Biblia Todo Logo
Bìoball air-loidhne

- Sanasan -




يرمياہ 48:9 - Sindhi Bible

9 موآب کي کنڀ ڏيو تہ اُڏامي وڃي، ۽ ان جا شهر اهڙا ويران ٿيندا جو ڪوبہ انهن ۾ رهڻ وارو ڪونہ هوندو.

Faic an caibideil Dèan lethbhreac

Muslim Sindhi Bible

9 هاڻ ڀلي اوهين پنهنجي ملڪ موآب تي لوڻ ڇٽي ڇڏيو، ڇاڪاڻ تہ ان جا شهر اهڙا تہ ويران ٿي ويندا، جو ڪوبہ انهن ۾ رهڻ وارو ڪونہ هوندو.“

Faic an caibideil Dèan lethbhreac




يرمياہ 48:9
8 Iomraidhean Croise  

منهنجو ڀروسو خداوند تي آهي، اوهين منهنجيءَ جان کي ڪيئن ٿا چئو تہ پکيءَ وانگي پنهنجي جبل ڏانهن اُڏامي وڃ؟


مون چيو تہ شل مون کي ڪبوتر جهڙا کنڀ هجن ها، تہ جيڪر اُڏامي وڃي آرام ڪريان ها.


ڇالاءِ جو موآب جون نديون ارنون جي لانگهن وٽ اهڙيون ٿينديون جهڙا گهمندڙ پکي، ۽ جهڙو پکيڙي ڇڏيل آکيرو.


جنهن ڪري اوهان جن ڪمن جي بڇڙائي سبب، ۽ جيڪي ڪراهت جهڙا ڪم اوهان ڪيا آهن تن جي سبب خداوند وڌيڪ صبر ڪري نہ سگهيو؛ تنهن ڪري اوهان جو ملڪ ويران، ۽ حيرت، ۽ لعنت ٿيو آهي، ۽ منجهس ڪوبہ رهڻ وارو ڪونهي، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي.


اي ڌيءَ، تون جا مصر ۾ رهين ٿي، سا قيد ۾ وڃڻ لاءِ پاڻ کي تيار رک: ڇالاءِ جو نوف ويران ٿيندو، ۽ ساڙيو ويندو، ۽ منجهس ڪوبہ رهڻ وارو ڪونہ بچندو.


اي موآب جا رهاڪو، شهرن کي ڇڏي وڃي ٽڪر ۾ رهو؛ ۽ انهي ڪبوتر جهڙا ٿيو جو غار جي منهن جي پاسن ۾ پنهنجو آکيرو جوڙي ٿو.


تنهنڪري لشڪرن جو خداوند، اسرائيل جو خدا ٿو فرمائي، تہ مون کي پنهنجي حياتيءَ جو قسم آهي تہ موآب ضرور سدوم جهڙو ٿيندو ۽ بني عمون عمورہ جهڙو؛ يعني ڪنڊن جي جاءِ، ڪلر ۽ مدامي ويراني ٿيندو: منهنجي قوم جا باقي بچيل ماڻهو انهن کي ڦُريندا لُٽيندا، ۽ منهنجي اُمت جا باقي رهيل ماڻهو انهن جا وارث ٿيندا.


۽ زال کي وڏي عقاب جا ٻہ پر ڏنا ويا، انهي لاءِ تہ نانگ جي منهن کان ٽري اُڏامي بيابان ۾ پنهنجيءَ جاءِ تي وڃي، جتي هڪڙي زماني ۽ زمانن، ۽ اڌ زماني تائين سندس پرورش ٿيڻي هئي.


Lean sinn:

Sanasan


Sanasan