4 موآب ناس ٿي ويو آهي؛ ان جي ننڍڙن ٻارن جي دانهن پئي ٻڌجي.
4 موآب ٽڪرا ٽڪرا ڪيو ويندو، انهيءَ ملڪ جي ٻارڙن جون رڙيون پيون ٻڌبيون.
انهن خطن ۾ بيان هو تہ بادشاهہ سڀ ڪنهن شهر جي يهودين کي اجازت ڏني آهي تہ اچي گڏ ٿين، ۽ پنهنجي حياتيءَ لاءِ کڙا ٿين، ۽ پرڳڻي مان، ۽ ماڻهن مان جيڪي طاقت وارا شخص مٿن، ۽ سندن ننڍن ٻارن، ۽ زالن تي ڪاهہ ڪن، تن کي ناس ڪن، ۽ ڪُهن، ۽ چٽ ڪرائين، ۽ اُنهن جو مال متاع لٽي ڦري وڃن.
مبارڪ اُهو ٿيندو جو تنهنجي ٻارن کي وٺي پٿرن تي هڻندو.
ڀلي تہ اهو ماڻهو اُنهن شهرن جهڙو ٿئي، جنهن کي خداوند اونڌو ڪري ڇڏيو آهي، ۽ انهي کان پشيمان نہ ٿيو: ۽ ڀلي تہ اُهو صبح جو دانهن ۽ ٻنپهرن جو خوف جي خبر ٻڌي؛
حورونايم مان دانهن جو آواز ٿو اچي! لٽ ڦر ۽ وڏي مصيبت!
ڇالاءِ جو لوحيت جي چاڙهيءَ کان هو رئندا مٿي ويندا؛ حورونايم جي لاهيءَ تي هنن موت جي دانهن جو ڏک ڀريو آواز ٻڌو آهي.