Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 5:1 - Sindhi Bible

1 اوهين يروشلم جي گهٽين مان هيڏي هوڏي ڊوڙو، ۽ هاڻي ڏسو ۽ ڄاڻو، ۽ ان جي چونڪن ۾ ڳوليو، تہ ڪو ماڻهو لهو ٿا، ڪو اهڙو ماڻهو آهي يا نہ جو انصاف جا ڪم ٿو ڪري، ۽ جو سچ کي ڳولي ٿو؛ پوءِ آءٌ يروشلم کي معاف ڪندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

1 خداوند فرمائي ٿو تہ ”اوهين يروشلم جون گھٽيون گھمي جاچي ڏسو، چونڪن ۾ تلاش ڪري ڏسو. جيڪڏهن اوهان کي ڪو هڪڙو اهڙو ماڻهو ملي، جيڪو ايمانداريءَ واري هلت ڪندو هجي ۽ حق سچ جو ڳولائو هجي، تہ پوءِ آءٌ يروشلم شهر کي معاف ڪري ڇڏيندس.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 5:1
29 Iomraidhean Croise  

۽ هن چيو تہ آءٌ خداوند، لشڪرن جي خدا لاءِ ڏاڍو سرگرم رهيو آهيان؛ ڇالاءِ جو بني اسرائيل تنهنجو عهد اقرار ڇڏي ڏنو آهي، ۽ تنهنجون قربانگاهون ڊاهي ڇڏيون آهن، ۽ تنهنجن نبين کي ترار سان ڪُهي ڇڏيو اٿن: ۽ آءٌ، فقط آءٌ، وڃي بچيو آهيان؛ ۽ هو منهنجي بہ ساهہ پٺيان آهن.


ڇالاءِ جو خداوند جون اکيون سڄيءَ زمين تي هيڏي هوڏي پيون ڊوڙن، انهيءَ لاءِ تہ جن جي دل هن ڏانهن سالم آهي، تن جي پاران هو پنهنجي طاقت ڏيکاري. هن ۾ تو بي عقليءَ جو ڪم ڪيو آهي؛ ڇالاءِ جو اڄ کانپوءِ توکي جنگيون ڪرڻيون پونديون.


اي خداوند، مدد ڪر، ڇو جو ڪوبہ ديندار ماڻهو ڪونہ رهيو آهي؛ بني آدم منجهان ايماندار ماڻهو گهٽجي ويا آهن.


خداوند آسمان مان بني آدم تي نگاهہ ڪئي، تہ ڏسي تہ ڪو سمجهو ماڻهو آهي جو خدا جو طالب هجي.


اهي سڀ گمراهہ ٿيا آهن، ۽ سڀ گڏجي ڪنا ٿيا آهن، نيڪي ڪندڙ ڪوبہ ڪونهي، نہ هڪڙو بہ ڪونهي.


منهنجي بدران ڪير بدڪارن جي برخلاف کڙو ٿيندو؟ ۽ ڪير منهنجي لاءِ خطاڪارن جي سامهون ٿيندو؟


گهڻو ڪري هرڪو ماڻهو پنهنجي مهربانيءَ جي خبر ڏيندو: پر وفادار ماڻهو ڪير لهي سگهندو؟


سچ کي خريد ڪر ۽ انهيءَ کي وڪڻي نہ ڇڏ؛ هائو، ڏاهپ کي ۽ تعليم کي ۽ سمجهہ کي.


شهر جي لنگهہ تي دروازن جي ڀرسان، جتان ماڻهو درن مان لنگهي اندر اچن ٿا، اُتي هوءَ وڏي سڏ پڪاري ٿي:


مون چيو تہ هاڻي آءٌ اُٿنديس، ۽ شهر جي چوڌاري گهمنديس، تہ جنهن سان منهنجي جان جي محبت آهي، تنهن کي گهٽين ۽ چؤسُولن تي ڳوليان: مون هن کي ڳوليو، پر ڪين لڌومانس.


ڪوبہ راستيءَ سان دعويٰ نٿو ڪري، ۽ ڪوبہ سچائيءَ سان حجت نٿو ڪري: اهي اجاين ڳالهين تي ڀروسو رکن ٿا، ۽ ڪوڙ ٿا ڳالهائين؛ انهن جي پيٽ ۾ دغا آهي، ۽ هو بدڪاري ٿا ڄڻين.


ڇالاءِ اوهين مون سان حجت دليل ڪرڻ ٿا گهرو؟ خداوند ٿو فرمائي تہ اوهان سڀني منهنجي حڪم عدولي ڪئي آهي.


تڏهن جن ماڻهن کي خبر هئي تہ سندن زالون ٻين معبودن جي لاءِ لوبان ساڙينديون آهن تن، ۽ اُهي سڀ زالون جي سندس پاسي ۾ بيٺيون هيون، تن سڀني هڪڙي وڏي جماعت ڪري، يعني سڀيئي ماڻهو جي مصر جي زمين ۾، فتروس منجهہ رهندا هئا، تن يرمياہ کي ورندي ڏئي چيو، تہ


مون ڌيان ڏئي ٻڌو، پر هنن سچ نہ ڳالهايو: ڪوبہ ماڻهو پنهنجي شرارت کان پشيمان نٿو ٿئي، ۽ نٿو چوي تہ مون ڇا ڪيو آهي؟ سڀڪو پنهنجي رستي ڏانهن ٿو ڦري جيئن ڪو گهوڙو جنگ ۾ ڏاڍي ڇوهہ سان ڊوڙندو آهي.


اڙي جي بيابان ۾ منهنجي لاءِ ڪو مسافر خانو هجي ها تہ چڱو هو؛ جو آءٌ پنهنجي قوم کي ڇڏي منجهان نڪري وڃان ها! ڇالاءِ جو اُهي سڀ زناڪار ۽ دغاباز ماڻهن جي هڪڙي جماعت آهن.


تنهن ڪري لشڪرن جو خداوند ٿو فرمائي تہ ڏس، آءٌ انهن کي پگهاريندس ۽ آزمائيندس؛ ڇالاءِ جو منهنجي قوم جي ڌيءَ جي سبب، ٻيو ڇا ڪريان؟


۽ مون گهڻو ئي ڳوليو تہ من انهن ۾ ڪو اهڙو ماڻهو هجي جو پناهہ جي ڀت جوڙي، ۽ انهي ملڪ لاءِ منهنجي اڳيان ڀڳل هنڌ تي بيهي تہ آءٌ کين ناس نہ ڪريان، پر اهڙو ڪوبہ مون نہ ڏٺو.


تڏهن هن مون کي چيو تہ اسرائيل ۽ يهوداہ جي گهراڻي جو گناهہ تمام وڏو آهي، ۽ ملڪ خون سان ۽ شهر بي انصافي سان ڀريو پيو آهي: ڇالاءِ جو هو چون ٿا تہ خداوند زمين کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ خداوند ڏسي نٿو.


پر اي داني ايل، تون پنهنجون ڳالهيون بند ڪر، ۽ پڇاڙيءَ جي وقت تائين پنهنجي ڪتاب تي مهر ڪر: گهڻا هيڏانهن هوڏانهن ڊوڙندا، ۽ علم زيادہ ٿيندو.


هو شهر تي ٽپي اچن ٿا؛ هو ڀت تي ڊوڙن ٿا؛ هو مٿان چڙهي گهرن منجهہ اچن ٿا؛ هو چور وانگي يردن مان لنگهي اچن ٿا.


۽ هو سمنڊ کان سمنڊ تائين، اُتر کان وٺي اُڀرندي تائين رُلندا وتندا؛ هو خداوند جو ڪلام ڳولڻ لاءِ هيڏي هوڏي ڊوڙندا، پر انهي کي ڪين لهندا.


۽ انهيءَ کي چيائين تہ ڊوڙ، ۽ انهيءَ جوان ماڻهوءَ کي چئُہ تہ يروشلم ڀتين بنا ڳوٺن وانگر، ماڻهن ۽ جانورن جي گهڻائيءَ سبب آباد ٿيندو.


سو نوڪر اچي پنهنجي مالڪ سان اُهي ڳالهيون ڪيون. تڏهن گهر جي مالڪ ڪاوڙجي نوڪر کي چيو تہ جلدي ڪري شهر جي بازارن ۽ گهٽين ۾ وڃ، ۽ غريبن، ۽ ٽُنڊن، ۽ انڌن، ۽ منڊن کي هتي وٺي اچ.


۽ برباد ٿيڻ وارن جي لاءِ ناراستيءَ جي هر طرح جي فريب سان ٿيندو؛ ڇالاءِ جو انهن سچ جي محبت اختيار نہ ڪئي تہ نجات ملين.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan