Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 5:3 - Sindhi Bible

3 اي خداوند، تنهنجون اکيون سچ تي نہ ٿيون نهارين ڇا؟ تو انهن کي ڌڪ هنيو آهي، پر کين ڏک ڪونہ ٿيو: تو هنن کي ماري کپائي ڇڏيو آهي، پر هنن سيکت وٺڻ کان انڪار ڪيو: هنن پنهنجا منهن ٽڪر کان بہ سخت ڪيا آهن، هنن موٽي ڦرڻ کان انڪار ڪيو آهي.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 اي خداوند! بيشڪ تنهنجيون اکيون ماڻهن ۾ سچائيءَ کي تلاش ڪنديون رهن ٿيون. تو يروشلم وارن کي سٽي وڌو، پر مٿن ڪو اثر نہ ٿيو. تو کين چٿيو تہ بہ هو نہ سڌريا. هنن هوڏ ڪئي ۽ توبهہ‌تائب ٿيڻ کان انڪار ڪيائون.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 5:3
45 Iomraidhean Croise  

۽ صبح جو هيئن ٿيو جو وڏيءَ ننڍيءَ کي چيو تہ ڏس، ڪالهہ رات آءٌ پنهنجي پيءُ سان سُتي هيس: اچ تہ اڄ رات بہ هن کي مئي پياريون ۽ تون وڃي ساڻس گڏ سمهہ، تہ اسين پنهنجي پيءُ جو نسل قائم رکون.


انهيءَ ڳالهہ کان پوءِ بہ يربعام پنهنجي بڇڙي رستي کان باز نہ آيو، پر عام ماڻهن مان اُنهن مٿانهن هنڌن جا ڪاهن مقرر ڪيائين؛ جنهن جي مرضي ٿي ٿي، تنهن کي اُهو پاڪ عهدو ٿي ڏنائين، انهيءَ لاءِ تہ مٿانهن هنڌن جا ڪاهن ٿين.


۽ وري هن ٽئين پنجاهن واري سردار کي پنجاهہ ماڻهن سان موڪليو. ۽ ٽيون پنجاهن وارو سردار مٿي چڙهيو ۽ اچي ايلياہ جي اڳيان گوڏا کوڙي ويٺو، ۽ نيزاري ڪري هن کي چيائين، تہ اي خدا جا مرد، آءٌ منٿ ٿو ڪريان تہ من منهنجي حياتي ۽ هنن تنهنجن پنجاهہ ٻانهن جي حياتي تنهنجي نظر ۾ قدر واري ٿئي.


ڇالاءِ جو خداوند جون اکيون سڄيءَ زمين تي هيڏي هوڏي پيون ڊوڙن، انهيءَ لاءِ تہ جن جي دل هن ڏانهن سالم آهي، تن جي پاران هو پنهنجي طاقت ڏيکاري. هن ۾ تو بي عقليءَ جو ڪم ڪيو آهي؛ ڇالاءِ جو اڄ کانپوءِ توکي جنگيون ڪرڻيون پونديون.


۽ پنهنجي تنگيءَ جي وقت ۾ انهيءَ ساڳي بادشاهہ آخز اڃا بہ زيادہ خداوند جي برخلاف گناهہ ڪيا.


ڏس تون اندر جي سچائي ٿو چاهين: اندر ۾ ئي مونکي دانائي سيکار.


مون کي خوشيءَ ۾ سرهائيءَ جي خبر ٻڌاءِ؛ تہ اهي هڏيون جي تو ڀڳيون آهن سي خوش ٿين.


هن اهڙن تي پنهنجا هٿ کنيا آهن جي ساڻس ٺهي ٿي هليا: هن پنهنجو عهد ڀڳو آهي.


شرير ماڻهو پنهنجو منهن سخت ڪري ٿو: پر سچو پنهنجي راهہ تي ويچار ڪري ٿو.


خداوند جون اکيون علم واري کي بچائين ٿيون، پر هو دغاباز ماڻهوءَ جي ڳالهين کي اونڌو ڪيو ڇڏي.


تون چوندين تہ هنن مون کي ڌڪ هنيو آهي پر مون کي ايذاءُ ڪونہ پهتو آهي؛ هنن مون کي ماريو آهي، پر مون تي انهيءَ جو اثر ئي ڪونہ ٿيو: آءٌ ڪڏهن سجاڳ ٿيندس؟ آءٌ وري انهيءَ کي ڳوليندس.


جيتوڻيڪ تون ڪنهن بي عقل کي ڪٽيل اَن سان گڏ اکريءَ مهريءَ ۾ کڻي ڪُٽيندين، تہ بہ ان جي بي عقلي منجهانئس نڪري نہ ويندي.


اي خداوند تنهنجو هٿ مٿي کنيل آهي، انهي هوندي بہ هو نٿا ڏسن: پر هو قوم جي لاءِ تنهنجي غيرت ڏسندا ۽ شرمندا ٿيندا، هائو؛ باهہ تنهنجي دشمن کي ڳڙڪائي ويندي.


تنهن ڪري هن پنهنجيءَ ڪاوڙ جو جوش، ۽ جنگ جو زور انهيءَ تي ليٽائي وڌو؛ جنهن ڪري انهيءَ کي چوڌاري باهہ وڪوڙي وئي، تنهن هوندي بہ انهيءَ کي خبر ڪانہ پئي؛ باهہ ساڙي ڇڏيس تہ بہ هن اها ڳالهہ دل تي نہ رکي.


ڇالاءِ جو مون کي خبر هئي تہ تون ضدي آهين، تنهنجي ڳچيءَ جون نسون لوهہ جون آهن، ۽ تنهنجي پيشاني پتل جي آهي.


انهيءَ هوندي بہ ماڻهو انهيءَ ڏانهن نہ لڙيا آهن جنهن هنن کي ماريو، نڪي هنن لشڪرن جي خداوند کي ڳوليو آهي.


۽ مون هنن کي هن ملڪ جي چونڪن ۾ پاهوڙي سان اڏايو آهي؛ مون هنن کان ٻار کسي ورتا آهن، مون پنهنجي قوم کي ناس ڪري ڇڏيو آهي؛ تہ بہ هو پنهنجن رستن کان باز نہ آيا آهن.


پر هنن نہ ٻڌو ۽ نہ ڪن ڏنائون؛ پر پنهنجي گردن سخت ڪيائون، تہ نہ ٻڌن ۽ نہ تعليم حاصل ڪن.


لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ هن شهر تي ۽ ان جي ٻين سڀني شهرن تي اُها آفت نازل ڪندس، جنهن جي اچڻ جي، مون اڳيئي خبر ڏني هئي؛ ڇالاءِ جو هنن پنهنجي گردن سخت ڪئي آهي، تہ منهنجون ڳالهيون نہ ٻڌن.


بي فائدي مون اوهان جي اولاد کي ماريو ڪُٽيو، پر انهن کي ڪابہ سيکت نہ آئي: خود اوهان جي ترار ناس ڪندڙ شينهن وانگي، اوهان جن نبين کي ڳهي وئي آهي.


تنهن ڪري مينهن جهلجي ويو آهي، ۽ پوئين برسات بہ ڪانہ پئي آهي؛ انهي هوندي بہ تنهنجي پيشاني ڪسبيءَ جهڙي هئي، ۽ شرمندي ٿيڻ کان تو انڪار ڪيو.


صلاح مصلحت ۾ وڏو ۽ ڪم ڪرڻ ۾ طاقت وارو: جنهن جون اکيون بني آدم جي سڀني رستن تي کليل آهن؛ انهيءَ لاءِ تہ سڀ ڪنهن کي سندس رستن موجب ۽ سندس ڪمن موجب بدلو ڏئي:


لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا، هيئن ٿو فرمائي، تہ وڃي يهوداہ جي ماڻهن ۽ يروشلم جي رهاڪن کي چئُہ تہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين نصيحت وٺي منهنجون ڳالهيون نہ ٻڌندا ڇا؟


هو اڄ ڏينهن تائين پشيمان نہ ٿيا آهن، نڪي ڊنا آهن، نڪي منهنجي شريعت تي يا منهنجن قانونن تي هليا آهن، جي مون اوهان جي اڳيان ۽ اوهان جي ابن ڏاڏن جي اڳيان رکيا.


انهي هوندي بہ هنن منهنجي نہ ٻڌي ۽ نہ ڪن ڏنائون، پر هنن پنهنجي ابن ڏاڏن کان بہ بڇڙي هلت ڪئي.


۽ تون هنن کي چئُہ تہ هي اُها قوم آهي، جنهن خداوند پنهنجي خدا جو آواز نہ ٻڌو آهي، ۽ نہ ڪا سيکت حاصل ڪئي اٿن: سچائي ناس ٿي ويئي آهي، ۽ هنن جي وات مان اُها نڪري ويئي آهي.


تڏهن ڇو هي يروشلم جا ماڻهو هميشہ جي برائيءَ لاءِ پٺ تي هٽي ويا آهن؟ هو ٺڳيءَ سان چهٽيل آهن، ۽ موٽڻ کان انڪار ٿا ڪن.


۽ اُهي بي حيا ۽ سنگدل اولاد آهن؛ تہ بہ آءٌ توکي انهن وٽ ٿو موڪليان: ۽ تون انهن کي چئُہ تہ خداوند خدا هيئن ٿو فرمائي.


تنهنجي گندگيءَ ۾ شهوت پرستي آهي: ڇالاءِ جو جڏهن مون توکي صاف ۽ پاڪ ڪيو، تڏهن تون صاف نہ ٿئينءَ، سو اڳتي تون ڪڏهن بہ پنهنجي گندگيءَ کان صاف نہ ٿيندينءَ، جيستائين آءٌ پنهنجي ڪاوڙ توتي ڇنڊي نہ رهندس.


جيئن موسيٰ جي شريعت ۾ لکيل آهي تيئن ئي هيءَ سڀ خرابي اسان تي آئي آهي؛ انهي هوندي بہ اسان منٿ ڪري خداوند پنهنجي خدا جو فضل نہ گهريو آهي، تہ پنهنجين بدڪارين کان باز اچون، ۽ هن جي سچ جي سمجهہ رکون.


۽ جيڪڏهن انهن ڳالهين هوندي بہ اوهين سڌري مون ڏانهن نہ ڦرندا، پر منهنجي برخلاف هلندا؛


مون اوهان ۾ مري موڪلي آهي، جيئن ڪ مصر ۾ موڪلي هيم: اوهان جي جوانن کي مون ترار سان قتل ڪيو آهي ۽ اوهان جا گهوڙا قيد ڪرايا اٿم؛ ۽ اوهان جي لشڪرگاهہ جي بدبوءِ اوهانجين ناسن تائين آندي اٿم: انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون ڏي نہ موٽيا آهيو.


مون اوهان مان ڪن کي اونڌو ڪري ڪيرايو آهي، جيئن اڳي خدا سدوم ۽ عمورہ کي ڪيرايو، ۽ اوهين ٻرندڙ باهہ مان اُماڙي وانگي ڇڪي ڪڍيا ويا آهيو: انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون ڏي نہ موٽيا آهيو.


پر مون اوهان کي اوهانجن سڀني شهرن ۾ ڏندن جي صفائي ڏني آهي، ۽ اوهانجن سڀني مڪانن ۾ مانيءَ جي گهٽتائي، انهيءَ هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون ڏي نہ موٽيا آهيو.


انهي ڪري ٻہ يا ٽي شهر پاڻي پيئڻ لاءِ رلندا، هڪڙي شهر ۾ آيا، پوءِ بہ ڍءُ نہ ٿين: انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون ڏي نہ موٽيا آهيو.


مون اوهان کي جهوٽي ۽ رتيءَ سان ضربيو: اوهانجن گهڻن باغن، ۽ ڊاک جي منهن، ۽ اوهان جي انجير جي وڻن، ۽ زيتون جي وڻن کي ڪينئون کائي چٽ ڪري ويو: انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ اوهين مون ڏي نہ موٽيا آهيو.


مون چيو تہ يقيناً تون مون کان ڊڄندين، تون سيکت قبول ڪندين؛ تہ من تنهنجي رهڻ جي جڳهہ ڊاهي نہ وڃي، جيئن سندس لاءِ مون حڪم ڪيو هو: پر هو سوير ئي اُٿيا ۽ پنهنجا سڀ بڇڙا ڪم ڪيائون.


۽ اسين ڄاڻون ٿا تہ جيڪي اهڙا ڪم ٿا ڪن، تن جو انصاف خدا جي طرفان حق موجب ٿو ٿئي.


تنهن کانسواءِ جي جسماني پيءُ اسان کي سيکت ڏيندا هئا تہ اسين انهن جي تعظيم ڪندا هئاسين؛ تڏهن روحن جي پيءُ جي اسين وڌيڪ تابعداري نہ ڪريون ڇا تہ جيئرا رهون؟


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan