Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 51:3 - Sindhi Bible

3 اوهين هن جا جوان ماڻهو متان ڇڏي ڏيو؛ هن جو سڄو لشڪر اوهين اصل ناس ڪري ڇڏيو: هن جي تيرانداز پنهنجي ڪمان نہ ڪشي، ۽ هو پنهنجي زرهہ ۾ نہ اُٿي:

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 اي تباهي مچائيندڙ لشڪرؤ! اوهين بابل جي تيراندازن کي ايتري بہ مهلت نہ ڏيو، جو اهي پنهنجا تيرڪمان ڇڪي سگھن، يا وري هٿيار ٻڌي اُٿي سگھن. اوهين ان جي جنگي جوڌن کي جيئرو نہ ڇڏيو، بلڪ انهن جو سڄو لشڪر بلڪل ناس ڪري ڇڏيو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 51:3
12 Iomraidhean Croise  

مبارڪ اُهو ٿيندو جو تنهنجي ٻارن کي وٺي پٿرن تي هڻندو.


اي گهوڙيسوارو گهوڙن تي سنج وجهو، ۽ اُٿو ۽ پنهنجا جنگي ٽوپ ڍڪي نڪري بيهو؛ نيزن کي ملي صاف ڪريو، زرهون ڍڪيو.


۽ اوهين جي ڪمانون ڪشيو ٿا، سي سڀ بابل جي آس پاس صفون ٻڌي بيهو؛ اُنهي کي تير هڻو، ڪوبہ تير باقي نہ بچايو: ڇالاءِ جو هن خداوند جو گناهہ ڪيو آهي.


مراتايم جي زمين تي چڙهي وڃ، هائو، اُنهي تي ۽ فقود جي رهاڪن تي: خداوند ٿو فرمائي، تہ انهن کي ڪُهہ، ۽ انهن کي اصل ناس ڪري ڇڏ، ۽ جيئن مون توکي حڪم ڏنو آهي تيئن ڪر.


اُن جا سڀ ڍڳا ڪهو؛ انهن کي ڪوس لاءِ لهڻ ڏيو: ويل آهي انهن سان! ڇالاءِ جو انهن جو ڏينهن ۽ انهن جي سزا جو وقت اچي پهتو آهي.


خداوند ٿو فرمائي تہ جيتوڻيڪ بابل چڙهي آسمان تائين وڃي، ۽ جيتوڻيڪ هو پنهنجي زور جو قلعو مضبوط ڪري، تہ بہ مون وٽان ڦرلٽ ڪرڻ وارا هن تي ڪاهي ايندا.


ڇالاءِ جو موت اسان جن درين منجهہ چڙهي آيو آهي، ۽ اسان جن محلاتن ۾ گهڙي آيو آهي؛ تہ ٻارن کي گهٽين مان، ۽ جوان ماڻهن کي چونڪ مان وڍي ڇڏي.


اهي ٻاهر ترار سان، ۽ اندر ڪوٺين ۾ ڊپ جي ڪري مرندا؛ جوان ماڻهو، ڪنواريون ڇوڪريون، کير پياڪ ٻار ۽ پير مرد، سڀ ائين برباد ٿيندا.


ڇالاءِ جو جنهن پاڻ رحم نہ ڪيو آهي، تنهن جو انصاف بہ رحم کانسواءِ ٿيندو: رحم انصاف تي غالب ٿو پوي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan