Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 5:10 - Sindhi Bible

10 اوهين هن جي ڀتين تي چڙهي وڃو ۽ چٽ ڪريو؛ پر اصلي تباهہ ڪري نہ ڇڏيوس: هن جون ٽاريون وڍي ڇڏيو: ڇالاءِ جو اُهي خداوند جون ناهن.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

10 ڀلي تہ دشمن اچي منهنجي قوم کي انگورن جي باغ جيان وڍي اڇلائين، پر کين صفا ناس نہ ڪن. آءٌ کين چوندس تہ ’انهن کي ٽارين وانگر ڇانگي ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ اهي مون خداوند جون ناهن.‘

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 5:10
24 Iomraidhean Croise  

۽ هو يهوداہ جا جيڪي قلعن وارا شهر هئا، سي وٺي يروشلم تائين آيو.


تنهنڪري هن انهن جي مٿان ڪسدين جو بادشاهہ آندو، جنهن سندس پاڪ مڪان وارو گهر، ۽ سندن جوان ماڻهو ترار سان ڪُٺا، ۽ نہ ڪنهن جوان مرد تي رحم ڪيائين، ۽ نہ جوان زال تي، ۽ نہ پير مرد تي، نہ تمام ڪراڙي تي: سڀني کي هن انهي جي هٿن ۾ ڏيئي ڇڏيو.


انهيءَ هوندي بہ مون توکي عمدي ڊاک بلڪ چڱو ٻج ڪري پوکيو. تڏهن ڪيئن تون منهنجي لاءِ ڌاري قسم جي ڊاک جو خسيس ٿڏو ٿي پئين؟


تنهن ڪري ڏسو، خداوند ٿو فرمائي، تہ آءٌ اُتر وارا سڀ قبيلا گهرائي وٺندس، ۽ آءٌ پنهنجي ٻانهي بابل جي بادشاهہ نبوڪدرضر کي گهرائي هن ملڪ تي ۽ ان جي رهاڪن تي، ۽ آس پاس وارن انهن سڀني قومن تي چاڙهي آڻيندس؛ ۽ آءٌ انهن کي اصل چٽ ڪري ڇڏيندس، ۽ انهن کي حيرت ۽ شوڪار جو باعث ڪندس، ۽ هميشہ ويران رکندس.


ڇالاءِ جو خداوند ٿو فرمائي، تہ توکي بچائڻ لاءِ آءٌ تو سان آهيان، ۽ جن قومن ۾ مون توکي ٽيڙي پکيڙي ڇڏيو آهي، تن جو آءٌ پوريءَ طرح خاتمو ڪندس، ۽ آءٌ توکي اصل چٽ نہ ڪندس؛ پر آءٌ توکي انصاف سان سيکت ڏيندس، ۽ ڪنهن بہ طرح توکي بي سزا ڇڏي نہ ڏيندس.


۽ ڪسدين بادشاهہ جو گهر ۽ ماڻهن جا گهر باهہ سان ساڙيا ۽ يروشلم جون ڀتيون ڀڃي ڇڏيون.


ڇالاءِ جو خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ سارو ملڪ ويران ٿي ويندو؛ انهي هوندي بہ آءٌ ان کي اصل تباهہ ڪري نہ ڇڏيندس.


خداوند ٿو فرمائي تہ اي منهنجا ٻانها يعقوب، تون نہ ڊڄ؛ ڇالاءِ جو آءٌ تو سان آهيان: ڇالاءِ جو جن قومن ڏي مون توکي هڪالي ڪڍيو آهي تن سڀني جي آءٌ اصل پڄاڻي ڪندس؛ پر آءٌ تنهنجي پڄاڻي نہ ڪندس؛ مگر آءٌ توکي عدالت سان سيکت ڏيندس، ۽ ڪنهن بہ طرح توکي بي سزا ڇڏي نہ ڏيندس.


خداوند ٿو فرمائي، تہ اسرائيل جي گهراڻي، ۽ يهوداهہ جي گهراڻي مون سان ڏاڍي دغابازيءَ جي هلت ڪئي آهي.


پر خداوند ٿو فرمائي تہ انهن ڏينهن ۾ بہ آءٌ اوهان کي اصل تباهہ ڪري نہ ڇڏيندس.


خداوند ٿو فرمائي تہ اهڙين ڳالهين جي ڪري آءٌ سزا نہ ڏيندس ڇا؟ اهڙي قوم کان منهنجو روح وير نہ وٺندو ڇا؟


پر آءٌ هنن مان ڪن ٿورن کي ترار کان، ۽ ڏڪار کان، ۽ مرض کان بچائيندس؛ انهي لاءِ تہ جن جن قومن ۾ اچن، انهن کي پنهنجن سڀني ڪراهت جهڙن ڪمن جو بيان ڪري ٻڌائين: ۽ هو ڄاڻندا تہ آءٌ خداوند آهيان.


يا جيڪڏهن آءٌ انهي ملڪ تي ترار آڻيان ۽ چوان تہ، اي ترار، هن ملڪ مان لنگهي وڃ، انهي لاءِ تہ آءٌ انهن مان ماڻهو توڙي جانور وڍي ڇڏيان؛


۽ خداوند چيو تہ انهي جو نالو لوعمي رک: ڇالاءِ جو اوهين منهنجي اُمت نہ آهيو، ۽ آءٌ اوهان جو خدا نہ آهيان.


ڏسو، خداوند جون اکيون انهيءَ گنهگار بادشاهت تي آهن، ۽ آءٌ انهي کي زمين جي سطح تان ناس ڪري ڇڏيندس: انهي هوندي بہ خداوند ٿو فرمائي، تہ يعقوب جي گهراڻي کي اصل نابود ڪري نہ ڇڏيندس.


تنهن تي بادشاهہ کي ڪاوڙ لڳي، ۽ هن پنهنجا نوڪر موڪلي انهن خونين کي برباد ڪيو، ۽ انهن جو شهر ساڙائي ڇڏيائين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan