Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 49:3 - Sindhi Bible

3 اي حسبون واويلا مچاءِ، ڇالاءِ جو عئي لٽجي ويو آهي؛ اي ربہ جون ڌيئرون دانهون ڪريو؛ کٿا چيلهہ سان ٻڌو. روئو پٽيو، ۽ لوڙهن اندر هيڏي هوڏي ڊوڙو؛ ڇالاءِ جو ملڪوم، پنهنجن ڪاهنن ۽ اميرن سوڌو قيد ٿي ويندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

3 جڏهن دشمن اچي عمونين جي ڳوٺ عئيءَ کي تباهہ ڪندا، تڏهن اي حشبون وارؤ! اوهين واءِ‌ويلا مچائيندا. اي ربہ جا رهاڪؤ! اوهين بہ رڙيون ڪري روئندا، کٿا ڍڪيندا ۽ سوڳ ڪندا. اوهين ڊپ وچان ڪوٽ اندر هيڏانهن هوڏانهن پيا ڊوڙيندا، ڇاڪاڻ تہ اوهان جو معبود مولڪ پنهنجي مذهبي اڳواڻن ۽ سڀني عملدارن سميت جلاوطن ڪيو ويندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 49:3
28 Iomraidhean Croise  

۽ هيئن ٿيو تہ بهار جي موسم ۾ جنهن وقت بادشاهہ جنگ تي ويندا آهن، تڏهن دائود پنهنجن نوڪرن کي، ۽ سڀني اسرائيلين کي، يوآب سان گڏ ڏياري موڪليو، ۽ انهن بني عمون کي ماري چٽ ڪري ڇڏيو، ۽ ربہ کي گهيرو ڪيائون. پر دائود يروشلم ۾ ترسي پيو.


ڇالاءِ جو هنن مون کي ڇڏي ڏنو آهي، ۽ صيدونين جي ديوي عستارات، ۽ موآب جي معبود ڪموس، ۽ بني عمون جي معبود ملڪوم کي سجدو ڏنو آهي؛ ۽ هو منهنجن رستن تي نہ هليا آهن، ۽ جيڪي منهنجي نظر ۾ چڱو آهي سو نہ ڪيو اٿن، ۽ نہ منهنجن قاعدن، ۽ منهنجن فيصلن جي سنڀال ڪئي اٿن، جيئن هن جي پيءُ دائود ٿي ڪئي.


ڇالاءِ جو سليمان صيدونين جي ديوي عستارات، ۽ عمونين جي ڪراهت جهڙي بت ملڪوم جي پٺيان هلڻ لڳو.


۽ جيڪي قربانگاهون يروشلم جي اڳيان هيون، جي بربادي واري جبل جي سڄي هٿ پاسي، اسرائيل جي بادشاهہ سليمان صيدانين جي ڪراهت جهڙي بت عستارات، ۽ موآب جي ڪراهت جهڙي بت ڪموس، ۽ بني عمون جي ڪراهت جهڙي بت ملڪوم جي لاءِ جوڙايون هيون، تن کي بادشاهہ پليت ڪرائي ڇڏيو.


بيت ايل ۽ عيءَ جا ماڻهو، ٻہ سؤ ٽيويهہ.


اوهين ووءِ ووءِ ڪريو؛ ڇالاءِ جو خداوند جو ڏينهن نزديڪ آهي؛ اهو قادر مطلق وٽان موت وانگي ايندو.


اي دروازا، تون واويلا مچاءِ؛ اي شهر تون رڙيون ڪر؛ اي فلستين تون سڄي ساري پگهري ويئي آهين؛ ڇالاءِ جو اُتر مان دونهون ٿو اچي، ۽ انهن جي لشڪر مان ڪوبہ پوئتي ڪونہ رهجي ويندو.


بيت ۽ ديبون مٿانهين جاين ڏي روئڻ لاءِ ويا: نبو، ۽ ميدبا تي موآب واويلا ٿو ڪري: هنن سڀني جا مٿا ڪوڙيل آهن، ۽ سڀڪا ڏاڙهي ڪتريل آهي.


تنهن ڪري موآب، موآب جي لاءِ واويلا ڪندو، هرڪو ماڻهو واويلا ڪندو: قيرحراست جي ڪشمش جي ٽڪين لاءِ اوهين بلڪل بدحال ٿي ماتم ڪندا.


صور بابت ڪلام. اي ترسيس جا جهاز، دانهون ڪريو؛ ڇالاءِ جو هو اهڙو ويران ٿي ويو آهي جو اُتي ڪوبہ گهر يا دروازو ڪونهي: ڪتيم جي زمين مان انهي کي اها خبر ملي آهي.


اوهين لنگهي ترسيس ڏي وڃو؛ اي ٻيٽ ۾ رهندڙ، اوهين دانهون ڪريو.


انهي ڪري اوهين کٿو چيلهہ سان ٻڌو، ۽ روئو پٽيو ۽ واويلا مچايو: ڇالاءِ جو خداوند جي خوفناڪ ڪاوڙ اسان تان لهي نہ ويئي آهي.


لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا هيئن ٿو فرمائي، تہ ڏس، آءٌ نوَ واري امون، ۽ فرعون، ۽ مصر کي سندس معبودن ۽ سندس بادشاهن سان گڏ سزا ڏيندس؛ يعني فرعون کي ۽ انهي کي جي مٿس ڀروسو ٿا رکن.


موآب جي تعريف اڳتي نہ ٻڌبي: حسبون ۽ انهي جي برخلاف خرابي رٿي اٿن، اچو تہ اُن کي قوم ٿيڻ کان ڪپي ڇڏيون، اي مدمين، تون بہ چپ ڪرايو ويندين؛ ترار تنهنجي پٺيان پوندي.


موآب شرمندو ڪيو ويو آهي؛ ڇالاءِ جو اُهو ڀڃي ڀوري ڇڏيو ويو آهي: واويلا مچاءِ ۽ دانهون ڪر؛ اوهين ارنون ۾ خبر ڏجو تہ موآب ويران ٿي ويو آهي.


ڇالاءِ جو سڀڪو مٿو گنجو آهي، ۽ سڀڪا ڏاڙهي ڪتريل آهي! سڀني هٿن تي وڍ آهن، ۽ چيلهين تي کٿا آهن.


ڇالاءِ جو پنهنجن ڪمن ۽ پنهنجن خزانن تي ڀروسي رکڻ ڪري تون گرفتار ٿيندين: ۽ ڪموس، پنهنجن ڪاهنن ۽ پنهنجي اميرن سميت، قيد ٿي هليو ويندو.


بني عمون بابت: خداوند هيئن ٿو فرمائي، تہ اسرائيل کي پٽ ناهن ڇا؟ انهي جو ڪو وارث ناهي ڇا؟ تڏهن ڇو ملڪوم جاد جو مالڪ ٿيو آهي، ۽ ان جا ماڻهو انهي جي شهرن ۾ رهن ٿا؟


بابل اوچتو ڪري پيو آهي، ۽ ناس ٿي ويو آهي: اُن جي لاءِ واويلا مچايو؛ اُن جي سور لاءِ ملم کڻي وڃو تہ من هو ڇٽي چڱو ڀلو ٿئي.


اي منهنجي قوم جي ڌيءَ، تون کٿو چيلهہ سان ٻڌ، ۽ خاڪ ۾ ليٽ: ماتم ڪري زار زار روءُ: جيئن هڪڙي ئي هڪڙي پٽ لاءِ روئبو آهي؛ ڇالاءِ جو ڦرلٽ ڪرڻ وارو اوچتو اسان تي ايندو.


هنن جو بادشاهہ پنهنجي اميرن سوڌو قيد ٿي ويندو، خداوند ائين ٿو فرمائي.


۽ انهن کي بہ، جي گهرن جي کڏن تي آسمان جي لشڪر کي ٿا پوڄين؛ ۽ انهن کي بہ، جي سجدو ڪري خداوند جو عهد ٿا ڪن ۽ ملڪوم جو قسم ٿا کڻن؛


اي دولتمندو، هاڻي ٻُڌو؛ جيڪي مصيبتون اوهان تي اچڻيون آهن، تن جي ڪري اوهين روئو ۽ رڙيون ڪريو.


۽ يشوع يريحو مان عئيءَ ڏي ماڻهو موڪليا، جو بيت ايل جي اُڀرندي پاسي بيت آون سان لڳ آهي، ۽ انهن کي چيائين تہ اوهين چڙهي وڃي اُهو ملڪ ڏسو، ۽ انهن ماڻهن وڃي عئي ڏٺو.


پوءِ خداوند يشوع کي چيو تہ ڊڄ نہ، نڪي حيران پريشان ٿيءُ: سڀ جنگي مرد پاڻ سان کڻ، اُٿ ۽ عئيءَ تي چڙهي وڃ: ڏس مون عئيءَ جو بادشاهہ، ۽ سندس قوم، ۽ سندس شهر، ۽ سندس زمين تنهنجي هٿ ۾ ڏني آهي:


۽ يشوع عئي کي ساڙي هميشہ جي لاءِ ڍير ڪري ڇڏيو، ۽ اُهو اڄ ڏينهن تائين ويران آهي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan