڃن، ۽ ٽڪرن تي چڙهي ٿا وڃن: سڀڪو شهر ڇڏي ڏنو ويو آهي، ۽ هڪڙو بہ ماڻهو اُنهي ۾ نٿو رهي.


خداوند هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، اُتر واري ملڪ مان هڪڙي قوم اچي ٿي؛ ۽ زمين جي تمام پرانهن ڀاڱن مان هڪڙي وڏي اُمت اُٿاري ويندي.


تقوع جي ڌنارن مان، عاموس جون ڳالهيون، جي اسرائيل بابت يهوداہ جي بادشاهہ عزياہ جي ڏينهن ۾، ۽ اسرائيل جي بادشاهہ يربعام بن يوآس جي ڏينهن ۾، ۽ زلزلي کان ٻہ ورهيہ اڳي هن تي نازل ٿيون.


ڇا ڪنهن شهر ۾ قرناءِ وڄائي ويندي ۽ ماڻهو نہ ڊڄندا؟ ڪنهن شهر تي ڪا مصيبت اچي پوندي، ۽ خداوند اُها نہ موڪلي هوندي ڇا؟


جنهن گاڏيءَ ۾ مشڪي گهوڙا آهن، اُهي اُتر واري ملڪ ڏانهن وڃن ٿا؛ ۽ سفيد گهوڙا انهيءَ جي پٺيان ويا؛ ۽ چٽڪمرا گهوڙا ڏکڻ جي ملڪ ڏانهن ويا؛


باقي يبوسي جي يروشلم ۾ رهندا هئا، تن کي بني يهوداہ هڪالي ڪڍي نہ سگهيا: انهي ڪري يبوسي اڄ تائين يروشلم ۾ بني يهوداہ سان گڏ رهندا اچن.


۽ بني بنيمين يروشلم ۾ رهندڙ يبوسين کي نہ ڪڍيو، پر يبوسي بني بنيمين سان اڄ تائين يروشلم ۾ رهندا اچن.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan